www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

تعارف

غزل      

 جذن ۽ اظهار ٿي ڪاتي،

هر ويلي آ پيار تي ڪاتي.

موتين وانگر کنڊڙي وياسين،

ڄڻ آ ڪري انار تي ڪاتي.

ڪيڏي هٺيلي ريت هتان جي،

آهي رڳو ديدار تي ڪاتي.

سونهن وڃايون ويٺا پنهنجي،

سنڌ جي هر آثار تي ڪاتي.

انگ انگ پنهن جو واندو ناهي،

پنهنجي هر ڪنهن وارتي ڪاتي.

اهڙي راهي ڳالھ نه ڪر تون،

کڄي نه پئي تڪرار تي ڪاتي.

 

 

وائي                  

 وري بهارن ۾ ملبو،

                              هوءَ مونکي چئي وئي.

پيلي رت ٿيندي جڏهن،

مينگھ ملهارن ۾ ملبو،

                             هوءَ مونکي چئي وئي.

دل منهنجيءَ تي هٿ رکي،

وري سيارن ۾ ملبو،

                              هوءَ مونکي چئي وئي.

وڇڙياسين پوءِ نيڻن جي،

راهيّ اشارن ۾ ملبو،

                            هوءَ مونکي چئي وئي.

 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

 
 

 

نالو

رياض حسين

ولد

ڊاڪٽر احمد ميراڻي

ادبي نالو

رياض راهي

سڃاڻپ

شاعر

ڄمڻ جي تاريخ

24-03-1976

تعليم

  • B.Sc Agriculture (Hons)

  • M.A. Sindhi

شروعاتي تعليم مئٽرڪ تائين

پنهنجي ڳوٺ ٻيرو چانڊيو مان حاصل ڪئي

 

ڌنڌو

ليڪچرر

ڇپيل مواد

شاعري ۽ مضمون

رسالا اخبارو جن ۾ مواد ڇپيو

ادب، ڪينجھر، عبرت مئگزين، هالار، امرتا، آس، بينظير، نئين آس، نئون چنڊ، نئين سوچ، تلاش، نئون سفر، ينگ جنريشن، نئين زندگي، احساس، عوامي آواز، جاڳو، هلال پاڪستان، بختور، آفتاب، هلڇل، ۽ خبرون وغيره وغيره

ڇپيل ڪتاب

نيڻ اڃايل  (شاعري) 2000 پهريو ڇاپو

 ٻيو ڇاپو 2003

رابطو

پوسٽ آفيس ٻيڙو چانڊيو، تعلقه لاڙڪاڻو، سنڌ، پاڪستان

cell No

92-345-3842130+

 

 

سنڌ ڄائي بينظير ڀٽو جي ياد ۾

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

   

Poetry page uploaded on

21 April 2008

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
                         This website is developed and Managed by
Mazhar Ali Azaad Abro,                                SindhSoftTech Larkana,Pakistan