سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

عجب عشق آهي اسان جو الستي

مخمور بخاري

سنڌ جي ڇهه سؤ سال قديم شهر هالا جي علمي ۽ ادبي تاريخ حضرت مخدوم نوح? کان شروع ٿئي ٿي. 
 حضرت مخدوم نوحؓ نه رڳو پنهنجي وقت جو عارف ڪامل بزرگ هو، پر ساڳي وقت قرآن شريف جو
 مترجم، مفسر ۽ اوائلي سنڌي بيت چوندڙ پڻ هو.
 انهيءَ اعليٰ بزرگ جي اولاد مان مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ سنڌي علم ادب جي هڪ معتبر
 شخصيت طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندن جنم مخدوم غلام محمدمغموم“ عرف گل سائين جن جي
 گهر 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا ۾ ٿيو ۽ 11 جنوري
 1993ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا. مخدوم طالب الموليٰ جن پنهنجي مصروف پيراڻي زندگي
 گذارڻ باوجود سنڌي علم و  ادب سان لنو لاتي پر عملي طور وڏا ڪارناما پڻ ڪري ڏيکاريا، جن ۾ هالا
 ۾الزمان پريس“ قائم ڪري ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ اخبارون جاري  ڪيائون، ان کانسواء ”انجمن علم و ادب 
هالا“ جي سرپرستي ڪندي 1 نومبر 1952ع تي سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي بيت الحڪمت هال ۾ هڪ
 عظيم الشــــــــــان ادبـــــــــي ڪانفرنس منعقد ڪرايائون، جنهن جي صدارت هاڪاري عالم ۽ دانشور 
علامه آءِ.آءِ.قاضي ڪئي. 1950ع ۾ فردوس پبليڪيشن طرفان نڪرندڙ رسالي ماهوار فردوس“ جي به هر 
لحاظ کان رهنمائي ڪندا رهندا هئا، پر جڏهن  فردوس جي سنڀاليندڙن جا ذاتي اختلاف وڌڻ لڳا ته مخدوم
 صاحب جن اهو رسالو باقائده پنهنجي نگراني ۾ شايع ڪرائڻ لڳا ۽ ان دوران  ماهوار فـــــــــــــردوس 
جـــــــــــــو ايڊيٽر سليم هالائي کي مقرر ڪيائون. 1952ع ۾ سندن ئي نگراني ۾ مسٽر جمع خان غريب
 ”طالب الموليٰ“ جي نالي سان ماهوار سنڌي رسالو سيتا شهر مان جاري ڪيو، 1954ع ۾ ”انجمن علم و
 ادب“ جي هڪ ذيلي شاخاداره روح ادب“ جي نالي سان مخدوم صاحب جن جي نگراني ۾ قائم ڪري
 حيدرآباد مان ماهوار ”روح ادب“ جي نالي سان سنڌي رسالو شايع ڪيو ويو.
 1956ع ۾ سندن ئي سرپرستي هيٺ حيدرآباد مان ”ماهوار شاعر“ نالي رسالو جاري ڪيو ويو. 1957ع ۾
 ”جمعيت شعراءِ سنڌ“  جا صدر  چونڊجڻ قابل ذڪر آهي، ان کانسواء سنــــــــــــــــــدن علمي ادبي خدمتن
 جي مڃتا ۾ نومبر 1955ع ۾بزمِ طالب الموليٰ“ جوڙي وئي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو پهريون ڀيرو 1961ع کان
 1977ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 1989ع کان 1992ع تائين چيئرمين رهيا.  مخدوم صاحب پنهنجي مصروف ادبي زندگي 
جي باوجود سياست سان به عملي طرح نباهيو. ملڪي سياست ۾ سندن ڪردار نمايان آهي.
 سندن ئي ڪوشش سان پاڪستان پيپلز پارٽي جو سال 1969ع ۾ پهريون ڪنوينشن هالا محفل سينيما ۾
 ٿيو، جنهن ۾ شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي جو چيئرمين ۽ مخدوم صاحب وائيس چيئرمين مقرر ڪيا ويا. 
ان کانسواء مخدوم صاحب 1953ع ۾ بنا مقابلي پنهنجي علائقي مان ايم-پي-اي ٿيا بعد ۾ جنرل ايوب جي دور
 ۾ پاڪستان مسلم ليگ طرفان ايم-اين-اي ۽ ڀٽو صاحب جي دور ۾  پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ايم-اين-اي
 رهيا. مخدوم صاحب جن مٿي ڄاڻايل ادبي ۽ سياسي سرگرمين جي باوجود تمام گهڻو ادبي
 پورهيو ڪيو آهي، سندن ترجمو، ترتيب ۽ طبع زاد ڪتابن جو تعداد ٽيويھ کن آهي، جن جو وچور هن طرح آهي: 
بهارِ طالب      : شاعري جو پهريون مجموعو جيڪو 1946ع ۾ هالا مان شايع  ٿيو. 
2.    رباعياتِ طالب  :رباعين جو مجموعو، پهريون ڀيرو 1946ع ۾ سليم هالائي  شايع ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو 1990ع
 ۾”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا جي طرفان مخدوم جميل الزمان شايع ڪيو. 
    3. اسلامي تصوف  :تصوف جي حوالي سان ترتيب ڏنل مضمونن جو مجموعو 1951ع ۾  شايع ٿيو. 
4.     شيطان  1951ع ۾ شايع ٿيو. 
5.    خودشناسي  :ترجمو ڪيل 1952ع ۾ شايع ٿيو. 
    6. امام غزالي جا خط  : امام غزالي جي خطن جو ترجمو 1953ع ۾ شايع ٿيو. 
   7. دُرِ ناياب عرف يادِ رفتگان  :سنڌ جي چونڊ مرحوم شاعرن جي زندگي جو  مختصر احوال، فوٽو ۽ ڪلام
 سميت ”الزمان پريس“ هالا طرفان 1953ع ۾ شايع
 ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو نئين سر واڌاري سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1994ع ۾ مخدوم صاحب  جي جي رحلت بعد شايع ٿيو. 
دُرِ ناياب عرف يادِ رفتگان جي پهرين ڇاپي ۾ چاليهه کان وڌ شاعرن جو احوال  ڏنو ويو ۽ ٻئي ڇاپي ۾ 216 شاعرن
 متعلق مواد ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ معتبر ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. 
8. مثنوي عقل و عشق:                عشق بابت طويل مثنوي، جنهن جي آخر ۾ مثنوي ۾ ڪم آندل  قرآن شريف
 جي آيتن جو ترجمو ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو ”اداره روحِ ادب سنڌ“ طرفان
 1955ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1983ع ۾ بزمِ طالب الموليٰ“ شاخ هالا طرفان شايع ٿيو. 
  9. ڪچڪول طالب : شاعري جو چوٿون مجموعو 1955ع ۾ شايع ٿيو. 
10.   ڪافي  :سنڌي شاعري جو قديم صنف ”ڪافي“ تي پهريون تحقيقي ڪتاب  پهريون ڀيرو 1958ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو
 ”بزمِ طالب الموليٰ“ شاخ هالا طرفان 1962ع ۾ پڌرو  ٿيو. 
  11. شانِ سروري  : شاعري جو پنجون مجموعو 1962ع ۾ پڌرو ٿيو. 
12.   بي پِير اکيون  : شاعري جو ڇهون مجموعو
13.   ڇپر ۾ ڇڙهيون:     شاعري جو هي مجموعو پهريون ڀيرو 1971ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
 شايع ڪيو ويو. ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي ڦرهي ڏني وئي آهي. 
14.   ديوانِ طالب الموليٰ:               مخدوم صاحب جي غزل جو هي ديوان ”سروري  پبليڪيشن“ هالا پاران1982ع
 ۾ شايع ٿيو. 
  15. مصري جون تڙونمخدوم طالب الموليٰ جن جي چونڊ ملفوظات تي مبني هي  ڪتاب ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“
 هالا طرفان 1990ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو Pieces of Sugar Candy جي نالي سان ڊاڪٽر حبيب الله
 صديقي  ڪيو، جيڪو ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا پاران 1997ع ۾ شايع ٿيو. 
  16. سدا وسين سنڌڙي  : بيتن جو هي مجموعو ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا  پاران 1990ع ۾ شايع ٿيو. 
  17. آبِ حيات          بيتن ۽ ڪافين جو هي مجموعو ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا  پاران 1990ع ۾ شايع ٿيو. 
  18. چهنڊريونمخدوم صاحب جي قطعن جو هي مجموعو ”طالب الموليٰ  اڪيڊمي“ 1992ع ۾ پڌرو ڪيو. 
19.   منهنجو ننڍپڻ   :مخدوم طالب الموليٰ جي ننڍپڻ جي ياديگيرين متعلق سندن  تحرير ڪيل هي ڪتاب ”طالب الموليٰ
 اڪيڊمي هالا طرفان 1993غ ۾ ڇپجي نروارٿيو. 
 
