www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

ورندو امن جو واءُ 

اليڪشن جي موسم هئي هر طرف چهچٽو لڳو پيو هو هرڪو پنهنجي پسند جي اميدوار جي ورڪ ۾ رڌل هو هر هنڌ بينر ۽ وال پوسٽر لڳل هئا ڀتين جو ڪوبه ٽڪرو خالي نه هو ڀتيون بينرن ۽ وال پوسٽرن سان ڀريل هنيون هر ڪنهن جي تمنا هئي ته اسان جو اميدوار کٽي اڪبر جو دوست اصغر به اليڪشن ۾ بيٺو هو هي هن جي ورڪ ۾ رڌل هو هڪ ڏينهن اڪبر کي سندس پيءُ چيو ته سڄو ڏينهن پيو ورڪ ڪرين ان مان توکي ڪهڙو لاڀ ملندو جنهن تي هي چوندو هو ته بابا جڏهن عوامي ۽ محنتي ماڻهو اليڪشن کٽي ايندا تڏهن ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا روڊ رستا ٺهندا ماڻهن جون مشڪلون ختم ٿينديون شهر ترقي ڪندا ووٽ هڪ امانت آهي .اصغر جي آئون ورڪ ڪري رهيو آهيان هو منهنجو دوست ۽ پنهنجي پاڙي جو آهي بابا اوهان کي ته خبر آهي ته هن سدائين ٻين جي مدد ڪئي آهي هن سماجي ڪم ڪيا آهن پاڻ ڏک سهي ٻين کي سک ڏنا آهن ٻين جي مدد ڪئي آهي هي اليڪشن ۾ کٽي ايندو ته فائدو ٿيندو جنهن تي هن کي پيءَ چيو ته پٽ ماڻهو چون ٿا ته اليڪشن ۾ جھيڙا ٿيندا آهن جنهن تي هن چيو ته بابا جھيڙا نه آهن ٿيندا . آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن ماڻهن کي پنهنجو ووٽ ڏئي پنهنجي پسند جو اميدوار چونڊڻو هو .اڪبر ان ڏينهن به سرگرم هو ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ وٺي اچي رهيو هو جيئن ماڻهو پنهنجي ووٽ کي استعمال ڪري سگھن . هن کي ان دوران اوچتو اطلاع مليو ته هن جي پيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي هي ڪم ٻين جي حوالي ڪري پيءَ کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو ڊاڪٽر هن جي پيءَ کي چيڪ ڪري دوائون لکي ڏنيون ۽ چيو ته دوائون شھر مان ملنديون هي پيءَ کي ڇڏي شھر مان دوائون وٺڻ ويو جنهن گھٽيءَ مان هي گذري رهيو هو اتي جھيڙو ٿي پيو هن سوچيو ته جھيڙي مان ڇا ورندو وري به نقصان کان پوءِ صلح ٿيندو پر جاني ۽ مالي نقصان ته ٿيندو هي انهن ئي سوچن ۾ وڃي رهيو هو ته هڪ لٺ هنجي مٿي ۾ لڳي هي ڪري پيو هن کي اسپتال پهچايو ويو . جتي هي بيهوش  هو .شام جو جڏهن نتيجو آيو ته هن جو دوست کٽي ويو سڀ هن کي مبارڪ ڏيڻ آيا پر اڪبر نه آيو هن کي پريشاني ٿي جڏهن هن کي خبر پئي ته اڪبر جيئن شھر ويو آهي وري واپس نه آيو آهي هن به شھر جو رخ ڪيو اتي هن کي خبر پئي ته هن جو دوست اسپتال ۾ داخل آهي اهو زخمي آهي جڏهن اڪبر کي هوش آيو ته هن پنهنجي دوست کي اداس ڏٺو هن سمجھيو ته اصغر هارائي ويو آهي تنهن ڪري اداس آهي هن همت ڪري اصغر کي چيو غم نه ڪر وري اليڪشن ۾ بيهنداسين هيءَ جيڪا نفرت آهي ان کي ختم ڪنداسين هن اڪبر کي ڀاڪرن ۾ وڏو ۽ چيو يار پاڻ کٽي ويا آهيون مون کي اهو فڪر آهي ته توکي ڪنهن هن حال ۾ پهچايو آهي تو ته ڪنهن کي به ڏک نه ڏنو آهي جنهن تي اڪبر چيس هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو نفرت مري ويندي محبت جيئندي هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن امن جو پکي مٺيون ٻوليون ٻوليندو ان لاءِ پاڻ کي جدو جهد ڪرڻي پوندي ائين ٻئي هڪ ٻئي سان گلي مليا ۽ رب کان دعا گھرڻ لڳا ته اي الله هن ڌرتيءَ کي امن جي ڌرتي بنائي هن ۾ رهندڙن ماڻهن جي دلين ۾ محبت جا ديپ جلائي .

April 29, 2008

 

Name

 خادم گھراڻو

Occupation

Writer

City

 

Interests

 

 

Contact

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Stories

پيار پريت

مسز ماستر

خود ڪشي

پن ڇڙ

جذبو

خوشين ڀري عيد

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan