|
سونهاري سنڌ کي اهو شرف هاصل آهي ته ان جي مقدس مٽي مان وقت
بوقت ڪيترائي عالم، فاضل، اديب، شاعر، خطيب، سورهيه، سرويچ،
مردِ مجاهد، آزادي جا علمبردار ۽ مانجھي مڙس پيدا ٿي آهن. جن
جي سورهيائي، سخاوت، ڏاهپ، امن پسندي، انسان دوستي ۽ جان نثاري
جا داستان سنڌ جو سرهدون اورانگھي ملڪان ملڪ مشهور ٿيا.
ان سلسلي جي هڪ ڪڙي سنڌ جو ڪهنا مشق شاعر، اديب، دنشور، عل
عروض جو ڄانو ۽ استاد جناب نظام الدين ”ناظم“ چانڊيو به هڪ هو.
ناظم پهرين آگسٽ 1948ع ۾ مولوي عبدالله اثرّ
چانڊيو جي گھر ٻيڙوچانڊيو ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم نصيرآباد
مان ورتائين ۽ انٽر لاڙڪاڻي مان ڪيائين. بي اي ، ايم اي ۽ ايل
ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائون جڏهن ته ايم ايڊ سکر مان
ڪيائون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪلارڪي جي نوڪري مليس پر اها
نوڪري ٿوري ئي وقت ۾ ڇڏيائون ۽ بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾
استان مقرر ٿيا. ڪجھ عرصو پائلٽ اسڪول ۾ رهڻ کان پوءِ پاڻ
پنهنجي بدلي پنهنجي ڳوٺ ٻيڙوچانڊيو ڪرايائون ۽ اتي پاڻ هيڊ
ماستر جي طور فرائض سرانجام ڏيندا رهيا. ٻيڙو چانڊيو مڊل اسڪول
هيو جيڪو سندن جي ڪوشش سان هاءِ اسڪول ٿيو.
شاعري کيس ورثي ۾ مليس. سندس والد صاحب سٺا شاعر ۽ اديب هئا.
ناظم ننڊي هوندي کان ئي وڏو هوشيار ۽ ذهين هو. شاعري جي شوق به
ننڊپڻ کان ئي هين. باقاعده شعر لکڻ پنهنجي والد جي تربيت هيٺ
شروع ڪيائون. ابتدا ۾ مفتي تخلص استعمال ڪندا هئا پر شاھ آغا
سرهندي مجددي جي هدايت تي ناظم جي نالي سان لکڻ لڳو منهنجي
ناظم سان پهرين ملاقات 1990ع امداد جوکيو جي معرفت ٿي جيڪو
سائين ناظم جو سٺو دوست هو. سائين ناظم گهراننڪري آيو ۽ اچي
ٻاهر اوطاق م ويٺآسين. سائين ناظم جي گفتگو ۽ ڳالهين مان مونکي
ائين پئي محسوس ٿيو چڻ اسان هڪ ٻئي جا ڪي پراڻآ واقف آهيون.
سائين سان ڪچهري ڪرڻ ۾ ايڏو ته مزو آيو ۽ جو دل ئي نه پئي چوي
ته اٿجي. ان کان پوءِ سائين سان ٻيڙوچانڊيو ۾ پيون ملاقاتون
ٿينديون هيون.
سائين ناظم چانڊيو جڏهن سخت بيمار ٿي پيو کيس لاڙ ڪاڻي اسپتال
۾ داخل ڪيو ويو ۽ جڏهن خوش ٿي واپس گهر آيا ته چيائون خدا جو
شڪر آهي جو مان ٺيڪ ٿي ويس ۽ ان موقعي تي سڀني مونسان نڀايو.
جنهن جو ذڪر پنهنجي هن شعر ۾ ڪن ٿا.
