www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

پنهنجي قبر چمچي سان نه کوٽيو

ڊاڪٽر نذير نه فقط انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي ملڪ جي مريضن کي مفت مشورو ڏئي ٿو پر فون ذريعي پڻ. اڄڪلهه پاڪستان مان آمريڪا فون ڪرڻ، سستو ٿي پوڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻان جيڪي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر کان اڻ واقف آهن، اهي ڊاڪٽر صاحب سان فون ذريعي پنهنجي اوکن جو حال سلين ٿا. هڪ اهڙو ئي فون شهدادپور کان ڊاڪٽر صاحب ڏي ان وقت آيو جيڪو لڳو ٿي ته ڊاڪٽر صاحب کان پهرين به پنهنجي علاج بابت صلاح مشورو وٺندو رهيو آهي جو ڊاڪٽر هن کي اڃا به ڌيڪ وزن (ٿولهه) گهٽائڻ لاءِ چئي رهيو هو.

فون رکڻ بعد ڊاڪٽر ٻڌايو ته هي هڪ دڪاندار جو فون هو، جنهن کي ننڍي عمر ۾ ذيابطيس (Diabetes) بيماري ٿي پيئي آهي، جنهن جو وڏو سبب سڄو ڏينهن دڪان تي هڪ هنڌ وهڻ ڪري، جسم جي چر پر exercise نه ٿيڻ ۽ گهڻو کائڻ ڪري هيڪاندي ٿولهه آهي.

”اڄڪلهه جي ماڊرن دور ۽ سوسائٽيءَ ۾ انسان جي صحت جو وڏو دشمن ٿولهه Obesity ٿي پيئي آهي.“ ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻڌايو، ”ڪنهن کي توهان ’شل وڏي عمر ماڻين‘ جهڙي دعا ڏيو ته ان سان گڏ کيس اها به تاڪيد ڪريو ته گهٽ کاءُ ۽ گهڻي نه ته ٿوري سهي، پر ڪسرت ضرور ڪر.“

ڊاڪٽر ميمڻ ٻڌايو ته ٿولهه نه فقط پاڻ هڪ بيماري آهي پر ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي، جيئن ته ذيابطيس، بلڊ پيشر، ڪوليسٽرول ۽ هائيپر لپيڊيميا وغيره. ”اڄڪلهه ٿولهه ائين وڌي رهي آهي، ڄڻ اها ڪا وچڙندڙ بيماري هجي. آئون ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ مريضن کي اهائي التجا ڪندو آهيان ته پنهنجي لاءِ نه ته پنهنجي اولاد خاطر پنهنجو خيال ڪريو. وقت کان اڳ هن جهان مان نه هليا وڃو. گهڻو کائڻ خودڪشي برابر آهي. پنهنجو پاڻ کي پنهنجي هٿن سان نه ماريو. بک ٿي لڳي ته کائو ضرور پر ڪجهه گهٽ کائو ۽ سڻڀن ۽ مٺن طعامن کان گريز ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ کي ٿولهه کان بچايو. هو ڇا چوندا آهن ته ”جيئڻ خاطر کائو ۽ نه ڪي کائڻ خاطر جيئو.“

Eat to live, not live to eat.

”ڊاڪٽر صاحب، اسان جي ملڪ ۾ ته کڻي عوام نه ايترو پڙهيل آهي ۽ نه هن ۾ ايتري awareness آهي“، مون چيو، ”پر هتي آمريڪا ۾ جتي تقريبن هر ماڻهو تعليم يافته آهي، اتي به ڏسان پيو ته ٿولهه عام ٿي پيئي آهي.“

”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ڊاڪٽر ميمڻ وراڻيو، ”بلڪل سڀ کان گهڻو اڇو منهن ته آمريڪين جو ٿيو آهي. ماڊرن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا ٿلها ماڻهو آمريڪا ۾ آهن. تازن انگن اکرن موجب آمريڪا جي آدمشماريءَ جو ٽيون حصو ٿولهه Obesity جو شڪار آهي، جنهن جو وڏو سبب خوشحالي آهي، جنهن ڪري هو گهڻو کائين ٿا. آئون ته اهڙن مريضن کي نصيحتن دوران ڪڏهن ڪڏهن دڙڪا به ڏيندو آهيان ته،

You are digging your graves with knife & fork.

