www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

سنگاپور ويندي ويندي                                    الطاف شيخ

.”سنگاپور ويندي ويندي“ هر ماڻهو ان تجسس ۽ انتظار ۾ هوندو ته الطاف سنگاپور ۾ پهچندو به سهي يا کين راهه ۾ رولي ڇڏيندو.اڃا ته روانو ڪٿي ٿيو آهي. بس هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ اهڙو ته پيو وندرائي جو دل پئي چئي ته ڀلي في الحال پنهنجي بيان کي جاري رکي. ملائيشيا کان سنگاپور ويندي ويندي وري ٿورڙي ئي پنڌتي پاڻ سان گڏ اسان کي به بيهاري ڇڏي ٿو. ٿورو انتظار ۽ بي چيني وڌي ٿي ته سنگاپور جو سير الائي ڪهڙي وقت ڪرائيندو ته اوچتو اسان جي ملاقات سريمبان جي اسٽيشن ماسٽر رينگا سان ڪرائي ٿو جيڪو هندستان جو تامل هندو آهي.  ۽ سنگاپور پهچڻ جي اڻ تڻ ۽ آنڌ مانڌ عارضي طور جهڪي ٿي وڃي ٿي  . اڳتي هلي وري ”ناني ڪي دوڪان“ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو پڙهندڙ لاءِ بيحد دلچسپ ۽  معلوماتي آهي. اهڙيءَ طرح سنگاپور ويندي ويندي، رستي تي قسطين ۾ ساهيون پٽيندي ۽ فلئش بئڪ ۾ ڪي مزيدار ڳالهيون ۽ دلچسپ واقعا ۽ قصا ٻڌائيندا ته الطاف پنهنجي پڙهندڙ سميت سنگاپور پهچي ويو آهي. جتي پاڻ به گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي سفرنامي جي ساٿين کي به ڪافي معلومات ڏني اٿائين، سنگاپور جي تاريخ، جاگرافي،ثقافت، صفائي سٺائي، تعليم، صحت، ماڻهن جون ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، انهن جون دلچسپيون، مطلب ته هر لحاظ کان ۽ هر زاويي کان سنگاپور جي باري ۾ ٻڌايو اٿائين

ڪتاب کي پڙهڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

 

عشق سلامت رهي                           مرتب:    امير علي ابڙو

عشق سلامت رهي دين ڪفر درڪار نه ڪوئي               پاڻ انسانيت پسند غريب جا ھمدرد ۽ پيار ڪندڙ ھئا، پنھجي فقيرن کي ڀِراوِڙا يا حقيقي اولاد سڏيندا ھئا. کين اھڙو ئي پيار ۽ محبت ڏيندا ھئا. ڪڏھين  به اھو ڪون پسند ڪندا ھئا ته فقير پنھنجا گھر اولاد ڇڏي اچي سندس خدمت ۾ رھن، پر کين اھا صلاح ڏيندا ھئا ته بابا پنھنجي گھر ۽ اولاد جي خدمت ڪريو پوءِ اگر توھان کي وقت ملي ته مون ڏانھن اچو ورنه توھان جي حق ۾ اھو بھترآھي ته پنھنجي گھر جي خدمت ڪريو

ڪتاب کي پڙهڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.

 

 

   اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا                            الطاف شيخ

الطاف جو هي سفرنامو ان ملڪ (سئيڊن) بابت آهي، جيڪو يورپ جو آخري حصو سمجهيو وڃي ٿو. اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري سئيڊن ۽ ان جا آسپاس وارا ملڪ (ناروي، فنلئنڊ وغيره) ڪيترن لاءِ ڏورانهان ۽ اوپراآهن. برف باري، شديد سردي ۽ جهڙڦڙ ۽ اونداهه جو هنن ملڪن تي ٻارهوئي راڄ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا جي سونهن، رهائش جي اعلى معيار، بهترين سوشل سيڪيورٽي جي طريقي ۽ Modernization ۾ سئيڊن سڀني ملڪن کان اڳرو آهي. Volvo ڪارن ۽ Saab هوائي جهازن جي هن ملڪ (سئيڊن) ۾ الطاف کي ويجهڙائيءَ ۾ ٻه سال رهڻ جو موقعو مليو، جتي هو واندڪائيءَ ۾ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن بابت دلچسپ ڳالهيون لکندو رهيو ۽ هاڻ اهي ڪتابي صورت ۾ توهان جي آڏو آهن.

ڪتاب کي پڙهڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

 

  سندري آتمچنداڻي جون ڪهاڻيون      مرتب: ماجد ڀرگڙي                

ڪتاب کي پڙهڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

 

    ڏاهي جهرڪي                                     الطاف شيخ           

ڪتاب کي پڙهڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

 

نصرپور

 هڪ تاريخي ، ادبي ، سماجي ، ۽ قديمي شھر

ڪتاب کي پڙهڻ يا ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
Mazhar Ali Abro, SindhSoftTech Larkana,Pakistan