www.mehranmag.com
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
Best view 800 X 600 pixels مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني
تعارف
سامي جا سلوڪ
ڀڳت ڀڄائي، ساڌو جن سيتل ڪيا
پاڻ ڏٺائون پاڻ ۾ آود يا پٽ لاهي
سامي چڙهيا سير تي، ممتا مٽائي
جڳ کي جاڳائي، واٽ ڏسن ويساھ جي
ڪانئرن ڪين اچي، محبت جي ميدان ۾
ديهي چئي ڪو سورمو، رهسي رنگ رچي
جيئن پتنگ مچي، سما ڏسي سوجھرو
پرچي ڏنو پھ، مرشد خاص مريد کي،
اٿندي وهندي عشق سان، اور انهيءَ ۾ رھ،
وٺي راه رنديءَ جي، سڀڪي سر تي سھه
ته اچي پاڻ الھه، مطلب ڪندءِ من جا.
عاشق ڪين لڪن، سورج جان هن لوءِ ۾
سدا البيلن جا، رتا نيڻ رهن
ڪاڻ نه ڪڍن ڪنهن جي، سوري پڻ سهن
اٺئي پهر وهن، سامي سپرين سان
فقيرن فراق،
ساڌن ڏسيو سک جو
سهجهي ڪو سامي چئي،
محبتي مشتاق
سٽيو جنهن سنسار جو
دل مون سڀ ديماق
پر چنتا کئون پاڪ
ملي ٿيو محبوب سان
چونڊيندڙ
راج ڪمار دوداڻي
ڄمڻ جي تاريخ
تعليم
M. Sc Computer Science
شروعاتي تعليم مئٽرڪ تائين
لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي
ڌنڌو
ليڪچرر
رابطو
dodani_raj2006@yahoo.com
cell No
Poetry page uploaded on
23 May 2008
2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com This website is developed and Managed by Mazhar Ali Azaad Abro, SindhSoftTech Larkana,Pakistan