|
ہم نے اپنا غصہ اتار ھے، ہم نے تیر پہ ٹھپہ مارا ہے
اهو
نعرو سنڌ جي هر گھٽي ۾ لڳي رهيو آهي. اليڪشن ٿي وئي پي پي پي
کٽي آئي عوام محترمه جي غم جو اظهار ووٽ جي ذريعي ظاهرڪيو ۽
پي پي پي جي نمائندن کي پارليامنٽ تائين پهچايو. عوام پي پي
پي کي ووٽ ڏئي ڄڻ پنهنجو فرض پورو ڪيو. اها هڪ اٽل حقيقت آهي
ته پي پي پي وارن محترمه جي ڪري ئي ووٽ حاصل ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته
محترمه جي شهادت ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي اهڙو ته اثر ڇڏيو آهي
جو هو ٻئي ڪنهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ آماده ئي نٿا ٿي سگھن. ۽ اهو
ئي سبب آهي جو هن دفعي ماڻهن پي پي پي وارن کي چونڊيو. ان
کانسواءِ ماڻهن جو ٻين پارٽين کانسواءِ پي پي پي ۾ وڌيڪ اميدون
هونديون آهن. موجوده اليڪشن ۾ ماڻهن جون تمام گھڻيون اميدون
هيون ۽ آهن جن ۾ وڏي اميد ته اها آهي ته شهيد راڻي جي قتل جي
جاچ اقوام متحده کان ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي ظاهر ڪرڻ سان
گڏوگڏ انهن کي سخت سزائون پڻ ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ قيادت ايئن
قتل ٿيندي رهندي. ان سان گڏ عوام کي اهو به خدشو آهي ته ڪٿي
ايئن نه ٿيئي ته محترمه جو قتل صرف قانون جي زنگ ورتل الماري ۾
رکيل فائيلن جي ور نه چڙهي وڃي. جيئن اڳ ۾ ڀٽو خاندان جي قتل
جا ڪيس صرف فائيلن تائين محدود ٿي ويا ايئن هي به ڪيس نه دٻجي
وڃي. ان کان پوءِ جيڪي عوام جون اميدون آهن تن ۾ بيروزگاري
جو خاتمو، امن امان جي بحالي، مهانگائي تي ظابطو آڻڻ وغيره سان
گڏوگڏ چونڊيل نمائندن جو عوام سان ملڻ جلڻ پڻ آهي. هاڻي
ذميواري اچي پئي چونڊيل نمائندن تي ته هو عوام جي ووٽن ۽ عزت
افزائي جو جواب ڪيئن پيا ڏين ۽ محترمه جي خوابن جو ڀرم ڪيترو
رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته پي پي پي جي اڪثر نمائندن جي اها هڪ روايت
رهي آهي ته هو ووٽ وٺڻ کان پوءِ عوام سان رابطو گھٽائي ويندا
آهن. اسان وٽ چونڊيل نمائندن جي نفسيات رهي آهي ته هو اليڪشن
کٽڻ کان پوءِ پنهنجي ڪارڪنن سان ئي رابطو رکندا آهن جڏهن ته
ووٽ صرف ڪارڪنن جا نه هوندا آهن بلڪه وڌيڪ ووٽ عام ماڻهن جا
هوندا آهن جن سان هي نمائندا ملڻ پسند نه ڪندا آهن يا وري
ڪارڪن کين ملڻ لاءِ نه چوندا آهن.
پي پي پي کي جٿي حڪومت ٺاهڻ ۾ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو
اتي پي پي پي کي ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پڻ پاليسي ٺاهڻي
پوندي ڇاڪاڻ ته هي دور ڪافي مٽجي چڪو آهي. هاڻي ميڊيا ماڻهن کي
تمام گھڻو شعور ڏنو آهي ته هو پنهنجي مستقبل لاءِ صحيح فيصلو
ڪن. هن دفعي ته پي پي پي کي محترمه جي ڪري ووٽ مليا آهن پر
آئينده شايد هنن کي پنهنجي ڪارڪردگي تي ووٽ وٺڻا پون. تنهنڪري
پي پي پي قيادت ۽ چونڊيل نمائندن کي بلڪل عوامي سوچ اپنائڻي
پوندي ۽ عوام جي مسئلن کي سمجھڻو پوندو. جيڪڏهن پي پي پي وارا
ايئن نٿا ڪن ته شايد مٿين اليڪشن يا حڪومت دوران ئي پريشاني کي
منهن ڏيڻو پوين.
هن وقت پورو پاڪستان مسئلن جي ور چڙهيل آهي پر سنڌ مڙئي سڀني
کان وڌيڪ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي ۽ پي پي پي وارن سڀ کان وڌيڪ
ووٽ به سنڌ مان ئي کنيا آهن. ۽ ڏٺو وڃي ته محترمه جي شهادت جو
احتجاج به سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ ئي ٿيو. تنهنڪري هنن کي سنڌ جي
مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به سخت جدوجھد ڪرڻي پوندي.
هونءَ ته سنڌ جا تمام گھڻا مسئلا آهن پر ڪجھ اهم مسئلا هي آهن
1 ) ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ
2) بدامني جو مڪمل خاتمو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ بدامني ماڻهن کي
نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو آهي.
3) بهتر ۽ هڪ جھڙي تعليم مهيا ڪرڻ. ڪاپي ڪلچر جو هميشه لاءَ
خاتمو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ترقي جو دارومدار هاڻي صرف بهتر بغير
ڪاپي واري تعليم ۾ ئي آهي.
4) صحت جون مڪمل سهولتون مهيا ڪرڻ
5) پاڻي جو پورو حصو ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جھڙن رٿائن جو خاتمو
ڪرڻ
6) سنڌي ٻولي کي سنڌ جي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ
7) سنڌ جي وسيلن ۽ ملڪيت تي سنڌي ماڻهن جي حق کي تسليم ڪرڻ ۽
انهن جي راءِ سان ئي فيصلو ڪرڻ.
انهن مسئلن کان سواءِ سنڌ جا تمام گھڻا مسئلا آهن جن تي پي پي
پي وارن کي توجھ ڏيڻو آهي، پر هي مسئلا اهڙا مسئلا آهن جيڪي
فورن حل ٿيڻ گھرجن. پي پي پي سنڌ قيادت کي سنڌ جي مسئلن تي خاص
توجھ ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اڳين حڪومتن سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو خاص
ڪم نه ڪيو
|