|
ڪنڊا اوهان ۾ ضرور هوندا انهي جي ڪري جو گلاب آهيو.
ڪڏهن ته سج جَان ٿا جي جلايو ڪڏهن ڄڻ ماهتاب آهيو.
حسن اوهان ۾، حيا اوهان ۾، جهان جي ساري وفا
اوهان ۾،
اوهان جي قاتل اَدا او جانا، اوهان وڏا
لاجواب آهيو.
ڏسي اوهان کي سڪون اچي ٿو، اوهان اسان جو قرار او
جانا،
اوهان اسان جو ته روح آهيو، اسان کان پنهنجو حجاب
لاهيو.
هي چنڊ چهرو، هي سمنڊ اکڙيون، بدن اوهان جو سنگ
مرمر،
هي سونهن ايڏي نه ائين لڪايو، خدا جي ڪارڻ نقاب
لاهيو.
ٽٽل ٽٽل ٿا لڳو اسان کي، اوهان جي اک ۾
خمار آهن،
اوهان سورو سرور جانا ، غذب ڪندڙ ڪو شراب جانا.
اوهان جي نظرون کڻي ڏسو ٿا، پڇو نه دل جو ته حال ڇا
هي؟
بدن ۾ هلچل مچي وڃي ٿي قتل ڪندڙ ڪو شباب آهيو. |