|
ڪائنات ۾ جيڪڏهن حسن نه هجي ها ته شاعري نه ٿيئي ها، جي شاعري
نه ٿيئي ها ته حسن جو ڪو قدر نه هجي ها، اهڙي طرح شاعري حسن جو
اظهار آهي ۽ حسن خود خدائي آهي. حسن ۽ شاعري جو پاڻ ۾ عاشق ۽
معشوق وارو ازلي رشتو آهي. شاعري عاشق ۽ حسن ان جو محبوب آهي،
شاعري نئين نويلي ڪنوار به آهي ته ڏکن ۽ ڏولاون ۾ جھور ماءَ به
آهي، شاعري هميشه نئين صبح جي تمنا ۾ ٻاريل ڏيئو آهي، شاعري
ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيندي هر دور ان جو دور هوندو آهي، ڀٽائي
جي اها به عظمت اهي جو هن جي شاعري مسجد، مندر، پينوفقير، صوفي
فقير، فنڪارن، ليکڪن ۽ عام توڙي خاص ماڻهن وٽ هڪ جيتري مقبول
اهي. شاعري انقلاب جي سگھ هوندي آهي جنهن جي آڌارتي جنون، جوش
۽ جذبا جوالا بڻجي پون ٿا. شاعري انهيءَ اڇي اُجري ڊريس پاتل
ڇوڪريءَ جھڙي ٿيندي آهي جنهن جي اندر ارمانن جا ڀنڊار هجن،
شاعري انهن انقلابي جوانن جهڙي هوندي آهي جيڪي وجود جي آخري
ويڙھ به وڙهندا رهن، اڄڪلھ جنهن شاعري جي ضرورت آهي اها خون ۾
ٻوڙيل خمير جھڙي هجي جنهن جو لفظ لفظ بارود سان ڀرپور هجي،
جيڪي سراپا سچ هجي، جيڪي لفظن جي ونتين سان مڙهيل مالها نه جهي
پر ڦاهيءَ جو اهو ڦند جهي جنهن سرڪڻ دشمن جي ڪنڌ ۾ سولائي ءَ
سان پئجي سگھي. هينئر صقت ۽ حالتن کي مدنظر رکندي اسان کي اها
شاعري سرجڻ گھرجي، جنهن جا لفظ امن جي اڇي ڪبوترن جيان به جهن
ته گوليءَ لڳڻ سان رت ۾ لتپت زمين تي ڪريل ڳيري جهڙا به جهن،
شاعري مجموعي طرح دل جي ڌرتيءَ تي پيڙا ۽ سورر جي ٿيل آبياريءَ
مان ڦٽل ٻوٽي جو اهڙو ڦل آهي، جنهن جو سواد پنهنجي سمورين
داخلي ۽ خارجي خصوصتين سان پڙهنڙ ۽ ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ
ئي وقت اثر ڇڏي ٿو ۽ سندس ڪيفيت ۾ اوچتو تبديلي اچي وڃي ٿي
پوءِ ان جي سواد جو گھربل نتيجو هڪ عملي ڪم جي صورت اختيار ڪري
ٿو. شاعري پنهنجي اظهاري شڪل جي بنيا تي ٻڌندڙ مٿان صبر ۽ بي
صبر جو هڪ جيترو اثر ڪندي آهي ۽ اهڙي شاعري ڪندڙن جي سنڌ ۾
ڪائي کوٽ ڪونه آهي. سنڌ ۾ نوجوان شاعرن جي هڪ اهڙي لڙھ تيار ٿي
رهي آهي جن مان سڀاڻي جي شيخ اياز ۽ استاد بخاري پيدا ٿيڻ جي
اميد رکي سگھجي ٿي، اهڙن نوجوانن ۾ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي
طبع آزمائي ڪندي نوجوان شاعر پنهل پڻ هڪ وک وڌندو رهي ٿو جيڪو
پنهنجي دوستن لاءِ اهڙو ئي هڪ دوست آهي جنهن لاءِ حضرت علي
سائين فرمايو آهي ته ” يتيم اهو ناهي جنهن کي پيءُ ماءُ ڪونهي
پر يتيم اهو آهي جنهن کي سٺو دوست ڪونهي“ پنهل جي نالي سان
لکندڙ هن ادب جي پانڍيئڙي ۾ اهي سڀ خصوصيتون آهن جيڪي هڪ
بردبار ۽ چست نوجوان ۾ هئڻ گھرجن، پاڻ ئي پنهنجي ڪيفيت بيان
ڪندي هڪ جاءِ تي لکيو اٿائين:
مان وڃي ان موڙ تي آهيان پڳو،
جوخدائي بدگي پرتي رکي.
