|
سنڌ هڪ زرخيز
۽ زرعي علائقو آهي ، هت پوک
جا آثار صدين کان ملن ٿا ۽ چوپائي مال
جي پالنا جي پروڙ به موهن جي دڙي جي تھذيب کان ٿي ملي. آڳاٽا
لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا ۽ چوپائي مال جي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوشت تي
سندن گذران هو. سنڌي ۾ پھاڪو آهي ته ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ
کڻي.“ ڌڻي لفظ جي به اصل معني هئي “ڌڻ وارو“ ۽ پوءِ ”ڌني“
معني ته ڌن وارو يا شاهوڪار، ڌڻي معني مالڪ (ڪھڙي به ملڪيت
جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معني ڌڻ وارو. اڳي ماڻھو ڀاڳ وارو سمجھندا
ئي انھيءِ کي هئا، جنھن وٽ ڳئون، مينھون، رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ
هوندا هئا.اڄڪلھ به سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مال وندن کي ڀاڳيا ( ڀاڳ
وارا) به سڏيو ويندو آهي.
ڳوٺ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ “گوشٽ“ ۽ بنيادي معني اٿس؛ اهو هنڌ
جتي گايون( ڳئون) بيٺيون هجن، ڳئون اتي بيھاربيون جتي سندن
لاءِ چار موجود هندو، تنھن ڪري ڳوٺ لفظ ۾ چراگاه جي معني به
سمايل آهي. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو ته ڪيترا ماڻھو جتي مال
لاءِ چارو مئو ڏسن تتي ڀونگيون اڏي مال سميت وڃيو رهن، تحقيق
مان معلوم ٿيو آهي ته جتي گوجرانوالا شھر آباد آهي، اتي اڳ هڪ
چوڌري گوجر جو چوپائي مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ هڪ کوه هو ۽ لڳ
وڏو چراگاه هو، ان ڪري انھي کوه جو نالو گوجرانوالا ٿي ويو، ان
بعد اهو کوه وڏي آبادي وارو شھر بڻجي پيو.
گوجر معني ڌنار، ان نالي سان پنجاب ۾ ڪيترا وڏا شھر آباد آهن
مثلاءِ، گجرات، گوجر ڳڙه، گوجر خان، گوجرانوالا وغيره،
مٿين مثالن مان معلوم ٿيو ت جتي چراگاه هئا اتي آبادي وڌندي
ويئي ۽ انھن جڳھن کي تعلقن، ضلعن ۽ ڪمشنرين جي حيثيت ملي.
اهڙي طرح سان سنڌو درياءَ جي حيات بخش پاڻي جي سبب، سنڌو ماٿري
جڳن کان سرسبز ۽ آباد رهي اهي ۽ هي ڌرتي انيڪ قسمن جي گاهن ۽
ٻٽن سان ڇانئي پيئي آهي. لاڙ هجي، اُتر هجي يا سرو، سموري سنڌ
اوهان کي سرسبز ۽ شاداب نظر ايندي ان لاءِ اسان لطيف سائين جي
سنڌ ۽ سموري عالم لاء ِدعا ب وساري ن سگھنداسين، جنھن چيو آهي
ته:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ اباد ڪرين،
گاھ ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا هٿرادو پو کيل، ٻيا قدرتي،
هٿرادو معني اهي گاه ڪيڪي اسان پاڻ زمين ۾ پوکيون ٿا ۽ ٻيا
قدرتي گاه جيڪي قدرتي طور، بنا پوکڻ جي ڦٽي نڪري، ڌرتيءِ کي
ساوڪ جي سرسبز چادر سان ڍڪي ڇڏين ٿا، خاص ڪري برسات جي وسڪاري
کان پوءِ يا وري ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪپن ڪنارن، ڪنڌين ۽ پوسل واري
زمين تي جام نسرن ٿا، واضح هجي ت بيٺل پاڻي کي ؛پوسل؛ چيو
ويندو آهي، اهو لفظ ڊڪارپوري لھجي ۾ڪتب اچي ٿو.