خزان جي وقت بهارن جو مون سان ساٿ رهيو
هيا نه گل ته ڀي خارن جو مون سان ساٿ رهيو
لڏي لڏي نه ٻڏي ٻيڙي منهنجي قسمت جي،
قدم قدم تي سهارن جو مونسان ساٿ رهيو
تخيلات سندن عرش ڏي اڏامي ويا
قمر ۽ شمس ستارن جو مونسان ساٿ رهيو
بوقت عنج مصيبت غمگين گھڙين ۾
عزيز دوست ۽ يارن جو مون سان ساٿ رهيو
ملون دل نه رهي جو سرور ٿيو ساٿي،
هليا جو غم ته سهارن جو مان سان ساٿ رهيو
خدا جو شڪر آ ناظم سادا سلامت آ،
امان امن گذارن جو مونسان ساٿ رهيو.
پاڻ بزم اثر جو جنرل سيڪريٽري، بزم سچل جو نائب صدر ۽ بزم اثر
ٻيڙوچانڊيو جا سرپرست هئا. سماجي ادبي پروگرامن ۾ ڀرپور حصو
وٺندا هئا. سندس اوطاق هر وقت اديبن سان ڀري پئي هوندي هين.
ڪيترن ئي وڏن اديبن سان ملاقات جو شرف صرف ناظم صاحب جي مليو.
پاڻ سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي جا بهترين شاعر هئا. مادهِ
تاريخ ڪڍڻ تي عبور هين. تمام گھڻا شاعر ناظم صاحب کان پنهنجا
شعر درست ڪرائيندا هئا بلڪه ڪي ته پنهنجا ديوان ئي ناظم صاحب
کان لکرائي ڇپرائيندا هئا. سندن پسنديده صنف نعت ۽ غزل هئن.
ناظم صاحب جا ڪجھه ڪتاب به ڇپيل آهن جن ۾ ”اگر مگر“ ،
”تاجدارِڪربلا“، ”ڪراچي ڪي سير“ انگريزي ڪتابن جا ترجما وغيره،
ڪجھه اڻڇپيل ۽ ڇپائي جي مرحلن ۾ آهن. سائين جن جو غزلن جو
مجموعو ”اسرارِحيات“ ته سنڌي ادبي بورڊ وارن وٽ آهي جيڪو اڃا
تائين نه ڇپجي سگھيو آهي.
سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعر، اديب، دانشور، علم و عروض جو ڄاڻو 8 آگسٽ
1996ع بروز خميس منجهند جو 3 لڳي 50 منٽن تي اسان سڀني کي
وڇوڙي جو زهر پياري هميشه لاءِ مالڪِ حقيقي سان مليو. الله
تعالي کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائين.
علم و ادب جو ماهر ناظم ڇڏي هليو ويو
دل ۽ دلين جو دلبر ناظم ڇڏي هليو ويو
علم و ادب ۾ اسانکي ڇورو ڪر هليو ويو،
نه موڪليائين اسان کان ڇورو ڪري هليو ويو
لاهي سگھون نه اهڙو ٿورو ڪري هليو ويو
محسن اسان کي رهبر ناظم ڇڏي هليو ويو
ناظم چانڊيو جي ڪجھ شاعري:
جهانِ غم جي عظمت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
وفا سڪ سوز الفت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
ستاع زيست مون پنهنجو لٽايو تو لٽيو ليڪن،
اي سهڻا دل جي دولت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
جدائي ۽ تپش شايد محبت جو مقدر آ،
قلم کي لوھه و قسمت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
اسان ئي قصا فرهاد و مجنون کي ٿا دهرايون،
مگر اڄڪلھه جي جدت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
ڪٽيا سر ڪيئي سجده ۾ مئا ڪي تيز مرگان سان،
مگر شوق شهادت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
لڪڻ کان پوِ لڀي مشڪل جي ظاهر ڀئي ڏسڻ مشڪل،
ڪليم الله جي لذت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
ڪجي ٿي ماٺ تان منڪر جي ڪڇجي ٿو ته بس ڪافر،
انهن حرفن جي حڪمت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
رڳو ناظم نظام آهي الف سان واسطو پنهنجو،
دل نادان جي حرڪت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو
Date: April 26, 2008 |