www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

سنڌي ماڻهو ۽ سندن ذميواريون

خوشحال قومون ئي خوشحال سماج جي جوڙجڪ ڪنديون آهن ۽ خوشحال قومن ۾ ئي محبت، امن ۽ روحانيت جو جذبو هوندو آهي. اهي قومون جيڪي معاشي بدحالي مان گذرنديون آهن انهن ۾ محبت، امن، ڀائيچارو ۽ روحانيت ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگھندي آهي. بلڪه اهي قومون طبقاتي نظام جي ور چڙهي وينديون آهن. طبقاتي نظام جٿي انسانيت جو دشمن آهي اُتي سماجي ترقي کي به تباه ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته طبقاتي نظام ۾ هر ماڻهو پنهنجي لاءِ سوچيندو آهي ٻئي جي ڏک ۽ خوشي جو ڪنهن کي به احساس نه هوندوآهي. اهو ئي سبب آهي جو طبقاتي نظام  ۾ رهندي ماڻهو  مطلب پرست، مفادپرست ٿي ويندا آهن. تنهنڪري ان معاشري جا فرد نفسياتي مريض بڻجي ويندا آهن.

سنڌ جيڪا پيار محبت ۽ امن جي مرڪز رهي آهي، جيڪا ڪوڙ، نفرت ۽ فريب ٺڳي کان پري رهي آهي، تنهن هميشه انسانيت جي ڀلائي جو درس ڏنو آهي. سنڌي ماڻهو هميشه مهمان نوازي ، پيار ڪرڻ ۽ هيڪڙائي جا قائل رهيا آهن.

اها سنڌ جيڪا محبت ورهائيندي رهي آهي، اڄ نفرت، ٻيائي، فريب ۽ ٺڳي جي ور چڙهندي پئي وڃي. ان سنڌ ۾ سرمائيدارانه نظام جي پوئلڳن طبقاتي نظام رائج ڪيو آهي. جيسيتائين سنڌ صرف سنڌين جي هئي تيسيتائين سنڌ محبت ورهائيندي پئي رهي پر اڄ سنڌ جا وارث به غير جا غلام بڻجي سنڌ ۾ محبت جو قتل ڪري رهيا آهن، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ان جي تهذيب ۽ ڪلچر کي ختم ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻولي ٽئين درجي جي ٻولي ٿيندي پئي وڃي. وڏن شهرن ۾ سنڌي خاندان پنهنجي ٻارن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ بدران ٻيون ٻوليون ڳالهرائن پيا.

سامراجي قوتن سنڌ جو گھيراءُ ڪيو آهي. لڳي پيو ته ڄڻ سنڌ يتيم ٿيندي پئي وڃي. بين الاقوامي حيثيت رکندڙ سنڌ اڄ نواڻ جي نالي تي بدلجي رهي آهي ۽ ان ۾ ڌارين کان وڌيڪ اسان جي پنهنجي سنڌين جو ڪردار آهي.

تاريخي حيثيت رکندڙ سنڌ پنهنجي ٻولي کي پنهنجي ايوان ۾ باقائده نافذ نه ڪري سگھي آهي. لڳي پيو ته ڏينهن و ڏينهن اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون. ترقي جي نانءُ تي اسان پنهنجي سنڌ کان پري ٿيندا پيا وڃون.

سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا پروگرام سنڌي ڪلچر بدران غيرن جو ڪلچر پيش ڪري رهي آهي جنهن سان تهذيب جي ترقي بدران عرياني ڦهلجي رهي آهي. اسان جي اصل شهريت کي ختم ڪري هڪ ماڊل طور پيش ڪيو پيو وڃي.

هن وقت ضرورت آهي ته اسان پنهنجي سنڌ ڏانهن واپس اچون ۽ سنڌي ڪلچر ۽ ٻولي جو پنهنجي گھرن ۽ معاشري ۾ استعمال ڪريون، ڇاڪاڻ ته دنيا جون ترقي يافته قومون پنهنجي ڪلچر ۽ ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن.

هي دور تيز ترين مواصلاتي نظام جو دور  آهي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انفرميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري پيو اهو سيلولر فون ذريعي يا وري انٽرنيٽ ذريعي. پر هو گلوبل  ڳوٺ جو حصو بڻجي چڪو آهي.

 قومن جي ترقي تڏهن برقرار رهندي آهي جڏهن هو پنهنجي ڪلچر ۽ ٻولي  کي ساڻ کڻي ان دور سان گڏ هلن. تنهنڪري سنڌي قوم کي به هاڻ ان نظام کي تسليم ڪندي پنهنجي تهذيبي روايتن سان گڏ ان دور سان هلڻو پوندو ٻي صورت ۾ اسان پوئتي رهجي وينداسين.

سنڌي تهذيب، ان جي  اهميت ۽ خصوصيت، ٻولي ۽ سنڌ جي مسئلن کي دنيا  آڏو متعارف ڪرائڻ هر سنڌي تي فرض عائد ٿئي پيو. مهراڻ ميگ ويب سائيٽ کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ آڻڻ جو سبب به اهو ئي آهي تاڪه دنيا آڏو سنڌ جي اهميت ، ان جي ڪردار ۽ سنڌ جي شخصتين کي نمودار ڪجي.

