|
قديم سنڌ جي تاريخ اول کان وٺي صحيح طور سمجهڻ لاءِ هاڻوڪي سنڌ
۽ هاڻوڪو زمانو وساري، گذريل وقت اکين اڳيان اڻبو. جڏهن سنڌ جي
اولهندي پاسي جبل چوٽيون ڪڍيون بيٺا هئا. ٻيا پاسا گھڻو ڪري
سمنڊ جي پاڻي هيٺان هئا.
سنڌ
کي پاڻيءَ مان ظاهر ٿئي لکين سال گذري ويا آهن. انهي قديم
زماني جا ڪي ڪتاب به موجود ڪو نه آهن. پر اهي عالم جيڪي
Geology
۾ ماهر آهن، سي هزارن سالن جي ڳالهين کي پرجهي وَڃَن ٿا. انهن
ڌرتيءَ جي بنهه تر واري زمين کان وٺي، ڌرتيءَ جو هڪ هڪ تهه
Stratum
جانچي معلوم ڪيو آهي ته هر هڪ تهه ٺهڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳو
هوندو. انهن هر دور تي الڳ الڳ نظر وڌي آهي ۽ هر دور جا الڳ
الڳ نالا رکيا آهن. جيڪي ڪجهه هيئنءَ آهن.
1.
Cambrian age
2.
Cretaceous age
3.
Tertiary age
ڌرتيءَ جي علم جا ماهر
Geologists
چون ٿا تن علم ڌرتيءَ جي ٽيئن زماني يعني
Tertiary age
۾ سنڌ سميت سڄي اتر هندستان جو چڱو حصو Teythya
Sea
نلي سمنڊ هيٺ هيو، جيڪو هماليه جبل کان وٺِ ونڌيا جبل تائين
پکڙيل هيو.
ڪنهن وقت هماليه جبل ۾ اهڙا ته زلزلا آيا جو زمين مٿي چڙهي آئي
۽ سمنڊ تمام گھڻو پوئتي ٿي ويو. ايئن زمين ظاهر ٿي. وري قدرتي
طور تي وقت به وقت جيڪي طوفان ايندا رهيا تن سبب واري
Sand
پکڙجي وئي. گرمي سبب هڪ وڏو مينهن وسيو ۽ ندين جي ريت (واري)
سبب به زمين مٿي ٿيندي وئي. ايئن اتر هندستان سميت سنڌ ظاهر
ٿي.
هندستان جي سڀني ندين مان سنڌوندي سڀ کان آڳاٽي ندي آهي.
Geologists
مطابق سنڌ سمنڊ مان پيدا ٿي تنهن کان اڳ ئي سنڌو ندي هئي.
جيئن ٻار ڄڻڻ کان اڳ ڌڻي تعالى ماءُ کي کير سان ڀرپور ڪري ڇڏي
ٿو، تيئن ئي سنڌ کي پالڻ لاءِ سنڌو ندي اڳ ۾ ئي موجود هئي.
Professor
Pithawala
پنهنجي ڪتاب Marvels
of Earth page 56-57
لکي ٿو:
The Indus is an
example of our antecede drainage having existed even before
the great Himalaya up heavals.
اڄ به اسان جي آبي جيوت، جهنگلي جيوت ۽ انسان جو دارومدار
انهيءَ سنڌو بادشاهه تي آهي.
Reference:
1. قديم سنڌ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
2. Marvels of Earth Prof: Pithawala
Uploaded on
www.mehranmag.com on october 10, 2008 |