www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

ڪهاڻي هڪ حقيقت

 نصرمن الله

نثار ابڙو

انسان خوشي ۽ غم جو گڏيل مرڪب آهي ... هڪ پل خوشين جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ته ٻي پل غم جي ساگر ۾ گوتا کائيندي نظر ايندو ... ڪڏهن ته پنهنجو پاڻ کي هندورن ۾ لڏندي محسوس ڪندو ۽ ڪڏهن کوهه جي تري ۾... ڳالهه شروع ٿئي ٿي الله ذوالجلال جي هن ڪلام سان؛

 ”توکي جا ڀلائي حاصل ٿئي ٿي سا منهنجي ( الله) طرفان آهي ۽ جا برائي ملي ٿي اها تنهنجي پنهنجي نفس (عمل) طرفان آهي“ (سورت النساء)

 قادر جي فطرت ۾ صرف ڀلائي آهي، برائي صرف سماج ۽ خود انساني عمل جو نتيجو آهي ... ڏک ۽ ڏاکڙا انساني عمل جي پيداوار آهن ... خالق حقيقي ” ڪن “ فرمائي پوري ڪائنات پوري انصاف ۽ عدل سان خلقي هر شيءَ کي ضروري صلاحيتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن ... مثال، ماکيءَ جي مک کي هر اها صلاحيت ڏني وئي جنھن سان هوءَ پنهنجين ضرورتن سان گڏوگڏ انساني ضروريات پڻ پوريون ڪري سگھي پر جيڪڏهن هوءَ پنهنجين خوبين جو استعمال چڱيطرح نه ڪندي ته پاڻ به گھاٽي ۾ ته انسان به .... ٻيو مثال ڪوريئڙي جو آهي کيس ڀرپور صلاحيتن سان پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن هو پنهنجي رهائش سوڌو خوراڪ پڻ حاصل ڪري سگھي ۽ جيڪڏهن هو به پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪندو ته نقصان ۾ پاڻ ئي رهندو ....

 انسان کي پڻ هرطرح جي خوبين سان پيدا ڪيو ويو ۽ ضروري علم سان نوازيو ويو ته جيئن هن ڪائنات ۾ ذات الاهي جي خليفي جا فرائض سرانجام ڏئي سگھي، خرابي نڏهن پيدا ٿئي ٿي جڏهن هو پنهنجين صلاحيتن جو صحيح استعمال نٿو ڪري ۽ پاڻ سميت سماج کي گھاٽي ڏيڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو ...

 اسين سڀ ڪڏهن نه ڪڏهن براين ۽ ڏکن جي ڄار ۾ اهڙا ته ڦاسي پوندا آهيون جو پنهنجو پاڻکي مجبور ۽ بيوس محسوس ڪندي زندگيءَ جو خاتمو ڪندي به دير ناهيون ڪندا يا وري ڏکيارا ٿي بارگاه الاهي ۾ پنهنجن ڳوڙهن جا نذرانا ڏئي مدد جي طلب ڪرڻ لڳندا آهيون ۽ شاه ڀٽائيءَ جا هي بيت ۽ دعائون جھوگارڻ لڳندا آهيون    ”ستر ڪج ستار“، ”ڍڪج ڍولڻهار“ يا وري ” ڦيرو ڪج فضل جو“ وغيره وغيره ... مطلب ته پنهنجي پنهنجي ايمان جي آڌار تي پنهنجن پنهنجن خدائن کي ٻاڏائيندي، دعائون پنندي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ...

 اها فتح ۽ نصرت ڪيئن ۽ ڪٿان ملي ٿي سا ڳالهه ڪجھه هن ريت آهي ...

 جان محمد عرف جانڻ ماسٽر ڪرڻ کانپوءِ مناسب نوڪريءَ جي تلاش شروع ڪئي... سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان خالي نوڪرين جي ڀرتيءَ جو اعلان ڪيو ويو ته هن به پنهنجي مذاج ۽ صلاحيتن کي ڏسندي Audio Visual Officer جي نوڪريءَ لاءِ ڪاغذ پٽ جمع ڪرايا ... ڪجھه ڏينهن کانپوءِ سندس تحريري ۽ زباني امتحان ورتو ويو، جو بخوبي پورو ٿيو ... جسماني چڪاس کانپوءِ صحت جو صاف ۽ سليم سرٽيفيڪٽ ڏنو ويو جو جمع ڪرائڻ کانپوءِ کاتي طرفان ڀرتيءِ جا حڪمنامه ڏنا ويا ... خوشيءَ ۽ مسرت جون مٺايون ورهائي مقرره ڏينهن تي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ پهتو ته کيس کاتي جي هڪ وڏي عملدار اهو چئي واپس ڪيو ته سنڌ جي وڏي وزير اوهان سڀني جون نوڪريون رد ڪري جيالن کي ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي ... اوهان فارغ آهيو ... مهرباني ....

 سندن لاءِ ڏهين محرم ٿي ويو ۽ حالت ماتمي ... هٿ مٿي کڻي وڏي وزير کي پٽيائون، ٻين اميدوارن جي ڇا حالت ٿي هوندي  پر جانڻ جا ٻه به ويا ته ڇهه به ... سڀ اميدون ۽ خواب چور چور، هڪ ئي ڌڪ سان زندگيءَ جا سڀ منصوبا اچي پٽ پيا ... نااميدي ۽ مايوسيءَ جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي وڃي هڪ ويجھي ۽ ڇڙي دوست وٽ رهڻ لڳو جتي ڪافي دوست اچي شام جي محفل لائيندا هئا، ضروريات جي هر شئي سان گڏوگڏ هر قسم جي نشي پتي جو سامان پڻ ميسر ٿيندو هو،  هو به پنهنجو پاڻکي انهيءَ رنڱ ۾ رنڱي مايوسين جي باه کي نشي جي درياهه ۾ ماٺي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو ... 

ان دورران سندس ڪاليجي دوستن بلوچستان ۽ سنڌ جي پهاڙي سلسلي ۾ واقع صوفياڻي مقام ”لاهوت لا مڪان“ جي گھمڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ هنکي پڻ هلڻ جي صلاح ٿي جا غنيمت سمجھي ساڻن گڏجي پيو ... ضروريات جو سمورو سامان ڪٺو ڪري سفر شروع ٿيو، سڻائي کانپوءِ اڻانگو پهاڙي رستو شروع، خئير سان ڊرائيور لاهوتي هو جي ٻيو ڪو هجين ها ته شايد پاڻ فنا في الله هجن ها ... نعرا هڻندي، گيت ڳائيندي، دل وندر ڪندي، ڀوائتي رستي جا مزا ماڻيندي اچي محبت فقير واري زيارت ڀيڙا ٿيا،  ڪجھه وقت ڊاٻو ڪري اڳتي وڌيا حضرت علي ڪرم الله وجھه جي قدمن کان ٿيندا، قلندر شهباز واري ڏندڙ مان ڦٽي نڪتل وڻ واري زيارت کان گذرندا اچي وڏن ۽ عمودي پهاڙن وچ۾ شاه بلاول نوراني جي مزار واري واديءَ ۾ پهتا ...

مزار جي ڀر ۾ فقيرن ۽ مسافرن جي آستانن وچ۾ اچي پڙاءَ ڪيائون جت اها شام ۽ رات گذاري صبح سوير سان لاهوت جي غار ڏانهن راهي ٿيڻ جو پروگرام طع ٿيو ... نورانيءَ جي زيارت سان گڏ ٻيون زيارتون جهڙوڪ گوڪل ديوَ جو پهاڙ ۽ اتان وهي نڪرندڙ پاڻيءَ جو چشمو جو پوري واديءَ کي سيرآب ڪندو محبت فقير جي ڳوٺ ويجھو زمين ۾ غائب ٿيو وڃي گھمي ڏٺائون ۽ تصوير ڪشيءَ مان لطف اندوز ٿي نشا پتا ڪري، کل ڀوڳ جا مزا ماڻي، صوفياڻا نڪتا ويچاريندي جھنگ ۾ شاه، جبل ۾ شاه جا نعرا هڻي سمهي رهيا ...