جيتوڻيڪ مهراڻ ميگ کان اڳ به ڪجھ سنڌي ويب سائيٽس هلن پيون پر پوءِ به هڪ سنڌي جي حيثيت ۾ پاڻ تي فرض سمجھيم ته سنڌ جي ترقي ۽ ان جي حيثيت کي بين الاقوامي سطح تي آڻڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪريان.  دعا آهي ته منهنجو هي ننڍو عمل سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ٻولي جي بقا لاءِ هڪ قدم ثابت ٿئي.

آءُ آڪٽوبر 2007ع ۾ مهراڻ ميگ هڪ مفت واري ڊومين ذريعي متعارف ڪرائي ۽ 12 مارچ 2008ع تي مهراڻ ميگ ڊاٽ ڪامwww.mehranmag.com  طور رجسٽرڊ ڪرايو. جيڪو هاڻي توهان جي سامهون آهي. منهنجو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي، شناخت آهي. ان سلسلي ۾ مونکي اميد آهي ته توهان منهنجي ان جدوجھد ۾ منهنجو ساٿ ڏيندا ۽ اهو ساٿ مواد موڪلڻ ۽ دوستن کي مهراڻ ميگ جي باري ٻڌائڻ آهي.

هر قوم پنهنجي لاءِ هڪ منزل طئي ڪندي آهي ۽ ان منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي آهي. جدوجهد اها ڪامياب ويندي آهي جنهن ۾ جذبو شامل هوندو آهي ۽ جذبو بغير ڪنهن ذاتي مفاد جي هجي. سنڌي قوم شروع کان هڪ رهي آهي، ذات پرستي، طبقات سنڌي قوم کا پري رهيا آهن. پر هن وقت اهي ٻئي عنصر سنڌين کي وڪوڙيندا پيا وڃن. هاڻي سنڌي ماڻهو جيڪو، آزاد، محبتي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ کان پري رهيو آهي، محدود ٿيندو پيو وڃي.  ۽ اهو عمل پوري سنڌي قوم لاءِ خطرناڪ عمل آهي. تنهنڪري اسان وري متحد ٿي وڃون ۽ بغير ذاتي ۽ طبقاتي سوچن جي هڪ ٿي پوري قوم کي ترقي ڏياريون.

اڄ جي سنڌ اندروني ۽ بيروني مسئلن ۾ جڪڙيل آهي. ڌاريا سنڌ ۾ تيزي سان آباد ٿي رهيا آهن جنهنڪري سنڌ معاشي طور بدحالي طرف وڃي رهي آهي. سنڌ جا وڏيرا ۽ بيوروڪريٽس سنڌي ماڻهن  جي ترقي لاءِ ڪي به قدم نه پيا کڻن.    مهراڻ ميگ ذريعي سڀني سنڌي ماڻهن کي گذارش ٿي ڪجي ته اوهان جٿي به آهيو پر توهان سڀني سنڌين تي فرض آهي ته توهان سنڌي بيروزگار نوجوانن کي ڪنهن نه ڪنهن سٺي روزگار سان لڳايو

سنڌ جي ترقي صرف ڳالهين سان نه ٿيندي پر عملي ڪمن سان ٿيندي, تنهنڪري هڪ سنڌي هجڻ جي ناتي سان توهان ڪوشش وٺي جن ملڪن ۾ رهو ٿا، اتي سنڌي ماڻهن کي نوڪريون وٺي ڏيو اهڙي طرح جيڪي سنڌي پاڪستان ۾ سٺن عهدن تي آهن ته انهن تي به فرض  عائد ٿيئي پيو ته اهي به پنهنجي  سنڌي ماڻهن کي نوڪريون وٺي ڏين ۽ سنڌ مان بيروزگاري کي ختم ڪن

معاشي ترقي ئي قومن کي عروج تي پهچائيندي آهي ۽ انهن جا اۡخلاق بلند ڪندي آهي اهڙي طرح معاشي بدحالي ئي قومن کي تباھ ڪندي آهي. توهان جي ڪوشش سان سموري سنڌي قوم خوشحال زندگي گذاري سگھي ٿي. سنڌ جي خوشحالي سنڌ جي بقا آهي ۽ سنڌ جي بقا ۾ ئي اسان جي بقا آهي. سنڌ اسان جي سڃاڻپ ۽ شان آهي تنهنڪري پنهنجي سڃاڻپ ۽ شان کي هميشه لاءِ قائم رکڻ لاءِ اسان کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو

جٿي رهو سنڌي ٿي رهو ، پاڻ ۽ پنهنجي خاندان وارن سان سنڌي ڳالهايو

 

Name

Mazhar Ali Abro

Birth City

Larkana, Sindh, Pakistan

Profession

Writer

Editor and Developer of

www.mehranmag.com

Director

SindhSoftTech, Pakistan

Contact

mazharaliabro@mehranmag.com

 

 

 

 

Previous Stories

نئين حڪومت ۽ ملڪي مسئلا

پي پي پي ۽ اختلافن جو طوفان!

نڪ ڪٽيل انسان

سهڻي تنهنجا سور

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan