|

www.mehranmag.com |
سائينم
سدائين ڪرين مٿي سنڌ
سڪار
دوست
مٺا دلدار عالم سڀ آباد
ڪرين |
 |
|
|
|
|
 |
|
 |
 |
|
 |
Author's Profile |
 |
 |
|
 |
|
پٿر دل انسان |
|
زندگي هڪ عجيب قسم جي نعمت آهي ڪنهن کي هڪ ڏينهن ته ڪنهن کي
سالن جي زندگي ميسر آهي . ڪي پنهنجي لا ءِ ته ڪي ٻين جي لاءِ
جيئندا آهن فرح کي به زماني وارن ڏاڍو ستايو هو فرح مائٽن جي
اڪيلي ڌيءَ هئي هن کي ٽي ڀائر هئا هن جي ماءُ هن جي ننڍپڻ ۾
وفات ڪري وئي جڏهن وڏي ٿي ته گھر جون ذميواريون هن تي اچي ويون
هن پڙھڻ ڇڏي ڏنو هن جو پيءُ بيمار هو ان جي خدمت ۽ گھر جي ڪم
ڪار ۾ لڳي پئ هوندي هئي هيءَ هن وقت عمر جي ان حصي ۾ هئي جتي
هن کي اصل گھر ۾ هئڻ کپي ها ڪجھه وقت کان پوءِ هن جو پيءُ به
وفات ڪري ويو . فرح جي ڀاءُ جي شادي هن جي سؤٽ سان ٿيل هئي فرح
وري پنهنجي سؤٽ کي ڏنل هئي . هنجي سؤٽ فرح سان شادي ڪرڻ کان
انڪار ڪيو ۽ ٻئي هنڌ وڃي شادي ڪئي . ڪجھه وقت کان پوءِ فرح جي
شادي سھيل سان ٿي .سهيل وٽ فرح لاءِ وقت نه هوندو هو ڀائر پيا
هن کي سنڀاليندا هئا .فرح کي ڪوبه اولاد نه ٿيو انڪري ساهرا هن
جي عزت گھٽ ڪندا هئا پر فرح سڄو ڏينهن انهن جي خدمت ڪندي هئي .
گھر ۾ سڀ فرح سان نفرت ڪندا هئا هن جي زندگي عذاب بنجي وئي هئي
فرح جي حالت ڏسي هن جي ڀائرن کي ڏک به ٿيندو هو ۽ پنهنجي پاڻ
کي مجرم سمجھندا هئا فرح صبر ڪيو ڪنهن کي به ڪجھه نه چيو فرح
چوندي هئي ته جيڪڏهن اولاد ملي ته منهنجي عزت ٿئي پر اولاد
منهنجي نصيب ۾ نه آهي فرح جو سڪون برباد ٿي ويو هو هن جون
نڻاڻون هر وقت هن تي ٺٺوليون ڪنديون هنيون سھيل جي به اهائي
سوچ هئي . هن وٽ فرح جي لاءِ هڪ رپيو به نه هو پر ڀينرن جي
لاءِ سڀ ڪجھه هو هي فرح کي پيار جي قابل نه سمجھندو هو پيار
جون حقدار هن جون ڀينرون هنيون جيڪي فرح کي زبان سان زخم
ڏينديون هنيون سھيل پنهنجي ڀينرن جي هر ڳالھه تي اعتبار ڪندو
هو هن کي ڪير به پيار ڏيڻ وارو نه هو ڪير به هن جا ڏک ونڊڻ
وارو نه هو فرح پنهنجي ڏيرن جو زال سان پيار ڏسي دل ئي دل ۾
چوندي هئي ڪاش سھيل به مون سان ائين پيار ڪري .فرح اڪثر بي چين
رهڻ لڳي هنجي لاءِ ڪٿي به سڪون نه هو فرح دنيا جي لفظن مان تنگ
ٿي پئي پنهنجي زخمن کي لڪائڻ لاءِ ڪجھه ڪرڻ پئي چاهيو پر هڪ اڻ
ڄاتل خوف هن کي وڪوڙي ويو ۽ سوچڻ لڳي ڇا آئون ڪجھه ڪري سگھان
ٿي ؟ يا نه ، مون ۾ ايتري همت آهي پر فرح جو ذهن ڪوبه جواب ڏئي
نه سگھيو هيءَ مايوس ٿي وئي هن وٽ جيئڻ لاءِ ڪو به جواز نه هو
نه گھر جو سڪون نه ئي سھيل جو پيار نه ئي مائٽن جو سايو بلڪل
اداس ٿي وئي تنهائي هن کي ڏنگڻ لڳي هنجي لڙڪن جي زبان ڪير به
سمجھي نه سگھيو . هڪ رات اوچتو هن همت هاري زندگيءَ کان شڪست
مڃي پنهنجي پاڻ کي ماري ڇڏيو .اهڙو گل جيڪو گھڻي ڪم ڪار جي
باوجود ٽڙيل رهندو هو ، سو هاڻ پيار جي پاڻيءَ کان محروم ٿي
هميشه لاءِ ڪومائجي ويو .
April 27, 2008
|
|
|
 |
|
 |
 |
|
|
Name
شھنيلا
خادم گھراڻو
Occupation
Writer
City
Interests
Contact
|
|
 |
|
 |
|
 |
|
 |
|
 |
 |
|
 |
|
Previous
Stories |
 |
|
شريفان
مينهوڳيءَ کان پوءِ
ڀاڄوڪڙ جو داغ
پرايو پاپ
بدلو
|
 |
|
 |
 |
|
|
|
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
|