www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Poet's Profile

غزل

    مان  به توکان سوا    نه جي  سگھندس.

                              تون  به  مون کان سوا نه جي  سگھندين.  

 

      مان   به  آدم  آن   آدمي       رهندس،

      تون   به  ڪو  ديوتا نه  ٿي   سگھندين.

 

  خارَ    ئي   خارَ   تو   ڏنا    مون     کي،

    مونکان پوءِ ڀي جدا خفا نه ٿي سگھندين.

 

   مان  به  تڙپيو  آن ، تون به ٿڙپيو    آن،

  جلد   مون کان جدا  نه  ٿي  سگھندين.

 

ها  مان  سمجهان  ٿو خد پرست آهين،

آهين مٽي     خدا   نه  ٿي    سگھندين.

 

تو      تان     ” قربان“ ٿي ويو      قربان ،

تون  ته  مون  تان  فدا  نه ٿي سگھندين.

 

غزل

ڪنڊا اوهان ۾ ضرور هوندا انهي جي ڪري جو گلاب آهيو.

ڪڏهن ته سج جَان ٿا جي جلايو ڪڏهن ڄڻ ماهتاب آهيو.

 

حسن  اوهان ۾،  حيا  اوهان ۾، جهان جي ساري وفا اوهان ۾،

اوهان   جي   قاتل    اَدا    او جانا،   اوهان  وڏا  لاجواب آهيو.

 

ڏسي اوهان کي سڪون اچي ٿو، اوهان اسان جو قرار او جانا،

اوهان اسان جو ته روح آهيو، اسان کان پنهنجو حجاب لاهيو.

 

هي چنڊ چهرو، هي سمنڊ اکڙيون، بدن اوهان جو سنگ مرمر،

هي سونهن ايڏي نه ائين لڪايو، خدا جي ڪارڻ نقاب لاهيو.

 

ٽٽل  ٽٽل  ٿا  لڳو  اسان  کي،  اوهان  جي  اک ۾ خمار آهن،

اوهان   سورو  سرور جانا ، غذب ڪندڙ  ڪو  شراب  جانا.

 

اوهان جي نظرون کڻي ڏسو ٿا، پڇو نه دل جو ته حال ڇا هي؟
بدن ۾ هلچل مچي وڃي ٿي قتل ڪندڙ ڪو شباب  آهيو.

 

غزل

آءُ  ته  توکي   چاهيان      جانا.

پيرين    گل    وڇايان     جانا.

 

تنهنجو آهيان،  تنهنجو   رهندم،

ٻئي ڪنهن جو ڀي ناهيان جانا.

 

تونسان  ڪهڙا  ليکا   پنهنجا،

پاند   ڳچيءَ   ڳل  پايان   جانا.

 

ڏوھ به تنهنجو مجرم مان   ٿيان،

هٿ      ٻڌي    پرچايان     جانا.

 

رنج نه  رھ تون، راضي ٿي  وڃ،

ڪيئن  توکي سمجهايان  جانا.

 

گيت

شل ڪوسو ڪو واءُ نه لڳندئي.

ڌر تتيءَ جو تاءُ نه لڳندئي.

 

مون کان ڏور وڃين ٿو ليڪن،

ويڳاڻو تون ٿيندين مون بن،

ڪنهن سان ڪو به چاھ نه لڳندئي.

 

مرڪ وڃائي ويهندين مون بن،

لڙڪ وڃائي ويهندين مون بن،

ڪنهن ڪم ۾ ارواح نه لڳندئي.

 

گھائي گھائو وئين تون دل تي،

پوءِ به ڇانيل آن تون دل تي،

شل ڪو دل تي گھائو نه لڳندئي.

 

غزل

نه  ملندين   جي   اگر   مون   کي   دعا    هر    بي  اثر   ٿيندي.

     وَفا     شرمنده       ٿيندي       ۽      محبت     دربدر     ٿيندي.

 

    وڏو  ڪو   بدنصيب    هوندس   اگر   کسجي    وئين   مونکان،

    ڪٿي رهندس مان، ڪيئن جيئندس حياتي ڪيئن بسر ٿيندي.

 

        تون     شايد      ويجھڙائي     ۾      قد ر     ڀلجي     ويو     آهين،

       جڏهن   اوجھل    اکين     ٿيم     تڏهن     توکي     خبر   پوندي.