”توهان ڪانٽي ڇريءَ ذريعي پنهنجي قبر کوٽي رهيا آهيو، يعني گهڻو کائي توهان پنهنجي عمر گهٽائي رهيا آهيو.“

هونءَ ڪو زمانو هو جو ٿولهه خوشحالي ۽ سونهن جي نشاني سمجهيو ويو ٿي. اڄ به آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ جتي ڏڪار جون حالتون آهن، ٿلهي متاري ماڻهوءَ کي شان شوڪت ۽ پئسي وارو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. قلوپطره جهڙيون ماضيءَ جون سونهن جون راڻيون يا ويندي رُبين Rubens جهڙن سورهين سترهين صدي جي آرٽسٽن جون شاهڪار تصويرون ڏسندؤ ته توهان کي هر عورت ٿلهي متاري نظر ايندي. ماضي بعد ڇا گذريل صديءَ جي ٽئين حصي تائين ڏسندؤ ته پنهنجي فلم انڊسٽري جون هيروئنون توڙي ڳائڻيون هيوي ويٽ چئمپين هيون. بلڪه ٿلهو هجڻ ئي سندن هيروئن هجڻ جو ثبوت سمجهيو ويو ٿي ته هو اعليٰ رتبي تي آهن. پئسو جام پيو ملين، خوشحال آهن. گهٽ پگهار واريون، جسماني طرح ڏٻريون ۽ سڪل ايڪسٽرا ئي هونديون هيون.

اڄ جي مغربي ڪلچر ۾ ٿلهي عورت گهٽ ڪشش جو باعث سمجهي وڃي ٿي ۽ ٿلهو ماڻهو سست ۽ نڪمو سمجهيو وڃي ٿو. اسڪول ۾ به ٿلهن ٻارن تي ٽوڪون ۽ چرچا ڪيا وڃن ٿا. ويندي ڪارٽونن وارين فلمن ۾ مزاحيه ڪردار ٿلها ٺاهيا وڃن ٿا.

”آمريڪا ۾ ٿولهه جو مرض ايترو ته وڌندو وڃي“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو ”جو هاڻ تازين رپورٽن موجب آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻو موت سموڪنگ جي جاءِ تي ٿولهه Obesity ورتو آهي. آمريڪا ۾ ٿولهه نمبر ون پبلڪ هيلٿ پرابلم آهي.“

چون ٿا ته ٻي جنگ عظيم کان پوءِ 1960ع تائين هڪ عام ماڻهوءَ جي تور ٿوري گهڻي ضرور وڌي پر بي ڊولي حد تائين ٿلهو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٿي ٿيو ۽ پوءِ 1980ع کان هيل تائين ٿولهه جي رفتار ايتري ته وڌي آهي جو جتي وڃ اتي محسوس ٿئي ٿو ۽ هتي جي هيلٿ کاتي لاءِ پريشاني پيدا ٿي پئي آهي.

”ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟“ مون معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو.

”اهم ترين ته اهي ئي آهن، جن مان پهريون Overeating شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان“، ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”ٻئي نمبر تي کاڌي جي اگهن جي مقابلي ۾ ماڻهن جي ڪمائي (پگهار)، گهڻو وڌي ويا آهن. مارڪيٽنگ جي طريقن به ماڻهن کي گهڻو ۽ بي فائدي واريون شيون کائڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. 1980ع تائين ٽڪين چاڪليٽن، جنڪ کاڌن ۽ ٻارن جي ٻين شين جي اشتهار بازيءَ تي بندش هئي. ريگن جي حڪومت ۾ اها بندش لاٿي ويئي. پنهنجي ملڪ ۾ به اهوئي حال آهي. هونءَ ڳڙاري (بسري) جهڙي مٺي شيءِ به سياري ۾ کائبي هئي. ڪڏهن ميلي ملاکڙي تي وڃبو هو يا عيد برات ٿيندي هئي ته ٻارن لاءِ مٺائي وٺبي هئي. آئيس ڪريم، ڪوڪا ڪولائون، چاڪليٽ ٽافين جهڙيون ته شيون هونديون ئي ڪونه هيون پر هاڻ اهي سڀ نه فقط گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رکيون آهن پر انهن جي اشتهار بازي به پئي ٿئي، جنهن کي ڏسي هر ٻار کائڻ لاءِ تيسو ڪري ٿو ۽ اهوئي سبب آهي جو نه فقط هتي آمريڪا ۾ پر پنهنجي ايشيائي ملڪن ۾ به وڏن توڙي ٻارن ۾ ڊائبٽيز جهڙو موذي مرض وڃي وڌندو. ان تي وڏي خرابي اها جو ٽي وي جي انيڪ چئنل کلڻ ڪري ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ ڪري ننڍو توڙي وڏو راند کيڏڻ يا واڪ ڪرڻ بدران هڪ هنڌ ويٺو آهي. ان کان علاوه برگر، چيز، فرينچ فرائيز جهڙا جنڪ فڊ (ٿولهه پيدا ڪندڙ ۽ رکيل کاڌا) جيڪي نرم ۽ سوادي هجڻ ڪري کائڻ ۾ سٺا لڳن ٿا پر صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جو وڃي فئشن وڌندو ۽ جتي ڪٿي اهڙو مال سپلاءِ ڪندڙ فاسٽ فوڊ شاپ وڌندا وڃن.“

ڊاڪٽر نذير جو اهوئي رايو آهي ته ذيابطيس جهڙي بيماري جيڪا خاموش خوني silent killer به سڏي وڃي ٿي، جيڪا جسم جي مختلف عضون (گردن، اکين، پيرن، دل وغيره) کي ناڪاره بڻائي انسان کي تباهه ڪري ٿي، اها توڙي کڻي موروثي طرح Hereditary هجي يا ذهني پريشانين باعث پر ان بيماريءَ جو وڏو سبب گهڻو ۽ روغني ۽ مٺاڻ وارا کاڌا کائڻ ۽ ڪسرت نه ڪرڻ آهي. اسان کي ياد رکڻ کپي ته گهٽ کائڻ ۽ سادي کائڻ ۾ صحت آهي.

ڊاڪٽر نذير بابت هتي اهو لکڻ رهجي ويو ته پاڻ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ شهدادپور مان حاصل ڪئي. انٽر حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان ڪرڻ بعد MBBS جي ڊگري LMCU ڄامشوري مان ڪئي. ان بعد وڌيڪ تعليم هتي آمريڪا ۾ حاصل ڪئي ۽ هتي ئي نوڪري ڪن ٿا. پاڻ مرحوم حاجي قاسم ميمڻ صاحب جا وڏا فرزند آهن ۽ سندس ٻه ننڍا ڀائر مشتاق ميمڻ ۽ انيل ميمڻ جن پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ آهن ۽ مختلف بزنيس ڪن ٿا.

ايل ايم سي ۾ سندس ڪلاس ميٽن ۽ دوستن مان ڊاڪٽر وسيم نيازي هتي ٽيڪساز ۾ نيورو لاجسٽ آهي، ڊاڪٽر رضوان مگسي اسلام آباد ۾ آهي ۽ ڊاڪٽر شاهه زمان عباسي هتي آمريڪا ۾ پرئڪٽس ٿو ڪري. ڊاڪٽر نذير ميمڻ جو هڪ ٻيو ڊاڪٽر دوست قيصر هتي اوڪلوهاما ۾ Internist آهي. سندس ان دوست جي ويجهڙائيءَ ۾ دل جي آپريشن ٿي آهي.

ڊاڪٽر نذير 1992ع ۾ آمريڪا ۾ آيو. پاڻ Maimonides ميڊيڪل سينٽر، نيويارڪ مان انٽرميڊيسن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ جيرياٽرڪس ۾ فيلوشپ ڪرڻ لاءِ الباني ميڊيڪل ڪاليج ۾ آيو، جتي هو اڄڪلهه ميڊيسن جو پروفيسر آهي.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ 1961ع ۾ شهدادپور ۾ ڄائو. پاڻ اڃا ڇهين ڪلاس ۾ هو ته سندس والد صاحب (حاجي محمد قاسم ميمڻ صاحب) 1973ع ۾ گذاري ويو. کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ انيل ۽ ڀيڻن کي سندس وڏي ڀاءُ مشتاق ميمڻ پيءُ وانگر پاليو ۽ پڙهايو. مشتاق نه فقط کيس پر ڀيڻن کي به ڊاڪٽري پڙهائي جن مان هڪڙي ڀيڻ ڊاڪٽر فرزانا مديني پاڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ ٻي ڊاڪٽر ريحان هتي آمريڪا ۾ آهي. مشتاق ميمڻ صاحب پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ رهي ٿو، جتي هن سان گڏ ننڍو ڀاءُ انيل ميمڻ پڻ بزنيس ڪري ٿو.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ جي شادي 1996ع ۾ حيدرآباد ۾ حاجي رفيق شيخ جي ڌيءَ انيلا سان ٿي. کيس ٻه ٻار زريض (Zurez) ۽ مالي (Mali) آهن.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻڌايو ته هو جڏهن آمريڪا ۾ آيو هو هن کي هتي جي residency حاصل ڪرڻ لاءِ نيويارڪ ۾ رهندڙ سندس دوستن ڊاڪٽر علي ابڙو ۽ ڊاڪٽر نور راڄپر رهنمائي ۽ مدد ڪئي.

Uploaded on 20, July 2008

 

Name

Altaf Shaikh

Date of Birth

14th November 1944

Contact

+92-21-5894090

altafshaikh2004@yahoo.co.uk

Literary Services

  • Author of more than 65 books published in Sindhi, Urdu and English, mostly travelogues of different countries.

  • Some of the books are prescribed for B.A. and M.A. syllabus of Sindh university, jamshoro and Karachi university, Karachi Pakistan

  • Regular Columnist of Pakistan post, Ummat, Ibrat and Kawish

More Detail

 

 

Previous Stories

قزاقن جي عجيب دنيا

ايراني جهاز جان بچائي

جل پري

 

ڪوماگاتا جهاز جو بدنصيب سفر

 

دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا

 

آمريڪا گهمڻو آهي ته ايڪسپريس وي کان پاسو ڪريو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan