www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Poet's Profile

ڪٿا                                                   شاهجهان سميل

منهنجي زندگي جي هر ڪٿا

توکان شروع تو تي ختم

تو بن ڇا جيون ۽ جهان

توکان شروع تو تي ختم

 

اکڙين جي ٻيڙي ۾ ويهاريو

تو سوا ڪنهن کي نه آ

۽ دل جو هر رستو صنم

توکان شروع تو تي ختم

  

تنهنجو پيار رت بڻجي صنم

منهنجي رڳ رڳ ۾ وهي

توسان ئي قائم هي وجود

توکان شروع تو تي ختم

 

 تنهنجو پيار منهنجي زندگي

تنهنجي ساهه سان آ ساهه منهنجو

منهنجي دل جو هر ڌڙڪو صنم

توکان شروع تو تي ختم

  

شاعري جو صفحو

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

سرڪش سنڌي

جھڳي اسان جي ڪکن پنن جي

نظر تنهن ۾ به دشمنن جي

لڪي ڇپي ويا وڪوڙي ويري

ڪکن تي ڪوسي رکيائون ڪيري

دکي دکي سا ٻري پئي آ

زبان رت سان ڀري پئي آ

اسان جي دنيا ۾ ويل آهي

اسان جي جزبن کي نيل آهي

اسان جي رڳ رڳ رڌي وئي آ

اسان جي نس نس ڪٽي وئي آ

اُٿي تمنا پڳي نه منزل

تتيءَ ٿڌيءَ تي مري وئي آ

زبان رت سان ڀري پئي آ

هجي ڪو هفتو ٿئي نه غم ڪو

هجي مهينو سڙي نه سينو

نه سال جو ڪو سوال آهي

سمرو جيون وبال آهي

گھڙي گھڙي ئي کري پئي آ

زبان رت سان ڀري پئي آ

 شاعري جو صفحو

 

 

 

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

 قافلو                                 شاهجهان سميل

ڏس ڪوشش اسانجي نه وئي رائگان

اٿياسين اسان جو ظلمن اڳيان

ته منزل کان هاڻي ناهيون پري

ڪجهه وکون پوئتي، ڪجهه وکون پوئتي

 اٿياسين ته تنها سفر لا٫ پنهنجي

مگر قافلو ته وڌندو ويو،

دٻائڻ جي ڪوشش هزارن ڪئي

مگر ولولو ته وڌندو ويو،

دلالن ته ڌرتي جو سودو ڪيو

ضميرن کي غيرن هٿان آ وڪيو

پر اڄ به سنڌ جي ڪروڙين دلين ۾

ڪو جذبو ٻري ٿو مشالن جيان

هي لوٽا هي غدار ڏسندا ڪڏهن

اڳيان جبل جذبن هي جهڪندا ڪڏهن

مڃيون ٿا سفر آهي ڏاڍو ڊگهو

مگر حوصلو آهي تنهن کان وڏو

چند قدم ئي آهي منزل پري

ڪجهه وکون پوئتي ڪجهه وکون پوئتي

شاعري جو صفحو

 

 

 

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

ٻه مسافر          عاجز جمالي  

 خط ۽ ساريون تصويرون،

ڦاڙي ڇڏجانءِ!

پنهنجي ڪتابن ۾ رکيل،

منهنجون سڀ تحريرون،

۽ سڪل گُل جي،

خوشبوءِ ۾ ويڙهيل يادون،

ساڙي ڇڏجانءِ،

پنهنجيءَ دل ۾ سانڍيل،

خوابن جا محل سمورا،

ڊاهي ڇڏجانءِ!!

۽ پنهنجون سڀ تعبيرون

ميساري ڇڏجانءِ،

منهنجا پرين،

هاڻ نه مونکي ياد ڪجانءِ،

۽ ياد ڪري

ڪين ڪي آلا نيڻ ڪجانءِ،

ايئن کڻي تون سمجھ پرين،

هڪ ئي گاڏيءَ جا،

پاڻ مسافر هياسين،

پل ڪاڻ ملياسين،

۽ پوءِ وڇڙياسين،

تنهنجي آئي اسٽيشن،

تون ان تي لهي وئين،

منهنجي شايد،

ڪائي منزل ڪانهي،

منهنجي ڪائي اسٽيشن

اچڻي ڪانهي!!