 

       تجربو      آهي،      توکي     ڀي     وڇوڙي      جي      عذابن   جو،

     او   منهنجي    جان،     منهنجي     زندگي ،    ساري   زهر    ٿيندي.

 

      اها    جنهن    جسم    ڇا؟    پر   روح   ڀي    منهنجو   لکيو    نالو،

     مرڻ  جھڙو    مقام    هوندو    جڏهن    ڪنهن   ٻئي   نظر  ٿيندي.

 

گيت

ڪو مرڪي ٿو ڪو مرجهايل

ڪو روئي ٿو ڪو ريجهايل.

 

ڪو گُل پسي ڪو خار پسي

ڪو سک نه ڪو سينگار پسي،

ڪو ڪومل آ ڪو ڪوماڻيل،

ڪو ٽهڪ مٿان ٿو ٽهڪ ڏيئي،

ڪو لڙڪن جو ٿو زهر پئي،

ڪو گھائي ٿو ۽ ڪو آ گھايل.

 

ڪو روز وڳا بدلائي ٿو،

ڪو ليڙون لٽا پائي ٿو،

ڪو ڪوجهو آ ڪو سينگاريل،

 

غزل

اِها  مسڪراهٽ  نه ڪنهن  ٻئي  کي  ڏيجان.

ڏنل منهنجي چاهت نه ڪنهن ٻئي کي ڏيجان.

 

تون،   نازڪ   مزاج   آن،   ۽   پٿر   هي   دنيا،

گلن   جي    نزاڪت    نه    ٻئي   کي  ڏيجان.

 

هتي  ڪو   به  ڪنهن   جو   نه   آ   رازدان،

ڪڏهن   ڪا  وضاحت  نه  ٻئي  کي  ڏيجان.

 

تون   مون   کي  خوشين  سان  نوازيو  هميشه،

مگر  اهڙي  راحت  نه  ڪنهن  ٻئي  کي  ڏيجان.

 

تون   مون   سان   گذاريا   ڪي   انمول  لمحا،

مگر  اهڙي  ساعت  نه  ڪنهن  ٻئي  کي ڏيجان.

 

هيو     روح     تنهنجي    تي    اختيار   منهنجو،

ڪڏهن  هي  اجازت  نه  ڪنهن  ٻي کي ڏيجان.

 

غزل

محبت  ۾    عزت  جا  قائل   رهيا سين.

تڏهن   عمر ڀر ائين ئي گھايل  رهيا سين.

 

اسان   ٿر   ۾  ايڏا   اڃارا   نه    هئا سين،

سمندر     ڪناري    اڃايل    رهيا سين.

 

ڳَلي ۾  نه  پئجي  سگھياسين  اسان  سو،

سدا هن  جي  پيرن  جي  پايل  رهياسين

 

اهو  جنهن   اسان   جا قدم بِ چميا هيا،

انهيءَ  شخص  جي گھر جا سائل رهيا سين.

 

سدائين  ٺٺوليون، ڪيون  جنهن  اسان  تي،

اسان خواھ مخواھ تنهن ڏانهن مائل رهيا سين.

 

وڃائي   وري   هُن   نه   ڳولهيو   اسان کي،

وڃايل      هئاسين،     وڃايل     رهيا سين.

 

غزل

اجنبي  شهر  جي  اجنبي  شخص  سان مان  ڪئي     دوستي.

آسمان جي حسين چنڊ جي عڪس سان، مان ڪئي دوستي.

 

دوستيءَ،        دوستيءَ        ۾        وئي        دل        لڳي،

دلبر  جي  حسين  اک جي رقص   سان مان  ڪئي   دستي.

 

هن       شهر     جي     حسينن     کان     آهي     حسين،

هن سَراپا حُسنَ جي حسين وصف سان مان ڪئي دوستي.

 

زندڳيءَ  جي حسين موڙ تي ”زندگي“  مونکي آهي   ملي،

زندگيءَ جي حسين لفظ سان دوستو، مان ڪئي دوستي.

 

غزل

اهڙيون   اکڙيون  کڻي،  ڏٺئي  مونڏي.

تو   سوا    پَل    پرين    قرار    نه   آ.

 

تون منهنجي زندگي جو    وارث  آن،

مون کي خود، خود تي ا ختيار  نه   آ.

 

ذهن   تو  ۾   اَڙيل،   اکيون  دَر   ۾،

مونکي ڪنهن ٻئي جو، انتظار  نه  آ.

