|
چار اپريل دنيا جي ٻن عظيم شخصيتن جي ورسي جو ڏينهن آهي. جن
پنهنجي پوئتي پيل قومن کي اپ لفٽ ڪري زمين کان آسمان تائين
پهچائي ڇڏيو. ڳڙهي خدابخش جي چيڪي مٽي ۾ مدفون شهيد ڀٽو، جنهن
مارشل لائن جي عتاب ۾ آيل پاڪستان جي عوام کي سياسي شعور ڏنو.
ماس ڪميونيڪيشن جي حساب سان شهيد ڀٽو سياسي معنيٰ
۾ پاڪستان جي ننڊ ۾ پيل عوام کي ايڏي مهارت سان شعور ڏنو، جيڪو
گذريل 60 سالن جي عرصي ۾ ڪڏهن به نه ٿي سگهيو.
اهڙي طرح آمريڪا جهڙي ترقي يافته معاشري ۾ ڪارن جي سياسي سجاڳي
لاءِ مارٽن لوٿر ڪنگ جيڪو ڪم ڪيو اهو به مثالي آهي. مارٽن لوٿر
ڪنگ آمريڪا جي ڪاري نسل کي سماجي ۽ سياسي طور جدوجهد ذريعي
جيڪو اپ لفٽ ڪيو، ان جو مثال امريڪي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.
نظام جي تبديلي سڀ کان ڏکيو هجي ٿو، جڏهن ته اڳوڻيون قبضيدار
قوتون ڪنهن به صورت ۾ نظام جي تبديلي جهڙو ڏکيو عمل ڪنهن به
صورت ۾ قبولڻ لاءِ تيار نه هونديون آهن. اهوئي سبب آهي جو شهيد
ڀٽو جڏهن پاڪستان جي عوام کي جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي
پيڙهيل ماڻهن کي انهيءَ حد تائين وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جو
صدين کان ذهني غلامي ۾ ورتل عوام پنهنجي آقائن جي خلاف بغاوت
جو اعلان ڪري ويٺو. 1970ع واري چونڊ انهيءَ نظرياتي انقلاب جو
ابتدائي حصو هئي. 1970ع کان اڳ پاڪستان جي سياست ۾ اهڙي عوامي
قسم جي سياست جو رواج ئي نه هو.
هزارين ۽ لکين ماڻهن جي جلسن ۾ عوامي مسئلا بحث ۾ آڻڻ ان کان
اڳ ۾ ماڻهن تصور به نه ڪيو هو. ان ڪري شهيد ڀٽي کي عدالتي قتل
ذريعي عوام کان هٽايو ويو.
ساڳئي طرح مارٽن لوٿر ڪنگ پڻ جڏهن آمريڪا ۾ ڪارن ۾ سجاڳي آڻي
آمريڪا جي گوري آبادي سان گڏ آڻي بيهاريو، اهو ڪم ڪنهن انقلاب
کان گهٽ نه هو. اهوئي سبب هو جو قبضيدار قوتن مارٽن لوٿر ڪنگ
کي قتل ڪري هن کي پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيو.
اسان جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان ۾ 29هين ورسي
ملهائي رهيا آهيون، انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي آمريڪي عوام مارٽن
لوٿر ڪنگ جي 40 ورسي ملهائي رهيو آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ جو چوڻ
هو ته منهنجو اهو خواب آهي ته سڀاڻي جي آمريڪا اهڙي هجي جنهن ۾
منهنجي ٻارن کي رنگ جي بنياد تي نه پر ان جي عمل ۽ اخلاق جي
بنياد تي پسند ۽ ناپسند ڪيو وڃي.
آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي ماڻهن کي آفريڪي ملڪن مان غلام طور
آمريڪا ۾ آندو ويو. انهن غلام نسل وارن ماڻهن کي سجاڳ ڪري
انهيءَ حد تائين وٺي وڃڻ جو هو پنهنجي آقا سان اکيون اکين ۾
ملائي سگهڻ جي همت ڪري ويا. اهڙيون ڪرشماتي شخصيتون ئي هجن
ٿيون، جيڪي پٺتي پيل عوام ۾ روح ڦوڪي آسمان تي کڻي وڃڻ جو هنر
ڄاڻن ٿيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهڙو هنر ڄاڻندڙ سياستدان
هو، جنهن گوڏ ٻڌل هارين ۽ مزدورن کي ڀوتارن، سيٺين سان اکيون
ملائي ڳالهائڻ سيکاريو هو.
اخبار به نه پڙهي سگهندڙ اڻ پڙهئي عوام کي شهيد ڀٽي عوامي جلسن
ذريعي سڌو سنئون رابطو ڪيو هو. ان کان اڳ ۾ پاڪستان جي عوام
ايڏي وڏي سطح جي ليڊرشپ کي ائين روبرو ڪڏهن به نه ٻڌو هو.
اهوئي سبب هو جو ڊرائنگ رومي سياستدان هڪ ئي ڌڪ ۾ ڌوپجي ويا
هئا. پوئتي پيل عوام کي سجاڳي ڏيڻ وارو ڪم پيغمبرن جي سنت وارو
ڪم هجي ٿو. جڏهن عوام هڪڙو دفعو پنهنجي سجاڳي جو مزو چکي وٺي
ٿو، ته انهيءَ عوام کان اها سجاڳي ڦرڻ سڀ کان ڏکيو ڪم هوندو
آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ جي ڊڪٽيٽرن کي انهيءَ ڏکئي
ڪم ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي آيل
سجاڳي کي آمر ضياءَ کان وٺي اڄ جي آمر تائين ڪئين ڪرتب ڪري
عوام کي منجهائي ماريو ويو آهي. پر عوام پنهنجي سياسي سجاڳي
واري عمل تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيو آهي.
آمريڪي معاشري ۾ ڪارن جي سياسي ۽ سماجي حقن جي ڳالهه ڪندڙ
مارٽن لوٿر کي گولي هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو، ته انهيءَ امريڪي
معاشري ۾ جڏهن پهريون دفعو ڪاري نسل جو اوباما صدارتي اميدوار
ٿي سامهون آيو آهي. امريڪا جي سجاڳ ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جي
ڳڻتي ورائي وئي آهي ته ائين نه ٿئي ته جڏهن اوباما وڌيڪ مضبوط
اميدوار بنجي وڃي ته ان مان به جان ڇڏائڻ لاءِ وري ڪنهن گوليءَ
جو سهارو ورتو وڃي.
قبضيدار ڌريون ايڏيون ته اکيون پور هجن ٿيون جو هو پنهنجن
مخالفن کي منظر عام تان هٽائڻ لاءِ انهيءَ حد تائين وڃڻ ۾ به
ڪو عيب نٿيون سمجهن. شهيد ڀٽي کي هڪ آمر جڏهن عدالتي فيصلي
ذريعي قتل ڪيو ته عوام جي سجاڳي اڳيان ديوار بڻيل ڌرين شهيد
ڀٽي جي نياڻي بينظير ڀٽو کي پڻ شهيد ڪري ڇڏيو.
پر انهن قاتلن جي اها ڀل آهي ته ڪو هو انهيءَ عمل سان عوام کي
حاصل سياسي سجاڳي به واپس وٺي سگهن ٿا. |