|
الله تعالي طرفان پيدا ڪيل هن پوري ڪائنات جو ذرو ذرو سندس
طرفا ٺهيل سونهن سان سرشار آهي، جنهن ۾ هزارين گل گلابي پنهنجو
محبوبي منهن لڪائي برپٽ کي واس ڏين ٿا. جن مان سڄي سنسار کي
سڳنڌ ملي ٿي. اسان جي سٻجڙي سندڌڙي به اهڙن املھ ماڻڪن جي کاڻ
۾ اهڙن من موهيندڙ گلن جو چمن آهي. انهنءُ چمن ۾ هڪ سُندرتا ٿر
به آهي. ٿر جيڪو سڄو ريگستاني علائقو آهي، جتي هر طرف واريءَ
جو ڀٽون آهن، انهيءَ ريگستاني ميدان تي هوا پنهنجا اهڃاڻ لهرن
وانگر ڇڏيندي نظر ايندي آهي. هتي جي زندگي ڏاڍي ڪٺن ۽ سادي
آهي.
ننڍين جھوپڙين ۽ پکن جي ٺهيل گھرڙن ۾ اٻوجھه ۽ مسڪين ٿري
ويچارا اُسن ۽ لُکن جا لوساٽيل، گرميءَ جا گھايل، بک ۽ اُڃ جا
ستايل جڏهن تاٿري جي تنوار ٻڌن تڏهن هر هٿن ۾ کڻي زمين جي سيني
چيرڻ ۽ اُن ۾ اُميد جو اَن پوکڻ جي تياري ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته
زندگيءَ جو گذارو وسڪاري تي آهي. وسڪاري کان سواءِ سڄي زندگي
بيڪار آهي. ٻيو ڪو به واهر وسيلو نه آه. سندن اميدون سدائين
اهنيءَ وسڪاري تي آهن. وسڪاري کانسواءِ اتي ڪجھ به نه آه. اهي
اميد تي رحمت جو وڏ ڦڙو نصيب ٿئي.
سنڌ ساڻيھه سان سڪ ۽ پاٻوھه اکندڙ، الفت ۽ امن جي پيمبير، محبت
۽ اخوت جي علمبردار ڀلاري ڀٽ ڌڻي۽ جو سڄيءَ سنڌ سان بي انتها
پريت ۽ پيار هو.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
انهيءَ پريت ۽ پيار سان وري ٿر جي ماروئڙن، مسڪينن، مٻاجھڙن ۽
سادڙن ماڻهن سان پيار ڪجھ وڌيڪ هو. شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه
ٿر جي منظر نگاري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي آه. ڇوته شاھه سائين
سڄي ٿر جو سير ڪيو آهي، جيئن رائڪ، لوتڙي، ڏر، ڊٽ، کائر، پت،
پڊام، ڪارو، سامرو، مهراڻو، ونگو، پراڻا، ماڪاڻاڻي وغيره اچي
وڃن ٿا.
ڌيئي ريج رائڪ کي ڪيائين لوتڙي لل،
ڏلهي ڇڏيائين ڏر کي پاڻي ڀرائين پل،
آندائين آب اڇل، موڪل ٿي مينهن کي.
شاه لطيف ٿر جو پنهنجي رسلاي م سر مارئي ۽ سر سارنگ ۾ ڪيو
آهي. اهنهن ٻنهي سرن ۾ ٿر جو مڪمل منظر چٽيل آهي.
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برج سين،
سازسرنگيون سرندا، وڄائين برچنگ،
صراحيون سارنگ، پلٽيون واٽ پڌام تي.
ٿري ماڻهو مينهن جي اوسيئڙي ۾ هر وقت رڌل هوندا آهن، جڏهن ٿر
جي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڪر کڻڻ لڳندا آهن تڏهن سندن دلين ۾ خوشين
جا رابيل ٽڙي پوندا آهن. من جي ميدان تي اميدن جا سلا اسرڻ
لڳندا آهن. منهن تي مينهن جي پکي تاڙي جو آواز ٻڌڻ لاءِ
واجھائيندا آهن. جڏهن تاڙي جي تنوار تن جي تمبوري جي تارن کي
ڇيڙيندي آهي تڏهن خوشيءَ جا احساس کين نچڻ ڳائڻ تي مجبور ڪندا
آهن. شاھه صاحب سندن اها ڪيفيت پنهنجي نظر ۾ هن ريت بيان ڪئي
آهي.
سارنگ سينگاري وڄون وسڻ ائيون،
مون کي کنوڻ خوش ڪيو جا ڪڪر ۾ ڪاري.
جھڙن جھونگاري، لاٿم ڪٽ قلوب تان.