   20بهارستان   : رباعين جو هي مجموعو 1994ع ۾ ”طالب الموليٰ اڪيڊمي طرفان شايع ٿيو. 
   21. مضامينِ طالب الموليٰ:     مخدوم صاحب جي علمي ادبي مضمونن جو هي مجموعو  مذهب، لطيفيات، تاريخ، سوانح،
 تحقيق/تنقيد، ادب لطيف ۽ خطبن جي مختلف حصن ۾ ورهايل آهي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻائيتاليهه کن ننڍا وڏا مضمون ۽ 
مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪي ترجمو ته ڪي طبعزاد آهن. 
                               مضامين طالب الموليٰ سال 1994ع ۾ ”طالب الموليٰ اڪيڊمي“ هالا پاران  پڌرو ڪيو ويو. 
  22. لغات سنڌي مخففات:              مخدوم صاحب جي مرتب ڪيل هي لغت سنڌي ادبي بورڊ  ڄامشورو طرفان 1994ع
 ۾ شايع ٿي. 
23.   شانِ حسين:           مخدوم صاحب جي مرثين جي هن مجموعي ۾ حمد، نعت، منقبت،  نوحه، سلام، دعا پڻ شامل
 ڪئي وئي وئي آهي. شانِ حسين، مخدوم طالب الموليٰ جي فرزند مخدوم خليق الزمان جي سرپرستي ۾ رجب علي ”جليس“
  مرتب ڪيو. جنهن  کي مخدوم خليق الزمان سال 2005 ۾ پڌرو ڪيو. ڪتاب تي طباعت جو سن ڄاڻايال نه آهي. 
              مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن کي سندن علمي ادبي خدمتن جي مدِ نظر  حڪومت پاڪستان طرفان
 1965ع ۾ ”تمغه پاڪستان“ ۽ 1992ع ۾ ”هلالِ امتياز“ جي اعزاز ڏنا ويا. 
               مخدوم صاحب جي مٿي ڄاڻايل ادبي اثاثي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سندن شخصيت  جا مختلف پهلو هئا. 
هو درگاه حضرت مخدوم نوحؓ جا روحاني پيشوا ته وري شاعر، محقق، دانشور ۽ علم و ادب جي خدمت ڪندڙ هئا. سندن
 شاعري خوبصورتجذبن جي  عڪاس آهي جن ۾ انساني امنگون ۽ سوچون سمايل آهن، ڪيڏي نه خوبصورتي سان پنهنجي
 اندر جي پيڙاء کي هنن لفظن ۾ ظاهر ڪن ٿا: 
ڇو ٿو ڪرين مينهن، مون سان ريس روئڻ جي،
طالب الموليٰ ســــــــــــــــــان ٻيلي، نا حق وڏا نينهن،
تنهنجا ٻه ٽي ڏينهن، منهنجــــي موسم سڀ ڪا.
               وٽن عشق جو عجيب  فلسفو آهي، چون ٿا:
جيڪو به جنهن سان عشــق جي خود ابتدا ڪري،
ان جو ئي فـــــــــــــــــــــــــــــــــــرض آهي ته هو انتها ڪري.
علامه اقبال چيو هو: 
عشــــــــــــــــق کــــــــــــــــــــــــــــــــــي انتها چاهتا
 هون،
ميري سادگي ديکهه، مين کــــــيا چاهتا هون.
  
عشق جنهن جي اقبال جي لفظن جيان ڪابه انتها نه ٿي سگهي، پر مخدوم صاحب جن جي نظر ۾ عشق جي ابتدا 
ڪرڻ وارو ئي انتها ڏانهن وڌي ۽ خود کي فنا ڪري، شايد اهو ئي عشق آهي!
مخدوم طالب الموليٰ جي سموري زندگي روايتي پِيرن ۽ گادي نشين کان بنهه مختلف گذري، پاڻ پيراڻي ۽ اميراڻي
 زندگي گذارڻ بجاء فقيراڻي زندگي بسر ڪيائون. عوامي سياست سان وابسته رهي عوام جي قريب رهيا. سندن هڪ
 ئي وقت عوام ۽ ادب سان ناتو جڙيل رهيو. 
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت ”طالب الموليٰ،

ته پوء مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Stories

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan