|
مملڪت
خداداد پاڪستان، هن وقت، شديد اندروني بحرانن، تضادن ۽ اختلافن
توڻي ٻاهرئين دٻاءَ ۽ مداخلت جي ور چڙهيل آهي. هيءُ سمورو
لقاءُ ڪنهن اوچتيءَ آفت يا ڪنهن خدائي قهر جو نتيجو ناهي. ان
جا ڪي ٺوس زميني ۽ معروضي سبب آهن. ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ گذريل
عرصي ۾، هن رياست ڪڏهن به انهن سببن ۽ محرڪن سان رجوع نه ڪيو
آهي، جن انهيءَ کي اهڙيءَ حالت زار تائين پهچايو آهي، جو کيس
دنيا جي ناڪام رياستن ۾ ڳڻيو پيو وڃي.
جيڪڏهن ڪنهن رياست جي ناڪاميءَ جي وضاحت ۽ انهيءَ جي اشارين (indicators)
جي تفصيل ۾ وڃبو، ته گھڻو ڪجھه ڄاڻائڻ جوڳو آهي؛ پر هيءَ رياست
شڪست خوردگيءَ ۽ ناپائداريءَ جي جنهن ڳنڀير موڙ تي بيٺي آهي،
انهيءَ جو سڀ کان بنيادي ڪارڻ هيءُ آهي، ته هن مملڪت جو قيامُ
مذهب جي بنياد تي عمل ۾ آيو. جڏهن ڪا قوم پنهنجي روپ ــ ڌار جي
سڌريل اوچي پد تي رسندي آهي، ته انهيءَ لاءِ رياست جو قيام
اڻٽر ٿي ويندو آهي، پر هتي اچرج ڏياريندڙ معاملو هيءُ آهي ته
هيءَ رياست اڳ ۾ قائم ڪئي وئي، جڏهن ته ان لاءِ قوم جي تشڪيل
جو عمل پوءِ شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي اُهو به نج مذهب کي
خيال ۾ رکندي! هِن ڌرتيءَ تي ڪابه اهڙي قوم وجود نه ٿي رکي،
جيڪا مذهب جي پيدا ڪيل هجي. مذهب ڪنهن قوم جي زندگيءَ ۾،
اُنهيءَ جي ثقافت جو حصو ته برابر ٿي سگھي ٿو، پر اُهو پنهنجي
پاڻ ۾ ڪنهن قوم جي تخليق جي وسعت يا صلاحيت نه ٿو رکي. هن وقت
هڪ قوم لاءِ تسليم ڪيل جديد نظريي جي ترڪيبي جزن ۾ مذهب کي
شامل نه رکيو ويو آهي. ڪنهن قوم جي وصف جي ڏس ۾، انهيءَ روشن
ڏاڪي تائين رسڻ لاءِ هِن دنيا جي مختلف ملڪن جي عوامن ڪيترين
ئي صدين جو پنڌ ڪيو آهي.
اهڙي باقاعدي شروعات فرانس جي انقلاب کان پوءِ ٿي، جڏهن ته اُن
کان پوءِ يورپ ۾ اٿندڙ نئين سجاڳيءَ ۽ سڌارن وارين تحريڪن
وسيلي اهڙي خيال کي وڌيڪ هٿي ملي. هِن وقت گڏيل قومن جي اداري
جي اصولن پٽاندر جديد قوم جي وضاحت اِها مقرر ڪئي وئي آهي ته
ڪنهن به جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ اڪثريتي آباديءَ وٽ جيڪڏهن
پنهنجي ٻولي، تاريخي روايتون ۽ ثقافت موجود آهي، ۽ اُنهيءَ
آباديءَ جي اقتصادي مفادن ۾ به هڪجهڙائي آهي ته اُنهيءَ کي قوم
چئجي. جڏهن ته مذهب کي ماڻهوءَ جو ذاتي داخلي معاملو ڄاڻايو
ويو آهي، جنهن جو رياستي ڪاروهنوار سان ڪو سڌو يا سڄو واسطو
ناهي. هاڻ اِتان اِهو اندازو بنهه سولائيءَ سان ڪري سگھبو ته
مذهب کي رياستي معاملن کان انهيءَ ڪري الڳ رکيو ويو، جو جيڪڏهن
ڪنهن فرقيوار نظريي جي اساس تي، ڪنهن رياست جي عمارت کڙي ڪئي
ويندي ته اُها گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھندي، خاص طور تڏهن،
جڏهن، اُها رياست هڪ وفاق جي شڪل ۾ هجي ۽ اُنهيءَ کي مختلف
تاريخي پسمنظر رکندڙ وحدتن/اڪاين ملي ٺاهيو هجي، ۽ اُهي پنهنجي
پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخي روايتن ۽ اقتصادي مفادن ۾
هڪجهڙائيءَ وارن سگھارن مقامي اهڃاڻن جون وارث به هجن.
اڄ اسين ڏسون ٿا ته آمريڪا جا ماڻهو هڪ قوم جي شڪل وٺي چڪا
آهن. آمريڪي سماج دنيا جي مختلف خطن مان لڏي يا ڀٽڪي آيل هجومن
۽ ٽولن، واپاري طبقي ۽ غلامن وغيره وسيلي وجود ۾ آيو، جڏهن
اُتان جي ماڻهن پنهنجن اقتصادي مفادن کي اڳيان رکندي برطانوي
سامراج خلاف بغاوت ڪئي. اُن کي اُتان نيڪالي ڏني وئي ته
اُنهيءَ کان پوءِ اُتان جي ماڻهن هڪ قوم جي شڪل اختيار ڪري
ورتي. اِهي ماڻهو ٻين مختلف علائقن مان لڏي ته آيا هئا پر
پنهنجي تاريخي پسمنظر تان هٿ کڻي چڪا هئا يا ائين چئجي ته
اُنهن وٽ پنهنجي ڪابه قومي شناخت نه
هئي، انهيءَ ڪري اُنهن جو گڏجڻ ۽ پوءِ هڪ قوم جي صورت وٺڻ لاءِ
شعوري ڪوششون وٺڻ انسان جي پنهنجي بچاءَ واري جبلت سان
واسطيدار عمل هو. جڏهن ته پاڪستان جي معاملي ۾ صورت حال ڪجھه
ٻيءَ طرح جي هئي، هيءَ رياست اهڙن تاريخي وطنن کي ملائي ٺاهي
ويئي هئي، جن وٽ نه رڳو پنهنجو وسيع تهذيبي پسمنظر هو پر اُنهن
کي پنهنجي اهڙي پسمنظر تي اعتماد ۽ فخر به هو ـــ جيڪو جائز ۽
واجبي انهيءَ ڪري به چئجي جو هڪ قوم جي تشڪيل، صدين جي ووڙ ۽
ولوڙ جي موڙي هوندي آهي. اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته جنهن وقت
گڏيل هندستان جي مسلمان اقليتن جي اڪثريتي آباديءَ وارن علائقن
کي گڏي انگريز سرڪار کان هڪ نئين رياست ٺاهي ڏيڻ جي گھُر ڪئي
وئي هئي، ته اِنهن تاريخي وطنن سان اِهو واعدو ڪيو ويو هو،
ته اهڙيءَ رياست ۾ اُهي مڪمل طرح آزاد ۽ خودمختيار هوندا.
سائين جي. ايم. سيد جي ڳڻپ ورهاڱي کان اڳ به گڏيل هندستان جي
ناميارن سياستدانن ۾ ٿيندي هئي، پاڻ مسلم ليگ سان وابستا رهيا
پر سندن اهڙي وابستگي پاڪستان جي نانءَ سان ٺهندڙ هندستاني
مسلمانن جي رياست ۾ سنڌ جي مڪمل خودمختياري ۽ آزاديءَ سان
مشروط هئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ جڏهن اُن جي وفاق ٺاهيندڙ
قومن کي سندن قومي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کان محروم ڪيو ويو؛
۽ مسلم ليگي قيادت مذهب جي آڙ ۾، پاڪستاني قوميت جهڙي غيرفطري
۽ ڏيکاءَ تي ٻڌل اراديءَ تي قائم رهندي، سڀ استحصالي حربا حرڪت
۾ آندا. انهيءَ موڙ تي سيد صاحب به هندستاني مسلمانن جي انهيءَ
نوابي ۽ ڪنهن قدر سرمائيدار ٽولي، جنهن مسلمانن لاءِ الڳ وطن
يا وطنن جي گھر رڳو انهيءَ خيال کان پئي ڪئي، ته مٿن سياسي
تسلط وسيلي، سندن اقتصادي ڦرلٽ ڪري سگھجي، ۽ کين سدا لاءِ غلام
بڻائي رکجي، کي خيرآباد چئي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ سيد جي
زندگيءَ جو اهم دور شروع ٿئي ٿو جيڪو اسان سنڌين جي لاءِ هرطرح
سان فائديمند، رهبري ڪندڙ ۽ حوصلي ڏيندڙ ثابت ٿيو. انهيءَ دور
۾ سيد صاحب پنهنجي قلم ۽ عمل وسيلي جديد قومپرستيءَ جو نظريو
اجاگر ڪيو،
جنهن کي اسين ”سنڌ شناسي“ يا ”سنڌو ساڃهه“ جو نالو به ڏئي
سگھون ٿا. انهيءَ دور ۾ سائين جي. ايم. سيد عملي طرح به سنڌ
خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جي روڪ لاءِ تحريڪن کي منظم ڪيو، ۽
انهن جي سربراهي ڪئي. انهيءَ سان گڏ پاڻ گھڻو وقت سنڌ بابت غور
فڪر ڪرڻ ۽ پنهنجا مشاهدا، تجربا ۽ تجزيا لکڻ تي خرچ ڪيائون.
اهوئي سبب آهي جو پاڻ 50 کن ڪتاب لکي ورتائون، جيڪي هڪ کان
وڌيڪ موضوعن تي ۽ وڌ ۾ وڌ سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي رشتي جي
وضاحت تي آڌاريل آهن. جڏهن ته ڪي ڪتاب نج ادبي ۽ علمي موضوعن
تي پڻ لکيا اٿن.
جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ ئي کين اِهي پرُڻَ پئجي ويا هئا ته مسلم
ليگي قيادت جيڪي واعدا 1940ع واري پاڪستان ٺهراءَ وقت ڪيا هئا،
۽ جنهن جي توثيق پاڻ 1943ع ۾، سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي
قيام جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ وسيلي ڪئي هئائون، اُهي پاڙيا نه
ويندا (خاص طور دهلي ڪنوينشن ڀيري). اِن هوندي به کين اِها
اميد نه هئي ته ڪو مسلم ليگي قيادت ايتري تائين حدون اورانگھي
ويندي جو سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جهڙن تاريخي وطنن ۽ قومن جي
وزندار وجود کان انڪار ڪري، مذهبي نظريه قوم جي بنياد تي، کين
اِهو چوندي ته: هاڻي اوهين سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پختون نه رهيا
آهيو. اوهين سڀ پاڪستاني آهيو، انهيءَ ڪري اڳيون سڀ سڃاڻپون
وساري، فقط ئي فقط پاڻ کي پاڪستاني قوم سڏايو. . . . !؟
سيد صاحب مسلم ليگي قيادت سان اصولي اختلاف رکندي جدا ٿيڻ کان
پوءِ، پنهنجي سموري ڄمار، سنڌ جي مفاد ۾، انهيءَ ٽولي سان
نبردآزمائيءَ ۽ قومي جهاد جي ڪيفيت ۾ گذاري. پاڻ کُلي عام سنڌ
سان پنهنجي عشق جو اعلان ڪيائون ۽ عمر جي آخري گھڙين تائين سنڌ
سان باوفا ٿي گذاريائون؛ ۽ هِن ملڪ جي اهڙي سياسي سٽاءَ، جنهن
وسيلي تاريخي وطنن جي وجود جو انڪار پئي ٿيو، جي مخالفت جو
علمُ سدائين اوچو رکيائون. اهڙيءَ مخالفت جي ”گناهه“ طور کين
ورهاڱي کان پوءِ واري عرصي ۾ لڳاتار جيل ڀوڳڻا پيا يا کين گھر
۾ نظربنديءَ هيٺ رکيو ويو. ايترين سختين سهڻ کان پوءِ به پاڻ
ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان ڪابه شڪايت نه ڪيائون. هڪ سچي
عاشق وانگي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سندن خامين ۽ خوبين سميت
قبوليائون. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان پوءِ وارن سالن کان وٺي سندن
زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين، کين ڪي ٽيهارو سال جيل ۾ رکيو
ويو يا گھر ۾ بندش هيٺ رکيو ويو، پر اِن هوندي به کين ڪڏهن به
عدالت ۾ پنهنجي دفاع ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ايتري
تائين جو جنهن وقت پاڻ بستر مرگ تي هئا ته اُن وقت به اپيلن
ڪرڻ باوجود سندن نظربندي نه هٽائي وئي، نه ئي اِن کان اڳ کين
پرڏيهه وڃي چڱي نموني پنهنجو علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي.
سيد صاحب اسان ۾ اهڙو هڪ سياسي اڳواڻ هو، جنهن گھڻي کان گھڻا
ڪتاب لکيا ۽ سندن ڪتاب گھڻي ڀاڱي پابنديءَ هيٺ آيا يا سينسر
ٿيڻ کان پوءِ جاري ٿيا. سندن گناهه اِهو هو ته پاڻ اِهي ڪتاب
گھڻي ڀاڱي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيائون ـــ جيڪا سندن مادري ٻولي
هئي. جيئن ته پاڻ پنهنجا تجربا، خيال ۽ اُمنگ گھڻي ڀاڱي لکت ۾
آندا هئائون، انهيءَ ڪري سندن ذات ڪنهن کان به ڳجھي نه هئي.
هُنن ڪڏهن به پنهنجا اُمنگ ۽ خيال ڳجھا نه رکيا ــ جيل ۾ يا
ٻاهر، قانون جي ڪورٽن آڏو يا عام جلسن ۾، ڪٿي به. سيد صاحب جا
مسلم ليگي اڳواڻن سان ۽ اُنهن جي فرقيوار ۽ سياسي نظرين سان،
شروع کان اختلاف رهيا. هنن جا ساڻن اختلاف ڪي شخصي نوع جا،
تڪراري يا سطحي به نه هئا، پر اُهي هميشه اصولن تي ٻڌل،
شانائتا ۽ پورا دردمندانه رهيا.
اول ته سيد صاحب جو اِن خيال سان اتفاق نه هو، ته مسلمان (دنيا
جا، هندوستان ــ پاڪستان جا يا خود پاڪستان جا) ڪا هڪ قوم آهن
ـــ اِن معنى ۾ جنهن ۾ ”قوم“ جو اصطلاح سڄيءَ دنيا ۾ اڄ
استعمال هيٺ آهي ـــ جنهن جي وضاحت مٿي ڪئي ويئي. هو، ٻين
دليلن سان گڏ، پاڪستان جي بانيءَ، قائد اعظم محمد علي جناح جي
اُن تاريخي تقرير جو حوالو ڏيندا هئا، جيڪا هُن پاڪستان جي
آئين ساز اسيمبليءَ ۾، 11 آگسٽ 1947ع تي، ڪئي هئي، جنهن ۾ هن
چيو هو ته ’ڪُجھه وقتَ پِئي، پاڪستان جا مسلمانَ مسلمان نه
رهندا، ۽ نه هندو هندو ـــ مذهبي نقطي نگاهه کان نه پر سياسي
طور‘، وغيره وغيره. اِها ڳالهه چئي، هُن اڄ جي دور جي هڪ عظيم
سچ جي تصديق ڪئي هئي ته قوميت وطن جي بنياد تي بيٺل هڪ تصور هو
۽ نه مذهبي فرقيواريت جي بنياد تي. (هتي پڙهندڙن جي ڌيان ۾
هيءَ ڳالهه به آڻجي ته شروع کان وٺي هن رياست جي معاملن ۾ مذهب
کي دخلڪار ڪيو ويو، ۽ اڳتي هلي جڏهن هن رياست جو بنيادي اصول
ـــ آئين ٺهيو ته انهيءَ ۾ به انهيءَ جي اصولن کي خاص طور
جائتو ڪيو ويو؛ ۽ اهڙيءَ ريت مدرسن ۽ مڪتبن قائم ڪرڻ ۽ اُنهن
کي هلائڻ جي کلي آزادي ڏني وئي، اُنهن لاءِ فنڊ ۽ امدادون
موجود ڪيون ويون، جن جو ڪوبه ليکو چوکو نه رکيو ويو، نه ئي
اهڙي نظرداري ڪئي وئي ته سرڪاري پئسي تي هلندڙ انهن مدرسن ۽
مڪتبن ۾ ڪهڙي قسم جي تعليم ڏني پئي وڃي ۽ اُتي پڙهندڙ طالبن جا
ذهن ڪهڙي قسم جي علم سان ڀريا پيا وڃن. سرڪار جي اهڙي لاپرواهي
۽ عدم توجهيءَ جي نتيجي ۾ اِهي مدرسا ۽ مڪتب اسلامي جهاد جو
ڳڙهه بڻجي ويا، جتان مذهبي ڪٽرپڻي ۽ انتهاپسنديءَ جنم ورتو.
حاوي لاءِ هيءَ آهي، ته هن ملڪ جي سگھارن حلقن جو انتهاپسنديءَ
۽ دهشتگرديءَ کي اڀارڻ ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار
رهندو پئي آيو آهي. بهرحال انهيءَ صورتحال گھرو ويڙهه جي اهڙي
ڪيفيت کي جنم ڏنو آهي جو هاڻي جهادي تنظيمن ۽ جهادين کي
زبردستي ڪچلڻ ۽ نه ڪچلڻ ٻئي نازڪ معاملا بڻجي پيا آهن. جيڪڏهن
شروع کان وٺي مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار رکيو وڃي ها ته اڄ
هِن ملڪ جي صورتحال ڪنهن قدر موافقت ۾ هجي ها؛ ۽ عام شهري
فرقيواريت جي روزاني وڌندڙ باهه بدران (ٿي سگھي ٿو ته) ارضيت
جي ڇانوَ ۾ آسيس ماڻيندا هجن ها. هن وقت ڏسون پيا ته ملڪ ۾
رياستي سڌارن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ۽ اُنهيءَ هيٺ ملڪ جي ننڍن
صوبن ۾ اُسري ويل احساس محروميءَ کي ڌيان ۾ رکندي، ۽ سندن
وڌندڙ بي چينيءَ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي نظر ۾ رکندي، صوبن ڏانهن انهن
جي آئيني اختيارن جي منتقليءَ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي. اهڙو
عمل ڪنهن قدر بهتر ته هوندو پر جهڙي نموني جي صوبائي
خودمختياري جو ارادو هيءَ حڪومت ظاهر ڪري رهي آهي، اُها صوبن
کي ڪُلي ۽ مجموعي طور آزاد ۽ خودمختيار نه ڪري سگھندي. صوبا
اُن وقت ئي مڪمل طرح اقتدار اعلى جا ڌڻي ۽ خودمختيار ٿي
سگھندا، جڏهن کين 1940ع جي ٺهراءَ پٽاندر اختيار حوالي ڪيا
وڃن. جڏهن ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪٽرپڻي ۽ ان جي بگڙجندڙ صورتحال مان
پلئه پوندڙ نقصانن کي اڳيان رکندي اِهو به لازمي ٿي پيو آهي ته
مذهب کي رياست جي ڪاروهنوار کان مڪمل طرح الڳ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ
ته مذهب جا اصول (جيڪي آفاقي ۽ ناقابل تبديل سمجھيا ويندا آهن)
۽ رياست جو قانون (جيڪو سماجي حالتن سان ٺهڪندڙ هوندو آهي ۽
پنهنجي پاڻ ۾ اهڙي لچڪ به رکندو آهي جو اُن کي ضرورت پوڻ تي
تبديل به ڪري سگھجي) پاڻ ۾ ٽڪراءَ جي حالت ۾ رهندا ايندا آهن.
انهيءَ ڪري هيترين پيچيدگين ۽ مونجھارن کان پوءِ به جيڪڏهن
رياست جي معاملن کان مذهب جي علحدگيءَ جي
ڏس ۾ ڪابه واضح اڳڀرائي نه ڪئي وڃي ته اُن کي هڪ سوچيل سمجھيل
لاپرواهي ئي چئبو.)
ٻيو ته، سيد صاحب هميشه مسلمانن ۾ پادريت جي سخت خلاف رهيو.
اسلامُ مڪمل طور پادريت جي منع ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به صدين
کان مسلم معاشري ۽ ملائيت ۽ مشائخيت جي چوغي ۽، بدترين قسم جي
پادريت زوريءَ داخل ٿي ۽ اُن ۾ پاڻ کي محڪم بڻائي چڪي آهي.
مسلم پادريت، ٻين سڀني پادريتن وانگر هميشه معاشري ۾ مفاديت ۽
اقتدارَ جي بي روڪ ۽ ڪڏهن نه ڍاپجندڙ چاپلوسيءَ ۽ دست بدسته
ٻانهپ جوڪردار ادا ڪيو آهي. مسلم پادريت، ٻيءَ هر ڪنهن پادريت
جيان، پاڪستان جي ماڻهن جي خوشحاليءَ ۽ هر طرح جي روشن خياليءَ
جي راهه ۾ وڏي هڪ رڪاوٽ بڻيل رهي آهي. جيتوڻيڪ هيلتائين دنيا ۾
تقريبا ٻي هرڪا پادريت يا ته مرڳو ئي ختم ٿي ويل آهي يا پوئتي
هٽي وڃي رڳو پنهنجي مذهبي (يا ’روحاني‘) دائري تائين محدود رهي
آهي، پر، اُن جي ابتڙ، مسلم پادريت پاڻ لاءِ، هِتي پاڪستان ۾،
خاص طرح اُن جي سياسي زندگيءَ ۾، وڌي وڌي ۽ آڦرجي، آپي کان
بنهه ٻاهر نڪري، هڪ ناقابل برداشت درجو حاصل ڪري چڪي آهي.
اِنهيءَ ڪري، پاڪستان ۾، مسلم پادريت جي عفريت کي پنجوڙڻو ۽
زير ڪرڻو آهي، ته جيئن اُن جي نراسيندڙَ، ڪروڌي، بي جوابدار ۽
ڌنڌڪاريندڙ پُر شور وعظ ڪرين جي تباهه ڪارين کان ملڪ کي محفوظ
رکي سگھجي، جيڪي اُها، ٻيءَ ڪنهن بهتر ۽ وڌيڪ مفيد مصروفيت نه
هئڻ سبب، هر هنڌ ۽ هر وقت اسان جي اُڄاڻ، ٻالي ڀولي، وسواڙيل
عوام تي آزمائيندي ۽ رَسائيندي ٿي رهي.
ٽيون ته، سيد صاحب پاڪستان ۾ طبقاتي تسلط جي خلاف، جيڪو پنهنجي
خاص فطرت مطابق، ۽ جديد سماجي صورتحال ۾، لازمي طور،
چيڀائيندڙُ، استحصالي ۽ همه گير ٿئي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري، اُهو،
مجموعي طور، عام خلق ۾ عدم اتحاد، افلاس ۽ سماجي پسماندگيءَ جي
هڪ اَجھل ۽ همه وقتي اوزارَ جو ڪم ڪري ٿو. اِن سلسلي ۾، مثبت
انداز طور، سيد صاحب پاڪستان ۾، پوريءَ طرح، ارضيت، جمهوريت ۽
اشتراڪيت جو حامي هو، جيڪي ئي جديد قومي وجود جا، خاص طرح اڄ
جي دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾، بنهه لازمي ۽ اَڻ گُس شرط آهن.
اميد ڪري سگھجي ٿي ته اسان جا لائق پڙهندڙ سيد صاحب جي خيالن
جي هِن واضح بيان ذريعي پاڪستان جي اُن اهم مسئلي بابت سندن
اصولي ۽ اصلي سوچ معلوم ڪري سگھندا، جيڪو مسئلو پاڪستان جي
قيام جي پهرئين ڏينهن کان وڏي هڪ سرگرم بحث جو موضوع ۽ سياسي
گروهن ۾ وڌ کان وڌ غلطفهمين جو سبب پئي رهيو آهي. اسان جو پڪو
ويساهه آهي ته اسان جي قومي ۽ سياسي فڪر جي سلسلي ۾ اسان جي
اڳتي وڌڻ لاءِ سيد صاحب جو فڪر اسان لاءِ هڪ ڪشادي ۽ روشن راهه
آهي. انهيءَ روشن راهه تي هلندي اسين پنهنجيءَ سپنن واريءَ سنڌ
تائين وڏي وقار سان، اعتماد سان، دمبدم هڪٻئي سان همقدم ٿي،
رَسي سگھون ٿا. جڏهن ته سيد صاحب پنهنجي تجربي آڌار هن رياست
جي لاءِ جيڪي ڪجھه به تجزياتي انداز ۾ لکيو آهي، ۽ انهيءَ بابت
جيڪي به بنيادي رايا رکيا آهن، جيڪڏهن انهيءَ فڪر تي ڳوڙهي
نموني ويچاريو وڃي ۽ اُنهيءَ مان ڪا چڱائيءَ جي واٽ تراشي وڃي
ته اُنهيءَ ۾ پاڪستان جي وفاق جو ڀلو به ٿي سگھي ٿو. جيستائين
اسان سنڌي قوم جو تعلق آهي ته سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ اسان کي
پنهنجي پاڻ سان به ڪجھه واعدا ڪرڻا آهن ۽ انهن واعدن جو ڀليءَ
ڀت ڀرم به رکڻو آهي: ته اسين نه ڪڏهن ٿڪباسون، نه رڪباسون، نه
ئي پنهنجي قومي سٿ جي قطار مان ڇڄي ڪنهن اوجھڙ ڏانهن وٺي ويندڙ
۽ گمراهه ڪندڙ دڳ ڀيڙا ٿينداسون. اهڙي ئي قومي ساٿ ۽ ٻڌي،
سهڪار ۽ سهپ، سمجھداريءَ ۽ ثابتقدميءَ جي فضا ۾، اسين انهيءَ
لازوال گلزار کي حقيقت جي روپ ۾ ڏسي سگھون ٿا، جنهن جا ٻجَ سيد
صاحب جي فڪر اسان مان هرڪنهن جي من جي آليءَ ۽ ڀليءَ زمين ۾
ڇٽي ڇڏيا آهن:
اُٿيو ۽ اٿياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي ڳيو،
ويو جاڳائي جيءَ ۾، برهه هيءُ بيباڪ،
چُر ڦر ڪاري چاڪ، سور سمهاري ڪينڪي.
(لطيف)
courtesy daily ibrat hyderabad April 2008
|