|
ملاڪا
نار جي
ٻي
ڀر
تي هڪ
ويران
ٻيٽ
تي وٺي
آيو. منهنجي چوڻ
تي هن مون کي انڊونيشيا
جي هڪ
اهڙي
خاندان سان ملائڻ
ٿي
چاهيو جنهن جو ابن
ڏاڏن
کان
Piracy
جو ڪم
رهيو آهي. چوڌاري
سوين
ٻيٽن
جي جهڳٽي
۾
هي
ٻيٽ
هو، جيڪو
ظاهري طرح ته انساني آباديءَ کان خالي لڳو
ٿي
پر پوءِ سونهين ذريعي جيئن جيئن گهاٽي
جهنگل
۾
اندر گهڙندا
وياسين ته پهرين رول
ڪتا
۽
ڪڪڙ
نظر آيا
۽
پوءِ پيرين اگهاڙين
ٻار
۽
پوءِ بيحد گهاٽي
جهنگل
۾
جتي ماڻهوءَ
جي قد جيڏو
ته گاهه هو، جهوپڙيون
۽
ملئي نموني جا گهر ظاهر
ٿيا.
مون کي 1987ع جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن
مهيني
ٻن
جي موڪل
تي آئون
ڳوٺ
آيو هوس
۽
ڀر
واري
ڳوٺ
جو وڏيرو
مون کي، منهنجي چوڻ
تي، قاضي احمد
واري پاسي کان هڪ
وڏي
ٻيڙيءَ
تي جيپ رکي درياهه
ٽپي
سن شهر
۾
سائين جي ايم سيد سان به ملڻ
ويا هئاسين ته
ڪچي
جي
ٻيلي
۾
ميلن جا ميل پنڌ
ڪري
ڌاڙيلن
سان به ملڻ
ويا هئاسين. انهن جي
۽
هنن انڊونيشيا
جي
ڌاڙيلن
جي
ڪا
مختلف زندگي نه آهي. فرق فقط اهو آهي ته اسان جو سنڌي
ڌاڙيل
اسان جي معاشري
۾
انصاف نه هجڻ
ڪري،
وڏيرن
سردارن جي ظلمن
ڪري
پنهنجي نارمل زندگي
ڇڏي
مجبور
ٿي
هينئن لـِـڪ
۽
ڏوهه
جي زندگي گذاري رهيو آهي
۽
هي ملئي نسل جو سامونڊي
ڌاڙيل
ڪجهه
بيروزگاري
ڪري
ڪجهه
ان کي اباڻو
ڌنڌو
سمجهي هنن انڊونيشي
ويران
ٻيٽن
تي لـِـڪَ
جي زندگي گذاري رهيو آهي.
"اڄ
جڏهن
توهان جو علائقو ايڏو
ته خوشحال
ٿي
ويو آهي جو
ڌارين
ملڪن
جا ماڻهو
روزگار لاءِ هتي اچن
ٿا
پر توهان اهي ئي چوريءَ جا
ڪم
ڪندا
رهو
ٿا؟"
مون هڪ
رٽائرڊ
پوڙهي
چور
(Pirate)
کان پڇيو.
"هن
سامونڊي
درياهَ (ملڪا
نار) جي هـُـن
ڪپر
واري
ملڪ
ملائيشيا ترقي
ڪئي
آهي"، هن وراڻيو،
"ڪپر
جي هـِـن پار اسان جو انڊونيشيا
جهڙو
هو تهڙو
ئي آهي.
۽
ٻي
ڳالهه
ته هي اسان جي وڏن
جو
ڌنڌو
آهي (يعني جهازن جي
ڦر
ڪرڻ)
۽
هن کي اسان مردن جو
ڪم
سمجهون
ٿا."
هن ڪراڙي
رٽائرڊ
قزاق مڙس
جو هڪ
جملو: "اسان وٽ
تيسين
ڪنهن
کي
بالـغ نه سڏيندا
آهيون جيسين هو ملاڪا
نار مان لنگهندڙ
ڪنهن
جهاز مان
ڦـُـر
ڪري
اچي-"
ٻـُـڌي
مون وانگر
ڪيترن
کي سنڌي
جي مشهور ليکڪ
نسيم کرل جو افسانو "پهرين مراد" ياد ايندو هوندو. جنهن
۾
چـُـور پنهنجي پٽ
کي
ٿـُـڪ
بـُـجو
ڪندو
رهي
ٿو
ته سڄو
ڏينهن
رڳو
کٽون
پيون
ڇـِـنين.
منهن
۾ڏاڙهي
مـُـڇ
اچي وئي اٿئي
پر اڃا
ڪا
ڪنهن
جي مينهن
ڍڳي
چورائي نه آيو آهين." هو پنهنجي دوستن اڳيان
منهن کڻڻ
جهڙو
نه رهيو آهي، جيڪي
هن کي هر وقت اهو
ڏوراپو
ڏيندا
رهن
ٿا
ته تنهنجو پٽ
اڃا
بالغ نه
ٿيو
آهي
ڇا.
"منهنجا ماڻهن
سان پير
ڀريل
آهن"، هـُـو
پنهنجي پٽ
کي چوي
ٿو،
"تون جنهن پاسي ويندين توکي مدد
ڪرڻ
۽
لڪائڻ
لاءِ منهنجا دوست نظر ايندا!" وغيره وغيره.
۽
پوءِ هن جي پٽ
کي غيرت اچي
ٿي
۽
رات اندر درياهه
ٽپي
ڪنهن
جي
ٿـُـلهي
متاري مينهن چورائي کڻي
اچي کٽ
جي پائي سان
ٻڌي
ٿو.
صبح جو ان کي
ڏسي
پيءُ کي به خوشي
ٿئي
ٿي.
"واهه جي چوري
ڪئي
اٿئي،
ڀاڳين
کي بخار چڙهي
ويا هوندا." پر پٽ
پيءُ جي واکاڻ
ٻڌي
اڻ
ٻڌي
ڪري
سمهي رهي
ٿو.
ٿوري
دير به
ڪا
مـَـسَ
ٿي
ته مـِـينهن جا مالڪ
پيرا کڻي
اچي هنن وٽان
نڪتا.
ٻاهران
سڏ
ٿيڻ
تي پيءُ هنن سان ملڻ
ويو
۽
پوءِ
ٿوري
دير بعد اندر آيو
۽
پٽ
کي ننڊ
مان اُٿاري
ڦٽ
لعنت
ڪري
چيس ته تون مينهن چورائي آيو آهين سا به منهنجي دلبر
۽
بهادر دوست جي! هاڻ
هو اندر چڪاس
ڪرڻ
لاءِ اچي رهيا آهن. مون لاءِ ته
ٻـُـڏي
مرڻ
آهي."
پٽ
پيءُ سان تکو
ٿيندي
چيو ته "خبردار بابا جي چوري باسي اٿئي.
هي منهنجي پهرين مراد آهي.
گهر آيل مهمانن کي نيرن ڪرائي
پوءِ وٺي
اچ."
جيسين مهمان نيرن ڪن
تيسين پٽ
مينهن کي سير وڌي
۽
پوءِ وڏي
کڏ
کوٽي
ان
۾
دفن
ڪري
مٽي
ورائي مٿان
کٽ
رکي سمهي رهيو. هوڏانهن
مينهن جي
ڳولا
وارا نيرن
ڪري
اندر آيا. هنن هڪ
هڪ
ڪنڊ
ڳولي
پر کين پنهنجي
ڀلوڙ
مينهن نظر نه آئي.
موڪلائڻ
وقت پنهنجي دوست کي
ڀاڪر
پائي چيو "مبارڪون
هجنئي اڄ
توکي پٽ
ڄائو
آهي."