جھڙيءَ طرح سومونڊي سپ کاري پاڻيءَ مان منهن ڪڍي ميهن جو قطرو
ڳهي ان مان لعل پيدا ڪندي آهي، اهڙي طرح ٿر جي اڃايل مٽي مينهن
جي پاڻيءَ کي پنهنجي جيءُ ۾ جاءِ ڏئي پنهنجي سيني مان سنگھارن
لاءِ سک جو سامن مهيا ڪندي آهي. شاه سائين فرمايو ته
وٺو مينهن وڏڦڙو، سر ڀريائين ساھه،
ڏيئي پتن پاھه، ڀريئين ڪن ڪراڙ جا.
مينهن پوڻ جي ڪري ٿر جي بيابانن ۾ زندگءَ ساوڪ ئي ساوڪ ايندي
آهي، نظاريا اکين کي ٿڌاڻ بخشيندا آهن، پکي، پکڻ، جيت، جڻا،
مال متاع سڀ متارا ٿي ويندا آهن، اهنيءَ منظر لاءِ شاه سائين
فرمايو ته
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
پرھه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سينگھاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون، ٻولايون لاتيون،
ٻانهيون ٻريون، پکي سنهن پانهنجي.
سانوڻ جي مينهن کان پوءِ جيڪي ٿر ۾ کاڌي جون شيون ۽ ميوا پيدا
ٿين ٿا تن ۾ ڦنگيون، کنڀيون، ميها، پڀڙ، سڱر، پيون، ڏونرا،
ماکي، پيرون، ساڳ، پير، سائون، وندير، آراڙي ۽ ٻاجھري وغيره
شامل آهن
ميه، پڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀئي ٿوڪ،
لاهين مٿان لوڪ، ڏورائي جا ڏينهڙا.
ٿر جي بيابانن برن جو ڀٽيون جھانگين جي جو ۽ ڀلي ۽ ڀلاري آهي،
جتي ملير جي مارئيءَ جنم ورتو. هن مولوند ماروئڙن ۽ مڙني ٿر جي
ٿاريلن جو منهن مٿانهون ڪيو. هن وٽ ساڻيھه جي سڪ، وطن جي حب،
ماروئڙن سان محبت ۽ قومي غيرت هئي. هن بيوس باندياڻيءَ عمر جي
ڪوٽ ۾ رهي ڪري شاهاڻي عيش ۽ آرام کي پٽيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو.
هيءَ ننگ وتي ۽ سيل نڀائي ڪي ڏهاڙا ڪوٽ جي قيد م گھاري ملير
موٽي آئي. ڀٽ ڌڻيءَ مارئيءَ جي روپ م فرمايو
قسمت قيد قوي، نا ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
آڻي لکئي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هي.
پرچي ڪين پنوهري ري، جان جسو ۽ جي،
راجا راضي ٿي، ته مارن ملي مارئي.
شاه سائين ٿر جي سونهن ۾ مارئي، مهراڻي، ڀوري، همون، بديح
جمال وغيره جو ذڪر ڪيو آه. سخاوت ۽ بهادرءَ م ڄام جکرو، ڄام
راهو، ڄام انڙ، ڄام ڪرن، وڪيو، وريام، لاکو ڦلاڻي، پنرو
بڊاماڻي، رڻمل راٺوڙ، سپر چوٽاڻي، ابڙو اگھاماڻي، ڏيچ ويراڻي،
ڪارائو ڪونڌر، عمر سومرو، ڍولو مينڌرو راڻو مشهور آهن.
شمع ٻريندي شب پرھه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڌايم ڪاڪ جا.
جا عمر تو مل عيد، سا سان سوءِ ورتي سومرا،
ويئي ويچارن وسري خوشر ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
مطلب ته شاه لطيف ٿرين جي هر مسئلي ۽ تڪليف جو پنهنجن سرن ۾
ذڪر ڪيو آهي، شاه صاحب ٿرين لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ جو به ذڪر ڪيو
آهي، ٿري عورتون ساڙيندڙ اس م ميلن جا ميل پنڌ ڪر تراين ۽
کوهن تي وينديون آهن. کوھه ايترا ته اونها آهن جو ان مان مشڪل
سان پنهنجي گذران لاءِ پاڻيءَ لپ حاصل ڪن ٿيون ۽ قطراين ولر
ڪيو پنهنجي ڪکائن گھرن ڏانهن موٽن ٿيو. هر روز سندن اهو سلسلو
هلندو رهي ٿو.
دو دارون هڪڙو جي وڪامي نيل
سوم ڄام سيل، ٿو جال پياري جکرو
Publishing Date: May 24, 2008 |