 

هر ڪو مصروف پنهنجي پيارن  سان،

مون لاءِ  جي  تون  نه   آن،  بهار  نه  آ.

 

جستجو   آ   ته  تون     ملين   مونکي،

ڪنهن   پهَر   تي  ڪو   اعتبار  نه آ.

 

ڪنهن کي هوندا ڪيئي ڪيئي  پيار،

مونکي ڪنهن ٻئي سان ڪو به پيار نه آ.

 

غزل

اسان   کان    پڇو   عاشقيءَ     جو نتيجو.

بشر   سان     ڪيل   بندگيءَ  جو  نتيجو.

 

پڇو   دل   تي   ڇاڇا   قيامت   آ   گذري،

مليو   درد   دل،   دل   لڳيءَ    جو   نتيجو.

 

اسان   هن جي   آگوش جنت ٿي   سمجھيو،

جھنم    مليو      ان     خوشي   جو   نتيجو.

 

اسان هن جي جھڻڪن کي خوراڪ سمجھيو،

حقارت    ملي     بي     وسيءَ     جو    نتيجو.

 

اسان   ساده   دل،   روح بِ ڏئي   ڇڏيو سون،

ازيت       ملي       سادگيءَ     جو      نتيجو.

 

فقط        تلخ   لمحا   مليا   جستجوءَ   کي،

انهيءَ     عارضي      زندگي    جو       نتيجو.

 

غزل

مون کي هڪڙو چنڊ کپي.

ساحل  آن مان سمنڊ کپي.

 

 تنها  تنها  ڍنڍَ   ۾   آهيان،

ساٿي  هڪڙو   هَنجُ  کپي.

 

مون ۾ ڪو  مٺاڻ  ملائي،

کير  آهيان  مان  کنڊ کپي.

 

پياسو   آهيان سالن  کان مان،

پيار   جو    پاڻي  گنج   کپي.

 

درد  جي  دولت  ڪافي  آهي،

دلبر    درد    جو    مند    کپي.

 

ڏاڍو  ٿڪجي  ٿڪجي  پيو آن،

سُک   ڀريو  ڪو    هنڌ   کپي.

 

 

غزل

 هاڻي ڪنهن سان پيار ڪين  ڪري سگھبو.

هَرَ  هَرَ  هي    آظهار   ڪين   ڪري سگھبو.

 

 تنهنجي      نالي   سان   هر ڪو   ڄاڻي     ٿو،

پاڻ    کي  پاڻ     خوار   ڪين  ڪري سگھبو.

 

 تنهنجون تصويرون مون لاءِ ڪافي هن،

ڪنهن ٻئي جو ديدار ڪين ڪري سگھبو.

 

 دل جي بدلي دَردُ سوديبازي هئي،

هاڻي هي واپار ڪين ڪري سگھبو.

 

 اڳ ئي دوزخ دل هڪڙي ماڻهو ڪئي،

ڪنهن لاءِ دل ايثار ڪين ڪري سگھبو.

 

تنهنجي يادن ئي پاگل ڪيو ڏاڍو،

سر تي ڪنهن کي سوار ڪين ڪري سگھبو.

 

 

غزل

تون به آدم، مان ڀي آدم،

پنهنجي وچ ۾ سرحد ڇو آ؟

 

آءُ ڪريون ڪي اَمن جون ڳالهيون،

جھڳڙو، جنگ ۽ نفرت ڇو آ.

 

علم به آهي عقل به آهي،

پوءِ هيڏي وهشت ڇو آ.

 

هر ڪو ماڻهو هيسايل آ،

هر هنڌ اهڙي دهشت ڇو آ،

 

آءُ ته سمجھون منطق ڇا آهي،

لوڪ سڄي ۾ غربت ڇا آ.

 

غزل

جيت به ڄڻ هَارَ ٿيندي ٿي وڃي.

ساڻ هوندي دهار ٿيندي ٿي وڃي.

 

هوءَ گلن جي باغ ۾ مونسان ملي،

گل کڻي کار ڏيندي ٿي وڃي.

 

 اَجنبي بڻجي ملي ٿي هاڻ هوءِ،

ٻين سڀن کي پيار ڏيندي ٿي وڃي.

 

 ڪين نه ايندي هوءِ ڪڏهن واپس وَري،

ڪوڙ جي هاڪَارَ ڏيندي ٿي وڃي.

 

هاڻِ به ڏس ڏيئي رهي آ آسرا،

عمر ڀر سارَ ڏيندي ٿي وڃي.