سو هتي جي ڌرتي
يعني
Malay Archipelagoجي
ڪيترن
piratesجي
ڪهاڻي
۽
ڪلچر
ڪجهه
ڪجهه
ساڳيو
آهي. جن
ڏينهن
۾
هندستان
۾
اورنگزيب مغل بادشاهه جي حڪومت
هئي، انهن
ڏينهن
۾
ڪئپٽن
وليم
ڪڊ
نالي
هڪ
قزاق هندستان جي مالابار
ڪناري
وٽان
لنگهندڙ
جهازن جي لاءِ وڏي
باهه
ٻاري
هئي. پاڻ
انگريز هو پر هن
ڌارين
جهازن تي ته
ڦر
ڪئي
ٿي
پر پنهنجن کي به نه بخشيو.
ڪئپٽن
ڪڊ
(هن قسم جا سڀ
ڌاڙيل
ڪئپٽن
سڏجن
ٿا
جو اهي
ڌاڙيلن
جي گئنگ جا ليڊر
هجڻ
سان گڏ
نيويگيشن جي به
ڄاڻ
رکن
ٿا)
پهرين نيويارڪ
پاسي ننڍا
ننڍا
ڌاڙا
هڻندو
رهيو. وڏو
دلير هو سو انگلنڊ
جي حڪومت
هن کي هڪ
جهاز تي 34 کن توبون
(Cannons)
هڻائي
ڏنيون
ته هو مئڊا
گاسڪر
ٻيٽ
جي اردگرد موجود قزاقن کي تباهه
ڪري
۽
اتان لنگهندڙ
فرانس جي جهازن کي سوگهو
ڪري.
ڪئپٽن
ڪڊ
انگريز سرڪار
کان مليل 80 خلاصي
ڇڏي
هڪ
سؤ کن رهزن قسم جا غنڊا
جهاز تي چاڙهيا
۽
خوب
ڦرلٽ
مچائي
۽
مئڊا
گاسڪر
کي
ڇڏي
اچي انڊيا
جي
ڪناري
کان نڪتو
۽
فرانس جا جهاز ته
ڇا
پر جنهن حڪومت
کيس پگهار تي رکيو هو، انهن جي به جهازن تي حملا
ڪري
سون، چاندي، هيرا جواهر
۽
ٻيو
قيمتي مال لٽيو.
ان بعد مال جي ونڊ
ورڇ
ڪرڻ
لاءِ نيويارڪ
پهتو ته هو جهلجي پيو. کيس لوهي زنجيرن
۾
سوگهو
ڪري
انگلنڊ
پهچايو ويو، جتي هن کي موت جي سزا
ڏني
وئي.
ڪئپٽن
ڪڊ
جو موت تمام خوفناڪ
قسم جو
ٿيو،
جنهن رسيءَ سان کيس
ڦاهيءَ
لاءِ
ٽنگيو
پئي ويو، اها
ٻه
دفعا ڇڄي
پئي
۽
پوءِ
ٽئين
دفعي سندس مڻڪو
ٽٽي
پيو
۽
موت آيس. سندس مرڻ
بعد کيس تارڪول
(ڏامر)
۾
ٻوڙي
رسين ذريعي
ٿيمس
ندي مٿان
لڙڪايو
ويو.
ڪئپٽن
ڪڊ
تمام مختصر عرصو قزاق رهيو پر
ڏاڍا
ماڻهو
(جهازي) ماريائين
۽
وڏي
ڦرلٽ
ڪيائين.
ڦاهيءَ
تي چڙهڻ
وقت سندس شعر نما تقرير
تمام مشهور آهي. چي:
My name was captain Kidd،
when I sail'd،
when I sail'd،
And so wickedly I did،
God's laws I did forbid،
when I sail'd،
when I sail'd
I murder'd William Moore،
and Laid him in his gore،
Not many leagues from shore،
when I sail'd.
Farewell to young and old،
All jolly seamen bold،
You're welcome to my gold،
For I must die،
I must die.
Farewell to Lunnon town،
The pretty girls all round،
No pardon can be found،
and I must die،
I must die،
Farewell،
for I must die.
Then to eternity،
in hideous misery،
I must lie،
I must lie.
سترهين ارڙهين
صديءَ
۾
انگريز، فرينچ، اسپيني، پورچو گالي هڪ
طرف ايشيا
|