هٿرادو گاه ٻج جي صورت ۾ رونبي جي شڪل ۾ پوکيا ويندا آهن. ٻج
جي صورت ۾ لوسڻ، ڊرسيم، ڪرنگھ، ڳنڍير ۽ سائون وغيره پوکيو
ويندو آهي.
هڪڙا گاه چوپائي مال جي خوراڪ مھيا ڪن ٿا ته ٻي طرف زمين جي
ڪلر ختم ڪرڻ لاءِ ب استعمال ۾ آندا وڃن ٿا، جيئن جھنجھڻ يا
جنتر ۽ گوار وغيره . طريقو اهو آهي ت جڏهن مٿيان گاه ڪچو گل
ٺهين ت ان وقت ان جي ڏانڊي نرم، ڪچڙي ۽ رس واري هوندي آهي ،
اهوئي وقت هوندو اهي ت هر ڪاهي زمين ۾ چڱي طرح ملي ويندو ۽
پئدا ٿيل ڪلر وغيره ختم ٿي ويندو.
سمورا گاه
MINRAL SALTS
۽
VITAMINS, PROTAINS, FATS &
OILS
سان ڀرپور ٿين ٿا، جيڪي جانورن جي واڌ، جسم جي بناوٽ ۽
جوٽجڪ ڪو ڪم ڏين ٿا ۽ وڌيڪ معلوم هجي ت ڪي ڪي گاه جانورن کي
بيمارئ جي حالت ۾ دوا جو ب ڪم ڏين ٿا.
بروڪلوس جو بيان آهي ت مون زخمي ٻڪرئ کي جھنگ ۾ هڪ جڙي ٻوٽي
(گاه) کائيدي ڏٺو جا تجربي کان پوءِ انسان لاءِ ب مفيد ثابت ٿي
۽ مون ان تي تجربا ڪري ڏٺا.
ڊاڪٽر لارڊ لنڊ ٻڌائي ٿو ت نور جڏهن نانگ سان وڙهندو آهي ت
زخمي ٿيڻ تي جھنگلي ٻوٽي گاه کائيدو اهي، جنھن کان هن تي نانگ
جي زهر جو ڪوب اثر ن ثيندو آهي.
گاھ بناوٽ جي لحاظ کسن ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن.
ويڪري پنن وارا گاه جيئن ناڙو، لوسڻ،
()BROAD
LEAVED)((
1
برسيم، ٻڪن ۽ ڀنگن وغيري.
سوڙهن ۽ ڊگھن پنن وارا گاه جيئن ڊڀ، ڳنڍير، ڪرنگھ ۽
(LINEAR TYPE)( 2)
سائون وغيره،
ٽڪنڊي ٿڙ وارا گاه، جيئن ڪل ۽ ڪجھ وغيره.(SEDGES
TYPE)
3)
1) برسيم؛
برسيم جو اصل وطن مصر آهي، هتي سنڌ ۾ پھريون ڀيرو 1904ع ۾
ميرپور خاص فارم تي ڀرسيم جي تجرباتي پوک ڪئي ويئي هئي، جيڪا
ڪامياب ٿي ۽ پوءِ پوري سنڌ ۾ برسيم جي پوک پکڙجي ويئي.
سنڌ ۾ برسيم جي هاڻ اهميت هي آهي جو هن گاھه کي گاهن جو
بادشاھ به چيو وڃي ٿو. اهو صرف ان ڪري جو هي گاھ زائقي وارو
طاقتور ۽ هاضمي دار ٿئي ٿو ۽ جانورن جي شوقيه گاهن مان هڪ آهي.
هن گاھ جي گل جو رنگ اڇو ۽ ان ۾ ڀيني ڀيني خوشبو ٿيندي آهي،
جيڪا رستي ويندڙن کي موهيو وجھي.
