www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

 Profile

استاد، سنڌ ۽ وچن

1989-90 ۾ ٻالڪ ادبي سنگت جي نالي سان ڪجهه دوستن گڏجي هڪ تنظيم جوڙيسين ۽ ٻاراڻي عمر هئڻ ڪري گهڻي وندڪائيءَ مان ڀرپور فائدو وٺندي، تنظيم کي هلائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندا هياسين. صڀح کان رات تائين اديب ٿيڻ جو جيوڙو پيو دماغ ۾ ڦرندو هيو. سڀ پاڻ ۾ هڪ جيترا گڌيا هياسين. پنهل، بلال بروهي، گلشن شيخ، عبدالله شجاع سنڌي، ضمير ٻٻر ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست جيڪي هيئنر ناليوارا اديب، تعليمدان ۽ صحافي بڻجي چڪا آهن. تڌهن سنڌ جي ناليواري شاعر واجد مرحوم سان ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ڌاڍا خوش ٿيندا هياسين ساڻس ملي. تن ئي ڏينهن ۾ بلال بروهي اچي ٻڌايو ته استاد بخاري لاڙڪاڻي ۾ آيو آهي ۽ عبدالحميد ابڙو جج صاحب جي اوطاق تي ترسيل آهي. استاد سان ملڻ جو اهڙو شوق هو جنهن جو ڪو اندازو ئي ڪونه هو. مون بنا دير پنهل کي ساڻ ڪري باقي دوست ڪٺا ڪيا ۽ ٻالڪ ادبي سنگت جو وفد ٺاهي استاد بخاري سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ جج صاحب جي اوطاق تي پهچي وياسين.

 سياري جي موسم هئڻ ڪري استاد گرم ڪمبل ويڙهيو بيڊ تي ويٺو هو ۽ ڀر ۾ سفري ٿيلهو رکيل هيس. استاد جو اسان ننڍي عمر وارن سان ملڻ جو انداز اهڙو دوستاڻو هو جو تعارف ڪرائيندي ساڻس هجائتا ٿي وياسين ۽ پاڻ کي سندس ڪٽنب جو ڀاتي سمجهڻ لڳاسين.  ويٺي ويٺي ڪچهري ادبي گڏجاڻي بڻجي وئي. استاد پيءُ جي شفقت جهڙو ورتاءُ ڪندي اسان کان پڙهائيءَ متعلق سوال ڪيا ۽ پڙهائيءَ مڪمل توجهه ڏيڻ لاءِ نصيحت ڪندي چيائين ” دوستو مان هڪ استاد ۽ شاعر هئڻ سان گڏ هڪ پيءُ به آهيان. ۽ ڪڏهن به پنهنجن تنهي ڪمن ۾ ڪوتاهي ناهي ڪئي منهنجا ٻار پڙهائي ۾ تمام گهڻو هوشيار آهن ايئن نه ٿئي جو توهان اديب ٿيڻ جي شوق ۾ پڙهائيءَ کي وساري ڇڏيو. سڀ کان اول اسڪول جو ڪم معد ۾ ادب ان کان پوءِ اسان کان پنهنجا پنهنجا شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪيائين واري واري سان اسان سڀني پنهنجون ڪچيون پڪيون لکڻيون ٻڌايون سينئ استاد ڏاڍو خوش ٿيو اسان به کيس عرض رکيوسين ته ڪجهه ٻڌايو. مرڪندي ڀوڳ ڪيائين ” چالاڪ نه ٿيو، زيب سنڌيءَ جي بڪ اسٽال تان منهنجا ڪتاب خريد ڪري پڙهو“ ٻي لمحي ڀَرَ ۾ رکيل ٿيلهو کولي پنهنجو نئون ڪتاب ڪڍي چار شعر ٻڌايائين جيڪي ان وقت سمجهڻ ۾ اسان جي پهچ کان مٿانهان هئا پر مڙوئي واه واه ڪئي سين، اهڙي طرح ڪلاڪ کن جي ڪچهريءَ کان پوءِ جڏهن موڪلائڻجو وقت آيو ته مون ٻالڪ ادبي سنگت جي پيد جو پنو سندس آڏو رکندي کيس آٽوگراف لاءِ عرض ڪيم. استاد پنو وٺي هيٺيون سٽون لکي ڏنيون. 

هير اوٿر، ماڪ قلزم چڻنگ باهه

ڪو ڪڻو ڪاٿي رسي ڪاٿو نه هو.

 

زندگيءَ تي ناهي ڪوئي ڀروسو

سنڌ کي ٺاهي وٺو، ٺاهي وٺو.

 اڄ انهيءَ استاد بخاري جي ورسي آهي ۽ يقينن هزارين دلين ۾ وسندڙ استاد بخاريءَ کي مري ويل نٿو چئيسگهجي ڇاڪاڻ جو مري اُهي ويندا  جن کي وساري ڇڏبو آهي چاهي اُهي حال حيات ڇنه هجن. جنهن سان نيهن جو ناتو هجي ۽ هيئن ۾ وسندو هجي، جنهن کي بار بار ياد ڪيو ويندو هجي ۽ جنهنجو نالو عقيدت ۽ احترام سان ورتو ويندو هجي اُهو مئل هرگز ناهي ليکبو. استاد بخارءَ سان اسان جي عقيدت اهڙي ئي آهي جهڙي شاهه، سچل ۽ ساميءَ سان ۽ جهڙي بيدل، بيوس ۽ بيڪس سان.

ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ  ۽ ان کان پوءِ آدم جو زمين تي لهڻ خود بخود هڪ بيغامبري سلسلو آهي ۽ اهڙو سلسلو نٿو لڳي ته ڪو ختم ٿي ويو آهي.  پيغامبري جو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهيندو جيسيتائين ظلم، ظالم ۽ ڪفر قائم آهي. پيغامبر اهو آهي جيڪو دنيا وارن کي مثبت سوچ ڌي، جيڪو دنيا وارن لاءِ هڪ مسيحا بڻجي پوي، جيڪو پنهنجي پنهنجي قوم کي زندگيءَ جي صحيح رُخ ڏانهن هلائڻ لاءِ بيغام ڏيڻ جو ڏانءُ رکندو هجي. اهڙو ئي هڪ پيغامبر اسانجو استاد بخاري به آهي جيڪو شاهه صاحب کان وٺِي پاڻ تائين واري سلسلس جي هڪ ڪڙي آهي. استاد مذهبي ڪٽرپڻي ۾ انسانيت جي دشمن بڻجي ويل دستور کان ڪهين ڏور آهي، محبت سچ ۽ سونهن کي پنهنجي ساهه جيترو ويجهو ٿوڀائين. جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت کي پنهجو ايمان ٿو ڀائين سو بنا ڊپ جي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته: 

منهنجو مذهب ڌار، دنيا جي دستور کان،

استاد اندر سانڍيو، سونهن ڀريو سنسار

جنهن جو نالو پيار، تنهنجي پوڄا پئي ڪبي. 

استاد بخاري جو جيءُ تڏهن جُهري ٿو پوي جڏهن سنڌ ۾ جهالت کي گهر ڪري ويندي ڌسي ٿو.  جڏهن سنڌي نياڻين کي ڪاتن، ڪهاڙن ۽ بندوقن جي ضد ۾ اچي ويندو ڏسي ٿو، جيڪو جڏهن لالچ ۽ لوڀ ۾ ڦاٿل سنڌيءَ کي بي غيرت ٿيندو ڏسي ٿو. تڏهن هڪ ڊگهو ساهه ڀريند لکي ٿو وٺي ته: 

هڪ طرف هِن جي خطا ڦٿڪي پئي

ٻئي طرف هن جي وفا ڦٿڪي پئي

ڪا گھڙي کن ڄڻ قضا ڦٿڪي پئي

هڪ سزا وار جي سزا ڦٿڪي پئي

ڇوته هوءَ بدڪر هئي، ڪري هئي

پنهنجي هڪ غيور ڀاءُ مري هئي.

 

هو جنازو جنهن کٽولي تي کنيو،

هڪ نه ڪي رنگين نه جنڊي لٿل

ٻاهران لڙڪيون پئي نوڙيون ڇنل

ڄڻ ته سالن کان هنيون اُس ۾ سڙيل

ڇوته هوءَ بدڪري هئي، ڪاري هئي

پنهنجي هڪ غيور ڀاءُ ماري هئي

 

قتل ٿيو هو، مت ٿيا، ٿيا ڇا نه ها!

پوءِ به ڪو ماتم نه هو پٽڪا نه ها!

شور غل، اوسر نه ها، واڪا نه ها!

يا حسين ڙي يا حسين، هوڙا نه ها!

 

لاش هن جي کي کنيائون چپ چپات

چپ امڙ، چپ ڀيڻ، چپ سوٽ ۽ ماسات

ڏينهن هو پر ڄڻ ته هئي بيهاهه رات

ڪن ها لاشي ڌڻين کي به پر نه وات

 

ڪنهن به هڪڙي اک ۾ ڳوڙهو نه هو

ڪٿ به ڪوڙو ئي مگر سڏڪو نه هو

وات تي رسمي سهي ڪلمو نه هو

ڪاٺ هو کٽ تي مگر لاشو نه هو

 

هو جنازي جي مٿا ميرو لٽو

 ريشمي چادر نه ڪو پٽ جو رئو

ڇا بدن نازڪ ۽ ڇ کهرو کٿو!

لاش هي ڪنهن ڪنوار جو آ ڇا پتو؟

 

شهر ۾، گهر گهر ۾ هن جي گفتگو

قتل هن جي جو هو چرچو چارسو

ڇا رکيو، رمضان ڇا سوڍو، سچو

ڪنهن پئي لک لعنت ڪئي ڪنهن آخ، ٿو

 

ڪو ته هن جون ڇاتيون چوسي ها!

هن جي جهوليءَ ۾ ڪري جهولي ها!

ڪاش ڪو هن لئه ورُ ڳولي به ها!

چوته هوءَ بدڪار هئي، ڪاري هئي

پنهنجي هڪ غيور ڀاءُ ماري هئي

 

ڪنهن کي مان شاباس چوان، رحمت چوان

ڪنهن کان نفرت ڪيا، لعنت وجهان

ڇونه حيرت ۾ پوان عبرت وٺان

شل خدا بخشش ڪري هر دم مٿان

ڇوته هوءَ بالغ هئي ڪنواري هئي

۽ انهيءَ غيور ڀاءَ ويهاري هئي 

نه رڳو اهو پر پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ۾ وچن ڪري ٿو اهڙو جنهن جو مثال نٿو ملي:

 ها جڏهن ۽ جتي ديس جي دنگ تي جوٽڻي جوٽجي

مونکي منهنجي قبر مان بکوٽي ڏجو

منهنجو نالو لکو، منهنجو نالو لکو

ديس لاڙهي مرڻ واري کي شهيد سڏبو آهي پر استاد بخاريءَ کي ڪهڙو لقب ڏجي  جيڪو مئي پڄاڻان به ڌرتيءَ جي دنگ تي جنگ جوٽيندڙ جوڌن سان گڏجي وڙهڻ لاءِ تيار بيٺو آهي!!!!

Uploaded on www.mehranmag.com on October 10, 2008

 

Mumtaz Joyo

ممتاز جويو

Born

 

City

Larkana, Sidh, Pakista

Profession

Shopkeer

Author

Spouse

 

 

Children

 

Published Book

Contact

 

Tel: no.

Cell no.

+92-332-2772365

email

 

 

 

   پنهل جي شاعري جو اڀياس

هڪ نام نهاد غيرتي جو علامتي انٽرويو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
Mazhar Ali Abro, SindhSoftTech Larkana,Pakistan