پنهل لکڻ جي باقاعدهه شروات سنڌ جي ڀلوڙ شاعر مرحوم واجد سان
1990ع ۾ ملڻ کان پوءِ ڪئي، هينئر تائين توڙي جو دنيا جي نفسا
نفسي ۾ پنهنجي خواهشن کي بچائيندي پنهنجي پيٽ پوراءَ لاءِ
ڀائرن سان گڏجي سندن ڪم ڪار م هٿ ونڊائي پيو ۽ ان سان گڏ هينئر
نوڪري ملڻ واري بونس پٺيان لڳڻ کان بهتر سمجھيو اٿائين ته ايل
ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪري پر پوءِ به ادبي کيتر مان پير پوئتي
ڪونه ڪيو اٿائين ۽ اهڙو اظهار هڪ جاءِ تي هيئن بيان ٿو ڪري:
ڪيئن ويهي ٿڪ جان ڀڃان
ڏور منزل آ اڃان
سچ کان مک نه موڙيو
هٿ اوهان کي ٿو ٻڌان
انسان پنهنجي زندگيءَ جي برپٽ ۾ ڪڏهن خوش ته ڪڏهن رنج گذاري
ٿو، تان جو سندس روح جسم مان نڪري ڏور منزل ڏانهن وڌي وڃي ٿو،
پر پوءِ به انسان زندگيءَ کي وڌيڪ سمجهڻ جي تمنا ۾ گذاريندو
رهي ٿو ۽ پوءِ زندگيءَ لاءِ ڪو خاڪو سندس ذهن ۾ نوان جنم وٺندو
رهي ٿو ان ڳالھ کي پنهل ڪجھ هن ريت سمجھيو آهي:
ڪڏهن من موهن، ڪڏهن آ هڙاپا
زندگيءَ کي پنهنجا ڪجھ ماڻ ماپا
ڪيترائي مون سمائي ڇڏيا هن
هڪ غزل ۾ زندگيءَ جا جياپا
۽ زندگيءَ جي رڻ ۾ رلندي دڳ کان ڀٽڪي ويندر کي اڳواٽ ئي
هوشيار ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو:
هن زماني جو سڄيون رسمون ڏکيون
خيال سان اچجان ڀتين ٿي اکيون
زندگي جي تلخين کي صبر سان سهندڙ پنهل اسان دوستن جي ساڄي
ٻانهن آهي جو ڪوبه دوست جڏهن سماجي يا معاشي مسئلي جي ڄار ۾
ڦاسي پوندو آهي ته هي دوست وس آهر سندس مدد ڪري وٺندو آهي ۽
اهڙي نيڪ صلاح سان نوازيندو آهي جو اها دل ۽ دماغ سان ٺهڪي
پوندي آهي. پنهل جي ماٺيڻي طبيعت شهر جي شور ۽ مشيني ماڻهن جي
ڊوڙ جي مخالف آهي، هو مصلحت ڪرڻ وارو اهڙو نوجوان آهي جنهن زهر
اوڳاڇيندو سماج سان سهمت رهڻ کي ئي بهتر سمجھيو آهي ۽ پوءِ ڪي
پل جڏهن بوريت ۾ گذرندا اٿس تڏهن پنهنجي ڪيفيت هن ريت بيان ڪري
وٺندو آهي:
ڪارن ۽ موٽرن جو رڳو شور پيو لڳي
اڄ شهر سمورو ئي مونکي بور پيو لڳي
اهڙي طرح پنهنجي اتساھ ڀريي طبيعت جو بيان به ڏاڍي انوکي انداز
۾ ڪري ٿو:
چانڊوڪين جي تات ۾ رهبو
هاڻ نه هڏ ظلمات ۾ رهبو
گھگھه انڌيرا گھائي پنهل
باک ڦٽي، پرڀات ۾ رهبو
زندگي کي سمجهندي سمجهندي انسان پنهنجا پساھه پورا ڪري ٿو ڇڏي
پر زندگي۽ کي سمجهي نٿو سگھي ۽ زندگي جي صحرا ۾ ڀٽڪندي ڪڏهن
ڪڏهن اهڙي ٻه واٽي تي اچي پهچي ٿو جتي سندس ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿو
ڏي ۽ اهو پاڻ کي هڪ عجيب امتحان ۾ ڦاٿل محسوس ڪري ٿو پنهل
پنهنجي غزل ۾ زندگي جي پويان پيل ڌٻڻ جو عڪس چٽي ٿو وٺي:
ڪنهن مهل ڪاڏي ٿي لاهي زندگي
ڪا خبر ناهي ته ڇاهي زندگي
آس آهي چنڊ نيڻن ۾ لهي
آس ٿي پر خون ٻاهي زندگي
ٻالڪپڻي کان ئي خاموش طبيعت رکڻ وارو پنهل جڏهن جوانيءَ جي
پائنٺ تي پير رکي ٿو تڏهن سونهن جي وڻندڙ موسم سندس اندر ۾
محبت جو در کڙڪائي ٿي. ۽ خاموش طبيعت ۾ محبت جي مٺاس محلول ٿي
وڃيس ٿي ته دل جي دروازي وارو عشق جو ڪڙو کڙڪي پئيس ٿو ۽ کڙڪي
جو آواز ذهن جي ايوان ۾ پڙاڏو بڻجي پئيس ٿو پر زماني جون سماجي
پابنديون ۽ ڪوڙھ ورتل خيال رکندڙ ماهو کيس اظهار ڪرڻ جيتري به
آزادي نٿا ڏين، تڏهن جو سهارو وٺي اندر جي ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ٿو:
اک جي رسائي ڪو ڀي نه ڄاڻي
من جي خدائي ڪو ڀي نه ڄاڻي
ڪل بند ڪري در ڪمري جا پنهل
ڇاڪاڻ آئي ڪو ڀي نه ڄاڻي
انيڪ خواهشون هر انسان جي من ۾ موجود آهن پر جڏهن زندگيءَ جي
گردش انهن کان ڏور ٿي وڃي ۽ آس نراس بڻجي پوي تڏهن ياته فراريت
اختيار ڪبي آهي ي پنهنجي تخليقي صلاحيت کي اڀاريو ويندو آهي ۽
پنهل فراريت ٺڪرائي پنهنجون صلاحيتون اڀارڻ لاءِ شاعريءَ سان
ناتو جوڙي ورتو.
هڪ توسان رشتو نه جوڙي سگھي
شاعري رشتا سندم جوڙي پئي
ڪيئن ننڊ نيڻن کي چئه مان ڏيان
شاعري جو جاڳ کي ووڙي پئي
پنهل شاعريءَ سان اهڙو رشتو جوڙي ورتو جو اڄ تائين کانئس پري
ڪونهي ويو، پر جا پيار جي اڃ اندر ۾ رهجي ويس سا هر وقت سندس
قلم جي نب مان ٽمندي رهي ٿي.
سوچ ڀري ڪ ڄڃ رهندي، خبر نه هئي
عشق ۾ ايڏي اڃ رهندي، خبر نه هئي
۽
جڏهن رسوائين جي آقائن تائين پنهل جي شاعري پهچي ٿي، تڏهن دور
ٿي ويل ان حسن سان شڪايتي اظهار ڪري ٿو:
ڪيئن لڪايان موهه تنهنجو من اندر
دل ۾ آهن ڄڻ ٽپالي لفظ ڪي
سانت جو فلسفو هوندو مگر
دل ڪڏهن ڇهندا هن خالي لفظ ڪي
سونهن سراپا سچ هوندي آهي ۽ سچ مجوده سماج کي آئڙي سو ڏاڍو
ڏکيو آه ريتن، رسمن ۽ هٿ ٺوڪين اصولن ۽ ضابطن جي هن ماحول ۾ سچ
جو مچ ته ٻري سگھجي ٿو پر ان مچ جو سيڪ وٺڻ هن مشيني دور جي وس
کان ٻاهر آهي تڏه تن مثبت ۽ منفي روين ۾ ڪوئي فرق ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پئي ٿو:
سچ جا ڏيئا اجھامي ٿا وڃن
رنگ روحن جا اڏامي ٿا وڃن
حسرتون من ۾ پيون گھٽجن پرين
نااهل جو هت اگھامي ٿا وڃن
۽
جڏهن محبت جي ميدان ۾ عشق جو سندرو ٻڌي لهندڙ پريمي سماج جي
ڪوڙ جي مٽيءَ مان ٺهندڙ وڏن بتن سان وڙهي وڙهي ۽ رڙهي رڙهي
پوئتي نهاري ٿو تڏهن پنهنجو پرين نه پسي سندس اندر مان آهه
نڪري پئيس ٿي:
لوڪ سارو هو کلائي ويو هليو
نيٺ مون کان هٿ ڇڏائي ويو هليو
دنيا جي اڍينگين ريتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ايترو ته جڪڙجي وڃي
ٿو جو سندس زندگيءَ جون سموريون راهون هر طرف کان بند ٿي وڃن
ٿيون، پوءِ هو ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻجي يا ته الهامي سڻائيءَ
جي آسري رهي ٿو يا انهن بند ٿيل راهن جي وڇ ۾ ڦاسي گھٽ ۽ پوست
جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيئي ٿو يا موڳو ئي زندگي تان هٿ کڻڻ
لاِءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
پنهل جي خيالن جي اڏام سندس وهيءَ واري نيچرل ايپروچ کان
مٿانهين آهي، سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي جوڙجڪ هر غزل کي ايترو ته
مان بخشي ٿي جو ٻڌندڙ ۽ پرهندڙ ساراهه ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي
ٿو، سنڌ ۾ تنگ ذهني ۽ اڻسهپ وارو ماحول ڏينهنون ڏينهن وڌندو
پيو وڃي جنهن جا اثرات سنڌ هي سناهي ۽ معاشي بيهڪ کي تمام وڏو
هاڃو رسائن ٿا اهڙي تنگ ذهني ۽ اڻسهپ جي عڪاسي پنهل هن ريت ڪئي
آهي:
هي تحت السرا ۾ جي تاڙيون وڄن ٿيون
انڌيرن کي بڻجي اماڙيون لڳن ٿيون
ڪوئي سچ ڪنهن کي جي سامهون چوي ٿو
ڪيئي ڪروڌي ڪهاڙيون اٿن ٿيون
۽
سنڌ ۾ هٿ ٺوڪي رسم ڪوروڪاري جي لپيٽ ۾ ڪيتريون ئي جوانيون موت
جي غفا ۾ گم ٿي ويون آهن، زمينن ۽ جائداد جي حوس ۾ پر ڪيترائي
وحشي صفت ماڻهو روزانو سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪاروڪاريءَ
جي رسم ادا ڪن ٿا اهڙي رسم ادا ٿيڻ تي هر حساس جذبا رکندڙ
ماڻهو جھري پئي ٿو پر جا چوٽ هڪ تخليقڪار کي اچي ٿي تنهن جي
خبر ان تخليقڪار کي هوندي جنهن جو اظهار پنهل هن ريت ڪيو آهي:
ڪين ڪنهن جيون بچايو ڇوڪري جو
کوڙ مسجد ۾ پئي قرآن جاڳيا
بي گناهيءَ جي سزا ڀوڳي پنهل
ڇوڪري وئي غيرتن جي ور چڙه
Uploaded on 02 September 2008 |