|
دنيا جو قديم تهذيبون دريائن جي وادين مان پيدا ٿيون مثلا
ملري (حريري) ۽ جربلوس درياءَ فرات تي نينوا ۽ اشور (قلعته
الشرغلط) درياءَ دجله تي. ان کان علاوه قديم شهر يسپر (ابوحبه)
ڪيش (الاهمر) بابل ايرڪ (ورڪا) اُرع (مقير) العبيد ۽ اريدو،
جيڪي فرات جي ڪناري آباد هئا. سڀ کان پهريائين مدرسا به دجله ۽
فرات جي ساحل تي کوليا ويا ۽ سڀ کان پراڻا ڪتب خانه به اُتي
موجود آهن.
اهڙي طرح سان سنڌو درياءَ جي حيات بخش پاڻي جي سبب سنڌو ماٿري
۾ به شاندار تهذيب جنم ورتو، جيڪا دنيا ۾ قديم ترين لکي وڃي
ٿي. سنڌوءَ جي ڪناري ڪيتريون بستيون آبد ٿيون ۽ وقت وقت سان
نين تهذيبن پئي جنم ورتو. جيئن موهن جو دڙو، هڙاپه، چانهو جو
دڙو، علي مراد، آمري، دابر ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي، جيڪي پنهنجي وقت جو
عظيم پستيون پنهنجي سيني ۾ تاريخي راز دفنايو دڙن جي صورت ۾
اسان کي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
پراڻي دور ۾ سنڌوندي پرڏيهي واپار ۽ تجارت جو ذريعو هجڻ ڪري
سنڌ جي آسودگي جو مکيه وسيلو هئي، سنڌوندي ئي ملڪ جي قدرتي
اڪيلائي کي ٽوڙي، کيس هڪ اهڙي تجارتي اهميت بخشي ڇڏي، جنهن
لاءِ ڪنهن وقت سنڌ، ديسان ديس مشهور هئي. انهيءَ سنڌو جي ڪناري
تي ئي سنڌ جي مختلف تارخي دورن ۾ الور، منصوره، مرهمڻ آباد،
بکر، ديبل، لهري بندر، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جهڙا ناميارا شهر
آباد ٿيا.
سليمان عليه سلام متعلق توريت ۾ آيل آهي ته سندس لاءِ سنڌ مان
مور، اگر، مشڪ، عنبر گيندا ۽ سون وغيره ٻيڙين ذريعي يروشليم
گهرايا ويندا هئا، جي هيڪل سليماني لاءِ استعمال ٿيندا هئا. ان
لا ابن خلدون به ذڪر ڪيو آهي.
رگ ويد ۾ سنڌ جي درياءَ سنڌو ۽ ان جي ڪنارن تي رهندڙ دراوڙن
جي شاندار تهذيب جو احوال ملي ٿو، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم، جين ڌرم ۽
هندو ڌرم جي تاريخ ملي ٿي، جيڪا هرارين سال حاوي هئي.
اسلامي روايتن مطابق جنت مان چار دريا نڪرن ٿا ۽ حديث آهي ته
ان النيل والفرات وسيحان و جيهان کل من انهار الجنته اُهي آهن
نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون، سنڌوندي آهي. مسلمان پنهنجيءَ روايت
۾ سچا آهن ته اُهي چار ئي دريا برڪت وارا آهن، جي مصر ۾ نيل نه
هجي ها يا عراق ۾ فرات نه هجي يا ترڪستان ۾ جيحون نه هجي يا
سنڌ سونهاريءَ مان مهراڻ منهن موڙي وڃي، ته مٿان ملڪ دنيا ۾
آباد ليکجڻ ۾ اچن ٿا جيڪر ويران ٿي وڃن. رگ ويد ۾ به سنڌو
درياءَ جي تعريف 75 سلوڪن ۾ آهي.
انڊس
Indus،
سنسڪرت ۾ سنڌو
Sindus
(Divider,
Keeper or Defender)،
گريڪ ۾ سنٿوس
Sindus
، جيڪا سمنڊ جي سطح کان 17000 هزار فوٽ بلند تبت جي پراسرار
ڌرتي، جيڪا برف پوش پهاڙن سان ڍڪيل آهي 32 درجا خط استوا جي
اتر م 81 ڊگريون اوڀر ڦاڪ، هماليه جي عظيم پهاڙي ديوار جي
پٺيان، اوڀر طرف کان ڪيلاش پربت (22000 فوٽ سامونڊي سطح کان
مٿي) مانسروور ڍنڍ جي چشمي (
(The mouth of lion
مان نڪري ٿي.
سنڌو ندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهون نمبر وڏي ندي آهي ۽
سندس وهڪ جي ڊيگھ اٽڪل 1800 ميل يا 2900 ڪلوميٽر آهي. مور
ڪرفٽ Moor
Craft
پهرين جاگرافي دان، جنهن 1812ع م تبت جو سفر
ڪيو ۽ مانسروور ڍنڍ ڏٺي. ان بعد سويڊن جي مهم جو سوين هيڊن
Sven
Haden
1907ع
گرمين جي مند م ڪيلاش پربت پهتو ۽ هي پهريون غير ملڪي سياح
هيو، جنهن پي تبتين پاڪ ڍنڍ مانسروور م ڪينراس جي ٺهيل ٻيريءَ
تي چڙهي ڦرڻ جي اجازت ڏني جنهن The
mouth of lion
ڏٺو، جتان سنڌو ندي نڪري ٿي. هن علائقي کي
تمام پاڪ تصور ڪيو وڃي ٿو، پراڻي دور کان وٺي تبت جي رهواسين
جو ايمان آهي ته ڪيلاش پربت تي ديوتئن جو واسو آهي ۽ اُتي رهن
ٿا. هندن جو پڻ عقيدو آهي ته شُو جو ڪيلاش تي واسو آهي ۽ ان ئي
هنڌ تي بهشت آهي، ان ڪري اُهي وڏا تيرٿ ٿا زيارت گاه ٺاهيا ويا
آهن ۽ اوتي مئلن جو خاڪون مانسروور ۾ ڦٽو ڪيون وڃن ٿيون.
تبت جي انهن جاين کي جتي مردن جو آخري رسومن اد ڪيون وڃن
ٿيون، ان کي آسماني دفن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، هي علائقو
سياحن لاءِ ممنوع قرار ڏنل آهي.
آخري رسمن طور تبت ۾ لاشن کي ٽڪر ڪري فضا ۾ اُڇلائي ڳجهن کان
کارايو وڃي ٿو، هي رواج تبت ۾ صدين کان هلندو اچي ٿو ۽ اوتان
جي عوام جو عقيدو آهي ڳجهون مئل انسانن جي روح کي جنت ۾ کڻي
کڃي پهچائين ٿيون.
سڀ کان اول چين وارن سنڌو درياءَ کي شن تو ۽ ان کان پوءِ سن
دو سڏيو. پارسين جي بنهش نالي ڪتاب ۾، تنهن مان سمجھجي ٿو
ته اهو لفظ اصل م آهي مهراڻ. اها سونڌونديءَ جي هڪ ڌار شاخ
هئي، جيڪا اڀرندي ناري، ڍوري پران ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي، ڪڇ
جي نار م ڇوڙ ڪندي هئي.
ڪرنل جيمس ٽاڊ، پنهنجي تاريخ راجستان ۾ سنڌوءَ جو نالو
ـنيلابـ ڏيکاريو آهي، حقيقت ۾ نيلاب پشاور کان 35 ڪوھ هيٺ ڀرو
سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ تي هڪڙو پتن آهي، تنهنڪري نيلاب سڌايو
اٿس، پر معلوم هجي ته اٽڪ لڳ ڪنار
Kunar
ندي، جيڪا وهي اچي سنڌوءَ سان ملي ٿي، جنهن جي پاڻيءَ جو رنگ
نيري رنگ تي مائل آهي.
سنڌو مانسروور مان نڪرڻ بعد، اتر ۽ اولھ تي 160 ميلن تائين
Singh Ka Bab
جي نالي سان وهي ٿي، جڏهن هوءَ
Leh
(لداخ) وٽ پهچي ٿي، تڏهن ان جي وهڪري جي اوچائي 10505 فوٽ
آهي، اڳتي هلي بالستان وٽ اُن جي اوچائي گھٽجي وڃي 8000 هزار
فوٽ ٿي ٿئي، ان دوران هن م قوراقرم لڪ ۽ ليھ وٽ ٻه برفاني
نديون شيواڪ ۽ زاسڪار ٿيون اچي ملن.
ڪشمير ۽ بالستان وٽ پهچڻ بعد سنڌو ندي هارا موش پهاڙ
Haramosh
وٽ پهچي
Acute Angle
يعني 90 ڊگري کان گھٽ اينگل تي مڙي هات پير
hat per
هيٺيان وهي ڪوهستان م دير Dir
وٽ داخل ٿئي ٿو.
سوات ۽ چتراڪ ۾ سنڌو نديءَ جو اهو ڪوهستاني سفر 120 ميل آهي،
ان بعد سنڌو صوبي سرحد ۾ داخل ٿئي ٿو، هتي سنڌو درياءُ کي
پشتو ۾ اباسين يعني دريائن جو پيءُ سڏيو وڃي ٿو.
هزاره ضلعه جي تربيلا پٽ وٽ پهچڻ کان اڳ کاٻي طرف کان ننڍڙي
برقي مشعل وانگر تيز
Siran
سيرن ندي اچي سنڌوءَ ۾ ٿي سمائجي. ان بعد دار بندDar
Band
وٽ مهابان جبلن
Mahaban mountain
مان نڪتل ڪابل ند جيڪا افغانستان ما هلي ٿي، وهي اچي اٽڪ
(جنهن کي هينئر ڪئمپ بيل پور چيو وڃي ٿو) جي آمهن سامهنو
سنڌوءَ ۾ اچي ملي ٿي، هت ٻي ندي ڪنار
Kunar
به اچي سنڌوءَ سان ٿي ملي، جڏهن ته ڪابل نديءَ جو پاڻي ڳاڙهو
۽ ڪنار جو بلو يا نيري رنگ تي مائل آهي.
اٽڪ وٽ سنڌوءَ درياءَ تي ريلوي جي پل آهي ۽ مين ترنڪ روڊ پن،
جيڪو پشاور ڏانهن وڃي ٿو جيڪي 1581ع ۾ اڪبر بادشاه، اٽڪ پهتو ۽
ارادو ڪيائين ته سنڌوءَ کي پار ڪريان، ان وقت سنڌو چاڙه م هيو
۽ سندس رفتار هجڻ ڪري ٻيڙين جي پل ٺهي نه پئي سگھي، ان ڪري
بادشاه، اُ تي ئي درياءَ جي ڀر سان ڪيمپ هنئي، اٽڪ وٽ اڪبر
قلعي ٽاهڻ جو خيال ڪيو ۽ جيڪو 1586ع ٺهي تيار ٿيو، هن وقت به
سندس هڪ دروازو بيٺل آهي، جنهن جي مٿان لکيل آهي:
Shield of the
Monarchs of the World, King Akbar may God, Enhance his
splendour, Allah-o-Akber. God is Great.
دنيا
جي شهنشاهن جي ڍال اڪبر بادشاه، شال خدا ان جو شان شوڪت ۽
دٻدٻو وڌائي. الله اڪبر، خدا وڏو آهي
12 ميل اٽڪ کان هيٺ هاروHaro
ندي جيڪا مري هلز
Hillان
نڪري، 90 ميل لتاڙي اچي سنڌوءَ م سمائجي ٿي ۽ ان ئي علاقي م
سوهن
Sohan
ندي پڻ اچي سنڌوءَ سان ملي ٿي ۽ هت سنڌوندي پنجاب ۽ فرنٽيئر
جي حد بندي ڪري ٿي، جڙي نموني ڪشمور وٽ پنجاب صوبي ۽ سنڌ جي
حدبندي ٿئي ٿي يعني گڊو بيراج پنجاب ۽ سنڌ صوبي جي وچ جو نشان
آهي.
ڪالاباغ کان هيٺ اولھ طرف کان مخالف سمت کان وهندڙ ننڍيون
ننڍيون ڪرمKuram
،
ٽوچي
Tochi،
زهوب
Zhob
۽ گومل
Gomal
نديون اچي سنڌوءَ کي ڀرتي ڪن ٿيون.
سنڌو ائين وهندي هلي ٿي ۽ مٺڻ ڪوٽ وٽ پنجاب جو پنج نديون جھلم،
چناب، راوي، بياس ۽ ستلج پاڻ ۾ ملي اچي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، ان
کان پوءِ سنڌو، ارڏائي، طاقت، آزادي شان ۽ شوڪت سان سنڌ صوبي
جو 600 ميلن جو اڪيلو سفر ڪري وڃي سمنڊ جي سيني ۾ سمائجي ٿو.
هماليه تي گھڻي برف پوڻ، برف جي ڇپن ڪرڻ ۽ آندي، ان ڪري سنڌ ۾
تمام وڏيون ٻوڏون هيٺين سنن ۾ آيون؛
(1) 1841ع (2)
1858ع (3) 1861ع
(4) 1874ع (5)
1882ع (6) 1892ع
(7) 1895ع (8)
1897ع (9) 1903ع
(10) 1913ع (11)
1914ع
(12) 1916ع
(13) 1917ع (14)
1921ع
(15) 1924ع
(16) 1926ع (17)
1929ع
(18) 1930ع
(19) 1942ع (20) 1948ع
1941ع واري ٻوڏ عجيب هئي ڇو ته سردي جي موسم ۾ درياءَ جو پاڻي
اڳي کان بلڪل گھٽ هيو ليڪن فرمي جي مند ۾ اوچتو پاڻي جو چاڙھ
آيو ۽ رستي ۾ جيڪا به شي ان کي ملي، ان کي وهائي ڇڏيو، ان ۾ ئي
اٽڪ جي ويجو هڪ پوري سک رجمينٽ، جيڪا دريا جي ڪنالري ڪيمپ
لڳائي ويٺي هئي، پاني جي تير وهڪري ان سوموري ريجمينٽ، کي
خيمن، ساز و سامان ۽ توپ خاني سميت وهائي ڇڏيو.
1948ع ۾ به دريا کي وڏي ٻوڏ آئي، تنهن وقت سنڌ جو وڏو وزير پير
الاهي بخش هيو، جنهن سڄي سنڌ ۾ اُٿل پٿل آڻي ڇڏي ۽ هن ٻوڏ ۾
جيڪو نقصان ٿيو، ان جا سرڪاري انگ اکر هي آهن؛
1.
3356 ڳوٺن کي نقصا پهتو.
2.
122 ڳوٺ بلڪل تباھ ٿيا
3.
150 ماڻهو مئا
4.
2877 جانور مئا
5.
91502 گھرن کي نقصان پهتو
6.
67000 گھر بلڪل تباھ ٿيا
7.
4،54000 ايڪڙ زمين تي پوکيل فصل تباھ ٿيو
سنڌو جيترو گھڻو پنهنجي ڪپرن کان اُٿليو آهي ۽ پنهنجو وهڪرو
بدلايو اٿس، اوترو شايد ئي ڪنهن ٻي ندي بدلايو هوندو. درياءَ
جي انهي طرح وهڪري ڦيرائڻ ۽ پائڻ جي ڪري ملڪ جي اقتصادي زندگي
تي مکيه اثر پيا سونڌو درياءَ تي انسان جو ڪوس ڪونه هو،
جيڏانهن وڻيس پنهنجو رخ بدلائي آباد شهرن ۽ کيتين کي ويران ۽
غير آباد زمينن کي سر سبز بڻائي ڇڏيندو هو، ان ڪري دائمي
بستيون ۽ شهر بڻيا ۽ ماڻهو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ لڏيندا ٿي رهيا.
سيوهڻ ۽ سکر جھڙن ٽڪرين مٿي ٻڌل شهرن کان سواءِ، اسا کي اڄ
ڪوبه شهر سلامت نظر نٿو اچي، ڪئي شهر ۽ ڳوٺ درياءَ جو ٻوڙيل
زمين هيٺ دٻيون پيون آهن، اروڙ جو تارخي شهر به سنڌوءَ جي سير
ٻوڙي ڇڏيو.
سنڌو جي ان ارڏائي، دهشت ۽ تيزيءَ کي روڪڻ ۽ سنڌ صوبي اندر ۽
ٻاهر زراعت لاءِ ورهاست ۽ ظابطي سان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ان مٿا
ڊيمون ۽ بئراج تعمير ٿيون، جو بيان هيٺ ڏجي ٿو.
1.
سنڌو درياءَ تي 1965ع ۾ تربيلا ڊيم، ۽ ڊيره اسماعيل خان وٽ
دربان ۽ شيخ حيدر زام ڊيمون جوڙيون ويون آهن.
2.
جناح بئراج؛ ڪالاباغ وٽ 1947ع ۾ ٺهيو.
3.
لائيڊ بئراج: سکر وٽ 1932ع ٺهيو، هن بئراج مان ست واھ نڪرن ٿا.
کاٻي پاسي کان چار واھ ۽ ساڄي پاسي کان ٽي واھ نڪرن ٿا. جن جا
نالا هي آهن.
a.
روهڙي ڪيئنال، جنهنجي ڊيگھ 208 ميل آهي
b.
اوڀر نارا ڪيئنال جنهن جي جمڙائو سميت ڊيگھ512 ميل آهي.
c.
اولھ خيرپور فيڊر، جنهن جي ڊيگھ 48 ميل آهي
d.
اوڀر خيرپور فيڊر، جنهن جي ڊيگھ 14 ميل آهي.
e.
رائيس ڪيئنال جنهن جي ڊيگھ83 ميل آهي.
f.
دادو ڪيئينال، جنهن جي ڊيگھ 131.6 ميل آهي
g.
کير ٿر ڪيئنال جنهن جي ڊيگھ 36 ميل آهي
سنڌو
مان ٻين شهرن مان نڪرندڙ بئراج؛
1.
تونسه بئراج؛ ديره اسماعيل خان وٽ 1957ع ۾ ٺهيو
2.
غلام محمد بئراج؛ هي بئراج ضلعي دادو ڪوٽڙي وٽ 1961ع ۾ ٺهيو،
هن بئراج مان چار ٺاھ نڪرن ٿا، کاٻي پاسي کان ٽي واھ، ڦليلي،
پنڃاري ۽ لائيڊ چينل ۽ ساڄي کان هڪ واھ ڪلري بگھاڙ نڪري ٿو.
3.
گڊو بئراج. ضلعي جيڪب آباد ڪشمور وٽ 1962ع ۾ نڪرن ٿا، ساڄي
پاسي ٻه فيڊر ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان هڪڙو واھ نڪري ٿو.
4.
چشمه بئراج؛ ڊيره اسماعيل خان وٽ 1970ع ۾ ٺهيو. هت چشمه لنڪ
ڪئنال جو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي، هي هڪ وڏي نهر آهي، جيڪا
سنڌو درياءَ کي درياءِ جهلم سان ملائي ٿي، ان ۾ پاڻي جو
وهڪرو 21،700 ڪيوسڪ فوٽ في سيڪنڊ آهي. ان پاڻي سان حيلي نهر ۽
تيمون سنڌ نائي ۽ ميلسي بهاولپور ۽ هيٺين پنجاب جي علائقن جو
زرعي ضرورتون پوريون ٿين ٿيون.
هن منصوبي لاءِ ڊيم تيار ڪيا ويا آهن، انهن ما هڪ منگلا ڊيم
جيڪا جهلم جي نزديڪ دريا جهلم تي بند ٻڌي ٺاهي ويئي آهي. هي
دنا جو وڏي ۾ وڏو ڊگھو بند آهي، جنهنجي ڊگھائي 11000 فوٽ ۽
اوچائي 480 فوٽ آهي، پاڻي جي ذخيري جي ڊيگھ 40 ميل ۽ ڍنڍ جي
پکيڙ 100 چورس ميل آهي.
سنڌ صوبو بنيادي طرح زرعي صوبو آهي. تنهن ڪري ان ۾ پاڻي جي رسد
سڀني ڳالهين کا اهم آهي. هتي جي آسودگيءَ جو سڄو دارومدار
سنڌوءَ جي ساحيات پاڻيءَ تي آهي ۽ آبپاشي سرشتي جو دارومدار هن
جي ڄار وڇائڻ تي رکيو ويو. پراڻي وقت کان سنڌ جا رهاڪو سنڌوءَ
جي پاڻي کي ڪنهن باقاعدي رٿا سان استعمال هيٺ آڻيندا هئا، پر
سرشتو نقص ۽ ان پورو هيو، جنهن ۾ واهن جي کوٽائيءَ ۾ ڪ ترتيب
ڪانه هئي، جيڪي ڏنگن ۽ ڦڏن وهڪرن جي صورت ۾ هئا، 1843ع ۾
انگريزن جي اچڻ تائين سنڌ ۾ آبپاشي جا هيٺيان طريقا رائج هئا؛
1.
نار ذريعي پاڻي ڪڍڻ
2.
هيٺانهين زمين ڏانهن ڪڙين رستي پاڻي نيڻ
صوبي جي اقتصادي ۽ سياسي و سماجي زندگيءَ تي هن نديءَ جو تمام
گھڻو اثر آهي، سنڌوءَ جا زرخير ڪنارا، ريگستانن ۽ جبلن مان
لنگھندي اها ندي تقريبن S
شڪل وڃي اختيار ٿي ڪري، ان جو ذڪر ڊوائرٽي صاحب جي ڪتاب
British Relations with Sindh
۾ هيئن ڪيو آهي:
(The River Indus flows through the province of Sindh roughly
in the shape of long S)
سنڌوءَ جي ان شڪل ۾ وهڻ سان صوبي جي زياده ايراضي کي پاڻي پهچي
ٿو، جيڪڏهن اُتر کان ڏکڻ طرف ڏي سڌو ئي سڌو وهڪرو هجيس ها ته
تمام ٿوري ايراضي کي پاڻي پهچي سگھي ها.
سچ پچ ته جيڪڏهن اها سنڌوندي، جا هماليه جبلن ۽ ڪيلاش پربت جي
برف مان مالامال ٿي سڄو سال وهي ٿي، مينهن جي اڻاٺ جو پورائو
ڪندي، زمين کي پوک لائق بڻائي ٿي، نه هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ رڳي
سڃ ئي سڃ واڪا ڪري ها. سنڌ جي خشحالي جو اهو حال هيو ته جڏهن
ايرانين هفت اقليم تي شهنشاهي ڪئي، سنڌ، ايران جو صوبو هيو ۽
شهنشاھ دارا اعظم کي سنڌ صوبي مان 1،078،272 پائونڊ ساليانو
آمدني هئي ۽ سنڌ جي ان خشحالي ۽ آسودگي کي ڏسي هن ڌرتي تي دنيا
جون ٻاهريون قومون نيئن آريه، سٿين، ساڪ پرٿي، ه، يوناني،
فرينچ، ڊچ، انگريز، مغل، ارغون، ترخان، منگول، ترڪ، پٺاڻ ۽ عرب
قومن اچي پير کوڙيا.
عيسوي سن کان ڇھ صديون اڳ ايران جي مشهور حاڪم ۽ فاتح دارا
اعظم سڄي سنڌو ماٿري فتح ڪئي ۽ هن پهريو ڀيرو
Sky lax
کي
سنڌ موڪلي سنڌوندي جي سروي ڪرائي.
سڪندر مقدوني سنڌو ندي جي ڊيلٽا واري علائقي ۾ هاڪڙي جي ٻيٽ،
جيڪا پراڻي وقت ۾ سنڌوندي جي هڪ شاخ هئي. جنهن جو ذڪر مامئي جي
بيتن ۾ هن ريت آهي ته
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
بھ مڇي ۽ لوڙھ، سمي وندا سوکڙي
ان شاخ جي جاچ ڪرڻ لاءِ ماهرن جي هڪڙي ڪاميٽي رواني ڪئي هئي،
ارسطو بيولس جاگرافي دان هيو، جنهن سڪندر جي حڪم سان هاڪڙي جو
ٻيٽ ڳولي لڌو ۽ هن اٽڪل هڪ هزار ويران شهرن جا نشان ڳولي لڌا
هئا، ڪو وقت هاڪڙي تي آباد هئا.
هاڪڙو پنج نند وٽان نڪري، بهاولپور ۽ عمرڪوٽ جي اڀرندي پاسي
لنگھي ننگرپارڪر وٽان وڇي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾
دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ وير واھ جي پاري نگر وٽ مشهور بندر
هيو.
ڊيل هوسٽ جي لکڻ موجب سنڌودرياءَ جون ڪي قدرتي شاخون هي آهن؛
پراڻو نارو، ارل، ڦليلي، ڦٽو، گوني، پنڃاري ۽ لکي بگھاڙ.
جيڏي ارڏائي، طاقت، آزادي، شان شوڪت سنڌوءَ ۾ آهي، اوتري
ارڏائي، بهادري ۽ آزاديءَ جو شوق سنڌين ۾ صدين کان رهيو آهي،
هتان جي جونجارين ۾ حب الوطني، ساڻيھ جي سڪ، جنم ڀوميءَ سان
محبت، وطن عزيز، سرخروئي بلندي ۽ بهتري جو اونو، مهمان نوازي ۽
بهتري جو اونو، مهمان نوازي ۽ رحم دلي جڙا اُتم گڻ موجود آهن.
سنڌوءَ جو پاڻي امرت ڌارا ۽ جادو اثر آهي؛ جنهن به هن جو چڪو
بيتو پوءِ چاهي هو دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ رهي ليڪن عظيم سنڌوءَ
کي وساري نٿو سگھي.
مسٽر لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، سنڌ جي مشهور اهل قلم جي سنڌ
۽ سنڌوءَ سان ڪا محبت هئي! 18 اپريل 1954ع تي جڏهين بمبئي ۾
وفات ڪئي، تڏهن وصيت ڪيائين ته مياڻي جياس، جي نيو مره ملير
ڏي! منهنجون هاٺيون پياري سنڌو درياءَ جي سپرد ڪجو، اهائي
منهنجي گنگا آهي، اها ئي جمنا، جسم هتي اٿم روح سنڌ ۾ اٿم، اهو
ئي منهن جو سرڳ آهي. اهوئي منهن جو مقصود ۽ پوءِ مرحوم جي وصيت
پٽاندڙ سندس هاٺيون بمبئي مان کڄي سنڌو نديءَ کي سپرد ڪيون
ويون.
سنڌوءَ لاءِ هندستان جي محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محترم آءِ ايڇ سدا
رنگاڻي به هيئن لکيو آهي
دنيا ٿي سڏي توکي درياءَ سنڌ
سنڌي چارڻ منڱتا ماتا سنڌو
تيرٿ به گھڻا ڀيٽڻ وارا به گھڻا
هن هندوءَ لئه آهين گنگا سنڌو.
زراعت کان علاوه ماهيگيري سنڌين جو قديم پورهيو رهيو آهي ۽
موهن جي دڙي واري دور ۾ پڻ مڇيءَ جو ڏيساور سان واپار هلندو
هو، سنڌ ۾ مڇيءَ جو پئداوار جا ٻه ذريعا آهن، هڪ سمنڊ جو 175
ميلن تائين پکڙيل ڪنارو ۽ سوين چورس ميلن تي نه کٽڻ وارو
لونائي پاڻيءَ جا دٻا ۽ نار ۽ ٻيو دريا، واھ، ڪينجھر ۽ منڇر ۽
ٻيون ڍنڍون ڍورا، جن ۾ کانکٽ، پاپليٽ، سرمائي، پلو، کڳا،
سينگاري، مڇين جون اهم جنسون موجود آهن. دهليءَ جو شهنشاھ محمد
تغلق، سنڌي پلي کائڻ جو وڏو شوقين هيو ۽ هو ٺٽي تي چڙهائي
دوران پلو کائيندي سنڌ جي فتح جي آس دل ۾ رکندي اڳلي جهان وڃي
پهتو. مڇي فقط ماڻهن لاءِ خوراڪ مهيا نه ٿي ڪري، پر ان جو
واپار دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪري زرمبادله جي صورت ۾ اسان کي
ڪمائي ٿئي ٿي.
حوالا؛
1.
دي لائن رور دي انڊس
جين فيرلي
2.
فزيڪل اينڊ اڪانومڪ جاگرافي آف سنڌ پروفيسر ماڻڪ
پٿاوالا
3.
برٽش ريلشنز وٿ سنڌ
ڊاڪٽر ايڊرين ڊوائرٽي
4.
سنڌ عرب
پيرڊ
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ
5.
جنت السنڌ
مرحوم مولائي شيدائي
6.
قديم
سنڌ
ڪاڪو ڀيرومل
7.
سنڌ جي اقتصادي تاريخ
ڊاڪٽر ايس پي ڇپلاڻي
8.
سنڌ صدين کان
مرتب ممتاز مرزا
9. |