هن جو سڪل گاھ به سٺو ٿئي ٿو ۽ هن کي سڀ جانور کائين ٿا. هن
جو ٻج سرنهن جي داڻي کان وڏو ٿئي ٿو.
ڇٽرالو گاھ به برسيم جھڙو ٿئي ٿو فرق صرف پنن، گل جي رنگ ۽ ٻج
۾ ٿئي. ڇٽرالي گاھ جو پن ڪجھ گول ٿئي جڏهن ته برسيم جو پن
ٿوروڊگھو هرٻي وانگر ٿئي. ڇٽرالي جي گاھ جو رنگ سوسني ۽ اڇي
رنگ تي ٿئي ٿو گاھ جي ڏانڊي ٿلهي ۽ لڙي دار ٿيندي آهي. سندس ٻج
برسيم جي ٻج کان سنهو ٿيندو آهي. باقي سومرو ڪارج برسيم جھڙو
ٿو ٿئي.
لوسڻ:
هن گاه جو اصل ايران چيو وڃي ٿو، جتان پوءِگاه جي پوک ساري
دنيا ۾ ڪئي وڃي ٿي. هي گاه برسيم کان ٻئي نمبر تي پو کجندڙ
آهي. لوسڻ جو گاه خاص طور تي گھوڙن ۽ گڏهن کي کارايو ويندو
آهي، هن جون سڌريل جنسون ريزسٽا ڪلر ۽ واريئر آهن.
سندس سوسني رنف جو گل سڪائي ماکيءَ ۾ گڏي کائبو ت يرقان، ٻرهل،
جلندر، پرميل ۽ ٽڪيءَ جي ڦٽ لاءِ مفيد آهي.
3) ڪرنگھ؛
هي گاه چار فوٽ کن ڊگھو، چيڪي مٽيءَ واري زمين ۾ ٿئي، هن کي
پاڻي جام کپي. هن جا پن ڊگھا ٿيندا اهن، سندس ڏانڊي ڪارسري رنگ
جي ٿيندي آهي ۽ چوٽيءَ تي سنگ ڪڍندو آهي. هن گاه کي ڍڳيون،
مينھون، گھوڙا ۽ گڏه کائيندا آهن. هن جي ٻج جو رنگ ڳاڙهو داڻا
ننڍا ۽ سندن زائقو ڦڪو ٿيندو آهي.
هن جي ماني سيني جي سور لاءِ جگر جي درد، گھاٽي ڀلغم ۽ ڪچي
رطوبت کي پچائي ٻهر ڪڍي ٿي، ۽ معدي جي ڪيئن کي ب ماري ٻاهر ڪڍي
ٿي. هن جي لُپري هر قسم جي سور ۽ سوڄن لاءِ چڱي فائديمند آهي.
ڏڪر جي وقت ۾ ٿرين جي مکيا غذا آهي.
4) ڳنڍير:
هي گاه ڏاڌي زمين ۾ ٿئي جنھنڪري ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي زمين ۾ ڪون
اڀري، هن گاه جي هيٺين ڀاڱي ۾ ڳنڍيون ڳنڍيون ٿينديون اهن، ڪيڪي
زمين ٽي لڳي اڀرنديون وينديون آهن ۽ مٿان سنگ ڪڍنديون اهن جو
ڦاڪن سان جھيرڻي جھڙو ٿيندو آهي. اهڙي طرح تندون ٿي چوڌاري
زمين تي اڀرندو ۽ پکڙجندو ويندو اهي. تندون سنھيون مضبوط ۽
سائي رنگ جون ٿينديون آهن، ٿر ۾ هن گاه کي ؛ گنٺيو؛ چوندا آهن،
هن گاه کي مينھون ۽ ڍڳيون خوب کائينديون آهن، لطيف سرڪار ب هن
گاه جو ذڪير پنھنجي بيت ۾ هيٺين ريت ڪيو آهي.
جيئن ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن جو
ڏنيون لس “ لطيف “ چئي، هنئڙي کي هير
وڃي منجھ ملير، سڀ ڇوڙيندس سومرا
( 5) سائون:
هي گاه سخت زمين ۾ اُڀري. ڊيگھ ۾ 3 يا 4 فٽ کن ٿيندو ٽهي. ان
جا پن سنھا ٿيندا آهن، سڳنگ اٽڪل اڌ فوٽ ٿيندو اهي جنھن ۾ اهر
جي داڻي جيڏي ان، ٻاهران پورو ۽ اندران اڇو ٿيندو اهي. ٿري
ماڻھو ڏڪت جر وقت هنجي ماني پچائي ۽ ڇڙهي ڀت رڌي کائيندا آهن.
هن جو گاه مينھون، ڪئون، گھڙا ۽ گڏه کائيندا آهن.
(6) سيارڇ:
ٿر ۾ هي گاه وسڪاري جو پوٺن تي ٿيندو آهي. منجھس ڳاڙها گل
ٿيندا آهن، ڪچي گاه جي ڀاڄي ڪبي آهي ۽ پچڻ بعد مال کائيندو
اهي.
(7) مانڌاڻو:
هي گاه سخت زمين ۾ اُڀري. پاسن کان سنھا ڊگھيرا پان ٿيندا اهن
۽ وچ۾ ڏانڊي ٿئي جنھن جي چوٽيءَ تي چئن يا پنجن، بعضي ڇھن ڦاڪن
سان سنگ ٿيندو اهي، جيڪو هوبھو مانڌاڻيءَ جھڙو ٿيندو اهي. هن
گاه کي “ جھيرڻو“ ب چيو ويندو آهي. هي گاه رڍون، گھڪريون،
ڍڳيون، مينھون ۽ گڏه جام کائن.
(8) مکڻي:
هي گاه مانڌاڻي جھڙو پر ڊيگھ ۾ البت وڏيرو،
چوتيءَ وٽ چئن ڦاڪن سان ٿيندو اهي، جڏهن سائو هوندو آهي ت
مينھون، ڳئون، گڏه، گھوڙا، ٻڪريون وغيره کائيندا آهن.
هي گاه خاص ڪري برسات جي موسم ۾ پئدا ٿيندو اهي. ان
جو ٻج سنھڙي ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ تي ٿئي ٿو. ان جي ماني قبض آهي.
رت جي بڳند ڪرڻ معده ۽ دماغ جي رطوبت خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.
ان جي گاه مان پاڻي ڪڍي گرم ڪري ڪن جي سور لاءِ ڪم آڻجي.
9 ) کھ:
هي گاه ڦوٽ کن ڊگھو ٿئي. هي سخت زمين ۾ گھاٽو اڀعندو اهي. هن
لي ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ گڏه کائيندا آهن.
ٿر جي رهواسين کي خاص ڪري ڏڪر جي وقت ۾ سائون، سيارڇ، مکڻي ۽
کھ جو ٻج ماني پچائڻ يا ڀت رڌڻ جي ڪم اچي ٿو، جيڪا ٿرين جي
مکيا خوراڪ ۾ شامل ٿيو پوي ۽ گاه وغيره چوپائي مال جي خوراڪ
طور ڪم اچي.
شاعرن جي سرتاج، شاه سائين، پنھنجي بيتن، سُر مارئي م انھن
گاهن جي اهميت کي ڏسي هيٺين ريت فرمايو آهي،
هن مند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال
سائون، سيارڇ، مکڻي، جيڏيون! آ ڻن جال
ستيءِ جي سيد چئي، ڪا ساڙيھ منجھ سنڀال؟
لڱن تان “ لطيف“ چئي، لوئي لاءِ م لال !
ڀلو ڪندو ڀال، مينھن
وسندا ، موٽ تون،
کھ، مانڌاڻو، مکڻي، قوت جنين جو سائون
مون ماروءَ سين لڌيون،
10) سيڻ :
هي گاه ٿئٻ ٿئٻ بيٺل هوندو آهي، جنھن ۾ تيليون ٿينديون آهن.