 شاعري جو صفحو

 

 

 

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

زندگي                                           ادل سومرو

هر زهر کي پي وئي آ زندگي
مس چٽي جيان ٿي وئي آ زندگي

 هوءَ جڏهن به موڪلائي گھر وئي
ائين لڳو وڇڙي وئي آ زندگي

 منهنجي باري ۾ ڀي، تون ئي سوچ ڪجھ
منهنجي تنهنجي ٿي وئي آ زندگي

 منهنجي ڀاڪر ۾ اچي سمهندي رهي
رات ۾ گذري وئي آ زندگي

 تنهنجي مک تي مرڪ جا پوپٽ ڏسي
منٽ ۾ پرچي وئي آ زندگي

 ٽائرن جا تيز ليڪا تيز رڙ!
روڊ تي چٿجي وئي آ زندگي

هر طرف جھنڊا ٿا ڦڙڪن موت جا
جڳ کان وسري وئي آ زندگي

 ڪوڙ جي ڪارنهن، ڌماڪن، درد جي
ڌوڙ ۾ لٽجي وئي آ زندگي

شاعري جو صفحو

 

 

 

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

سميرا ميمڻ

 

ڀرم پنھنجو رکي سگھيا ناھيون

توڏي تڏھن اچي سگھيان ناھيون

 

 دڳ آ ورتو اسان ڀٽائي جو

پرڀٽائي ته ٿي سگھيا ناھيون

 

 جيڪو ھن جو به من ڇڏي موھي

شعر اھڙو لکي سگھيا ناھيون

 

 وحشيتن جي نصيب سان جيُندي

ماڻي سک جي گھڙي سگھيا ناھيون

شاعري جو صفحو

 

 

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

غزل                                   پنهل

اوچتو ائن رابطا ڪٽجي ويا،

ماڳ ئي احساس جا مٽجي ويا!

تو ڏکايو ايترو دل کي سکي!

ڄڻ مٿانهون لاش ڪي سٿجي ويا!

ڪو نه آ تو دل رکي شاعر جيان،

لفظ تو وٽ ايندي ئي ڦٽجي ويا.

ذهن جي پردي تي هڪ چهرو رهيو،

ٻيا سڀئي چهرا لڳو گھٽجي ويا.

ڪنهن ڪئي واکاڻ هڪڙي گيت جي،

گيت ڪجھ روئي پيا، ٻٽجي ويا!

شاعري جو صفحو

 

Name

Punhal

پنهل

Caste

Memon

City

Larkana, Sindh, Pakistan

Qualification

M.A., L.L.B.

Started Poetry in 1990

Contact:

+92-3322772365

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Poet's Profile

غزل                                   پنهل.

پاڻ لاپتا ۽ هي رولاڪيون،

مئڪشي، مئڪدا ۽ هي رولاڪيون.

مان اڪيلو سگھان ڪنهنجو دامن جھلي،

رات، ٻانهون، ڏيئا ۽ هي رولاڪيون.

تنهنجي ڳولا ۽ ڀٽڪي امر ٿي پيا،

هڪڙو مان ٻيو خدا ۽ هي رولاڪيون.

جام خالي کڻي موکي جي قبر تي،

کوڙ ڳڀرو رنا ۽ هي رولاڪيون.

ساھ ۾ ڪيئن سمائي سگھان مان پنهل،

ڏات آ هر ڏسا ۽ هي رولاڪيون.

شاعري جو صفحو

 

Name

Punhal

پنهل

Caste

Memon

City

Larkana, Sindh, Pakistan

Qualification

M.A., L.L.B.

Started Poetry in 1990

Contact:

+92-3322772365

 

Current Date:

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 </