تيلين جي پڇاڙي ۾ ڳيتيل اڇا سنگ ٿين، جيڪي چار انچ کن ٿين، ٿر
۾ گھوڙي لاءِ سيڻ جھڙو ٻيو ڪوب گاه ڪون آهي. چوندا اهن ت سيڻ
گھوڙي لاءِ آمڻ اهي. هن کي ڪڏه ب جام کائن، شاه لطيف جي هيٺين
بيت ۾ سبڻ جي تعريف هن ريت اهي!
ڍٽ ڍري پٽ پئيون، ٿيا ولھارن وي.
سج چند ن پاڙيان، سيڻن جي شبيھ
جي جاني اندر جيءَ سي پرين پيهي گھر آئيا
11)
ڀرٽ :
هي گاه وارياسي زمين ۾ جام ۽ سخت زمين ۾ ٿورو ٿئي، ب فوٽ کن
ڊگھو ٿئي، هن جا پن دگھا ٿين ۽ هن گاه جون تيليون تيليون ٿين،
هر هڪ تيلي جي ڇيڙي تي سنگ ٿيندو آهي. هي کي ڍڳيون، مينھون ،
گھوڙا ۽ گڏه کائن،
12) لنب :
هي گاه مٺي نھور زمين ۾ خاص ڪري سنون پوٺن تي جام ۽ گھاٽو
ٿيندو اهي. ڊيگھ ۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿئي. ان جي تيلي سنھي ٿيندا آهن.
هن جا پن سنھا ۽ چوٽيءَ وٽ تکا ٿيندا اهن. هن جي کائڻ ڪري مال
۾ ڪير جام ۽ گھاٽو ٿيندو آهي ، جنھنڪري مکڻ جھجھو لھندو آهي،
ان ڪري چوندا آهن ت “ لنب مکڻ چنب“ يعني لنب کائڻ ڪري هر هڪ
ڍڳيءَ مان چنبي جيترو مکڻ لھندو آهي، هن کي مينھون، گھوڙا ۽
گڏه ب جام کائين. هن ۾ سنھڙو اَن ٿيندو اهي جيڪو ڏڪر جي مين
۾ غريب ٿري کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن، لنب لاءِ لطيف سائين
فرمائي ٿو:
منجھان لنب ”لطيف“ چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
پُلءَ ن پاڙيان عمر! آراڙيءِ سين،
آراڙي _ اڇن گلن سان هڪ گاه جو قسم.
13) ڊامڻ :
هي گاه سخت زمين تي ٿيندو اهي. ان جي ڊيگھ ٻ فوٽ کن ٿيندي
اهي. هن جا پن ڊگھا ۽ نوڪدار ٿين. ڏانڊيءِ مان تيليون نڪرن جن
۾ سنگ ٿين. هي گاه ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ گڏه کائين ڊامڻ کئڻ
ڪري مال گھڻو ۽ گھاٽو کير ڏيندو اهي، سر سارنگ ۾ ڊامڻ
گاه جي باري ۾ سائين لطيف جن فامايو اهي ت:
ڀري ڀٽ تي آئيو، سانگ سھج منجھان
ڪڙيون کٽڻ هار جئن، وڄون اُتر واءِ
سرها سڀزا ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪيا
پھري پٽئان، ڀريائين ڪن ڪراڙ جا
14) چيھو :
هي گاه سخت زمين ۾ ، خاص ڪري اهڙي هنڌ جتي ڪجھ وقت برساتي
پاڻي بيھندو آهي اتي جام ٿيندو آهي. هن جا پن چپڙا، مني فوٽ
تائين ڊگھا ٿيندا آهن، وچ۾ ڏانڊي ٿيندي آهي، جنھن جي چوٽيءَ تي
ڦاڪدار سنگ ٿيندو آهي، هن کي رڍون، ٻڪريون ۽ گڏه جام کائيندا
آهن،
چيھي گاه جي ٻج کي ” ٿيگ” چئبو آهي، جيڪو ننگر پارڪر ۾ ڪافي
انداز ۾ ٿئي ٿو. ٿيگ آلو ۽ ڪچو کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي.
چيھي گاه بابت ڀٽ ڌڻي، سر مارئي ۾ هن ريت چيو اهي،
1_ جھڙ ڦڙ مٿي ماروئين جت چيھو ۽ چڪ
اندر ٿو اُڃ مري ساه اني جي سڪ
2_ماڪاڻيءَ تان موٽيو، ڏيئي پٻ پاسو
خالق ڪيو خاصو، چيھو چکيءَ ڪنڌئين
3_ چيھو چکيءَ ڪنڌئين، ڪيائين گڙنگ تي گل
هڏا ڪٽيان هليو، ڀري ترايون تل
اندائين آب اُڇل، مٿي باغ بھار ٿي
4_ منھن جو تور تلن ۾، چيھا ٿو چاري
ڍائي ڍٽ ڌاري، آهم اُٺي مينھڙي
(15)
کوائي:
هي گاه سخت زمين ۾ گھاٽو اڀرندو آهي، هن جي پاڙ مان تيليون
نڪرنديون آهن جيڪي ٻ اڍائي فوٽ کن ٿين، هي گاه سائو هونيو آهي
ت کيس ڍڳيون ۽ ٻڪريون شوق سان کائن.
(16) برينڇ:
هي گاه ڀٽن جي لاهين ۽ ڏرڙن جي ڪپن تي ٿيندو اهي، پاڙ مان
ڪيتريون تيليون ٿي، جھگٽي وانگر بيھندو آهي. ڪچڙو ۽ سائو هوندو
آهي ت ٻڪريون ۽ ڍڳيون وڏي چاه مان کائينديون آهن.
(17) ٻرو :
هن گاه جو قسم چار فوٽ کن ڊگھو ٿئي، نرم وارياسي زمين تي
ٿئيءَ. چوٽيءَ تي سندس سنگ ۾ ڦاڪون ڦاڪون ٿينديون آهن، جيڪي
ٽڙي بيھنديون آهن. پن ٻاجھري جھڙا، پر سنھا، سندس وچئين ڏانڊي
ڳاڙهيري رنگ جي ٿيندي آهي، هي گاه ڍڳيون، مينھون، گھوڙا ۽ ٻيا
جانور کائيندا آهن، هن جو ان (ٻج) ڏڪر جي وقت ۾ غريب ٿرين جي
خوراڪ ۾ شامل آهي.
(18) ڊڀ:
هي گاه سخت زمين م ٿيندو اهي ۽ پوءِ چوڌاري پکڙبو آهي. هي
هيٺان ٿٻ وانگير ٿيندو آهي. هن جي پاڙ هيٺ اونھي ويندي آهي
جيڪا ڪمند وانگر ڳري دار ٿئي. هي پاڙون زمين ۾ اٽڪل 50. کان
60. فوٽن تائين وڃن ٿيون. ڊڀ ايترو ت سخت جان آهي جو پھاڙن کي
چيري ب اُڀري اچي ٿو.
هن جا پن چپٿرا ڊگھا 3 يا 4 فوٽ کن ٿيندا آهن. وچ۾ سنھيون
ڏنڊيون ٿينديون آهن، جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا سنگ ٿيندا آهن.
هن جا ٿٻ سدائين
ساوا بيٺا هوندا آهن. جڏهن هي وڏو ٿيندو آهي ت ڏاٽي سان ڪپي ٿر
ڏي ۽ پاکڙن جي ٿڙهن جي اندر وجھي ڀرتي ڪندا آهن. هن مان نوڙيون
وٽي غريب ماڻھو کٽولا واڻيندا اهن ۽ هن جي ڪتر ڪري مٽيءِ جي
گاري سان گڏي جاين کي ليپو ڏيندا آهن جو انڪري نڪي ڦٽيدو ۽ نڪو
برسات جي ڪري ترت لھيدو. سائو هوندو آهي ت کيس مينھون، ڳئون ۽
گڏه کائيندا آهن. ڊڀ مان نار جون مالھون ۽ رسا ٺاهيا ونيدا
آهن.
هن کي گھوئتي پاڻي ڪڍي ان۾ ٿورو آفيم گھي، ملائي مصري وجھي
پوءِ پيار جي ت وبائي دستن ۽ قي کي روڪي ٿو.
هن کي فقط گھوٽي پيئجي ت رت گھاٽو ۽ صاف ڪري ٿو. هن کي هيڊ ۽
چانورن سان ملائي لپري ٺاهي سخت سوڄن تي ٻڌڻ مفيد آهي،
(19) ڀنگرو:
پنن ۾ هي گاه واهو جھڙو ٿئي. مال گھڻو ڪو ن کائيس، ٻوڙو وڏو
ٿو ڪري ۽ هي دوائن جي ڪم اچي ٿو.
هن جا پن ذئقي ۾ تيز ٿين ٿا. گل هيڊي رنگ تي اٿس. ان جا پن
گھوٽي پيارجن ت ٻرهل کي ڪچي پوءِ ڪڍن ٿا، دستن جي ذريعي.
جذام، قولنج لاءِ مفيد آهي. اڇن وارن کي ڪارو ڪري ٿو. وات
پچڻ ڪري گرڙيون ڪجن ت فائدو ٿيندو.
ڏندن جي سور لاءِ مفيد آهي. قوت باه، اکين جي سور، روشنائي،
ڌنڌ، خارش، ۽ ڦلي لاءِ مفيد اهي.
(20) واهو:
هي گاه پاڻيءَ جي ڪنارن تي ٿيندو آهي. سندس پن لوڻڪ وانگر
ٿيندا آهن. هي زمين تي گھڻو پکڙجي ٿو. گل نيريڙو ۽ ڳاڙهسرو ٿو
ڪري ۽ سندس ٻج ڪارو ٿئي.
هي گاه اُٺ جو قوت آهي. ٻيا جانور بک مرندي کائيندس. هي گاه
دوائن جي ب ڪم اچي ٿو.
هن گاه جا پن گھوٽي پيارجن ت پيشاب کي جاري ڪن. گردي ۽ مثان
جي پٿري کي پيشاب ذريعي ٻاهر ڪڍي ٿو. صفرا، بلغم، رت جي جوش ۽
وائي بادي کي تحليل ڪن ٿا. ان جي لپري سخت سوڄ کي نرم ڪري
ڦڙيندي آهي.
(21) ڪوري :
هي گاه ڪنئري نرم ۽ ڪجھ دڙن واري زمين ۾ سٺو ۽ ڀلو ٿيندو اهي.
هن جي ڊيگھ فوٽ کن ٿئي. ان جا پن دگھا ۽ ڪجھ ويڪرا سائي رنگ
جا، اڇاڻ تي مائل ٿيندا آهن ۽ هٿ لائڻ سان نرم نرم ريشم جھڙا
پيا لڳندا آهن. ٿڙ مان تيليون نڪرنديون اهن. هر هڪ تيليءَ جي
ڇيڙي ۾ سنگ، مانڌاڻي وانگر ڦاڪن وارو ٿيندو آهي. هي گاه گھوڙا،
گڏه، مينھون ۽ گابا چاه سان کائيندا آهن.
(22) ويڪر :
هي گاه سخت زمين ۾ جام اُڀري ۽ بلڪل گھاٽو اُسري. ڊيگھ ۾ فوٽ
يا ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. اُٺ جو ته خاص کاڌو آهي. ڍڳيون، بڪريون ۽
رڍون به عام کائين. هي اڀر سنڌ ۾ بلڪل گھٽ ٿئي پر ٿر ڏي تمام
گھڻو ٿئي.
(23) وينجھل :
هن گاه جون سنھيون تندون وڌي وري ٻئي هنڌ زمين تي پاڙ هڻي
وڌنديون وينديون اهن ۽ جلدي چوڌاري پکڙجي ونيدو اهي ۽ گھڻو وقت
سائو رهنيدو آهي.
هن کي ٻيا جانور ڪونه کائين البت اُٺ کائيندو آهي. هن کي ؛
موٿو؛ يا ؛موت؛ به چون.
(24) کيلھو :
هي هوبھو بصر جھڙو ٿئي. زمين اندر اڇي ڳنڍ ٿئي ۽ مٿان پن ٿيندا
آهن. جنھنڪري کيس جھنگلي بصر به چون. ڳنڍ کائڻ ۾ ڪساري ۽
پيسواد ٿئي ٿي ان ڪري ڪنھن به ڪم ۾ ڪونه ٿو اچي مٿيان ساوا پن
ٻڪرين ۽ رڍن جي خوراڪ آهن.
(25) ڏنوهي :
هي گاه ڀٽن جي پاسي تي فوٽ کن ڊگھو ٿيندو آهي. پاڙ وٽ جھگٽي
سان ٿئي ٿو. کيس رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ گڏه کائيندا آهن.
(26) ساٽھڙو :
هي گاه ڏسڻ ۾ جھڙو واهو پر پن سنھڙا ٿا ٿينس. کيس سڀ مال
کائي. هرڻ چپو، کيرول، سونل ول ۽ ڪوُري ان سان دعوي ڪين ڪندا،
حالانڪ اهي به کير وارا گاه آهن پر ساٽھڙو سڀني کان وڌيڪ آهي.
(27) پڇر :
هن گاه جي ڪافي سنئين نڪري هلي ويندي آهي ۽ مٽي ڳپل ۾ ڪتي جي
پڇ وانگر بج ڪندو آهي. هن کي مال ڇڊو ڏي کائيندو آهي. ماڻھو
منجھانس ٻڌڻ وٺي ڪنن يا ووڻن جا گڏا ٻڌندا آهن.
(28) چل يا جھل :
هي ٻوٽي گاه آهي. هي گاه ڇيهي جھڙو پر لامن سان ٿئي خاص ڪري
سخت پوٺي زمين ۾ جتي پاڻي جي گھڻ هجي اتي جام اڀري. ڪڻڪ جي فصل
۽ واڙين ۾ به بلڪل گھڻو اڀريدو آهي. سندس ڪچڙا پن پٽي ساڳ به
رڌو ويندو آهي. هن کي بڪريون، رڍون، ڍڳيون، گھوڙا ۽ گڏه کائن.
هن جي کائڻ سان کير واري مال جو کير وڌي ٿو.
(29) ڳم :
هي به ٻوڙو هڻي ٿو جو ڏاڍو سھڻو ٿئي ٿو. هن جون ڳريون بانس
وانگر ٿين. ڊيگھ ۾ اٽڪل 7 فوٽ کن ٿئي. ڍور کائڻ پر بادي ڪري
ٿو. جڏهن ڪچو آهي تڏهن ڪونه کائينس مگر پڪي بعد ٿورو تورو
کائينس.
ڳر جي ڪاٺي نھري ۽ ٽار ڇڍا ٿيندا آهن.
(30) ڌيئر پڇو :
هي گاه شڪل ۾ منڌاڻي جھڙو ٿيندو آهي. هن جي پڙ مضبوط ٿئي. هن
کي مال بلڪل گھڻو کائي. هن جي سنف ۾ ڏه ٻارهن ڦاڪون ٿيون ٿين ۽
هن جو قد گوڏي جيترو ٿيندو آهي.
(31) مونو :
|