 پروگرام مطابق صبح جو سوير ننڊ مان اٿي غار طرف روانا ٿيا ... ڪجھه پهاڙ ۽ ٽڪريون لهندي چڙهندي، نوح عليه السلام واري جبل جي زيارت ڪندي، پاڻ تي روحاني رنگ طاري ڪندي اچي غار ڀيڙا ٿيا ... هڪ عمودي پهاڙ لهي ننڍڙو ميدان ٽپي لاهوت واري غار وارو جبل شروع ٿي ٿيو... ڪجھه مٿاهينءَ تي فقيرن جو آستانو آهي جي غار جي پرگھور لهن ۽ ايندڙ ويندڙ زيارتين کي ضروري معلومات پڻ مهيا ڪن ... فقيرن جي آستان کان ڪجھه مٿان ۽ پاسيرڙو سمنڊ جي کليل سپيءَ جيئان هڪ زيارت هئي جنهن جي ڇت مان ماضيءَ ۾ ٽمندڙ پاڻياٽ سبب ڊگھا لوڻياٽي رنگ جا نوڪدار تيرنما لڙڪي رهيا هئا ... ڪجھه پاسيرڙو مٿاهين تي غار ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ ڊگھو عمودي ڏار آهي، جنهن منجھان پاسيرو ٿي لنگھي سگھجيو ٿي ... اول ته کين ڪجھه نظر نٿي آيو پر پوءِ هوريان هوريان ڏر مان ايندڙ روشني جي اوليڙي سان کين غار جي ڊيگھه ويڪر سمجھه ۾ آين ... اڌ سينيما جيترو وڏو بيضوي هال ... اندر جي موسم موافق نه گرمي نه سيءُ ... لاهوت لا مڪان واري ٺل پاسي کان مٿان ڇت منجھان پاڻيءَ جو سيمو هلندو رهي ٿو جو اڳتي هيٺ لهي حضرت عليءَ جي اٺڻيءَ واري ڪونر ۾ گڏ ٿي ٿيو ... پاسيرڙو اها اٺڻي پنڊ پهڻ ٿيل آهي، انئي پاسي ٿورو اڳڀرو حرامي هلاليءَ واري ڏر آهي، جنهن مان گذري وڃڻ واري کي حلالي ته ڦاسي پوڻ واري کي هرامي چيو ٿي ويو ... اڪثريت ماڻهن جي حرامي هلالي ناجائز اولاد ڪري سمجھي ٿي پر اصل ۾ شايد ايمان جي ڪچي پختي جو تصور رکيل آهي... لاهوت لا مڪان واري ٺل کان مٿڀرو مڪي مديني جون دريون آهن جي هاڻ بند ٿي ويون آهن ... ٻي پاسي کان وري ڏاڏي آدم جي چلي واري جڳهه آهي ...

 پري پري کان آيل زيارتي پنهنجي پنهنجي انداز سان مزو وٺي رهيا هئا ... جانڻ جا دوست پڻ چرچا ڀوڳ ڪندي ٽهڪ ڏيندي مزا ماڻي رهيا هئا ... پر ويچارو قسمت جو ماريل جانڻ اداس ۽ بيچين ... اضطرابي ڪيفيت ۾ تنهائيءَ وارا پاسا ڳولهيندي غار مان نڪري آيو ... ٻاهر ويٺل فقير کي کيڪار ڪندي پهاڙ کان هيٺ لهي ويو ... هلندي هلندي هو غار واري پهاڙ جي پويان ڦري  ڏکيو سکيو ان ئي پهاڙيءَ جي چوٽ چڙهي ويو ... سبحان الله، نظارو وڻندڙ ۽ هوا موافق ... پري پري تائين خاموشي، بني بشر ته ٺهيو پکي پکڻ نظر نه ٿي آيو ... آسمان ازرڪي رنگ سان چٽو ۽ صاف، پهاڙي سلسلو حدنگاه تائين ۽ جانڻ اڪيلو ۽ واحد بشر هن دنيا جو، ماحول جي سحرانگيزي يا شايد دعا جي قبوليت جو ڪو پل ...  وڏي هڪ پٿر تي چڙهي ويٺو ۽ پنهنجي بي وسي ۽ غريب حالت تي ويچاريندي اکين جا درياهه وهائڻ لڳو، ان ڏکي حالت۾ الله سبحان وتعالا کي ياد ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ کيس پنهنجي بي وسي ۽ غريبي جي واسطي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهيو ...

” يا رب العالمين! پنهنجي رحمت جا دروازا کول ... نيڪ ۽ جائز خواهشون پوريون ڪر ... رزق حلال عطا ڪر ... جنهن سان دل اٿم کيس منهنجو شريڪ حيات بڻاءِ ... بيشڪ تون ئي ڪارساز ۽ هر شيءَ تي قادر آهين“

 مطلب ته روئيندي، ڳالهائيندي دعائون پنندو رهيو ... اڃان ان حالت ۾ ئي هيو ته پويان آهٽ ٿي، ورائي ڏٺائين ته ساڳيو غار جي ٻاهران ويٺل فقير سندس پويان بيٺو آهي، جنهنکي هو سلام ڪندي آيو هو ...

”نوجوان خئير ته آهي“

”جي ها“ ڏکويل انداز ۾ جواب ڏيندي اکيون اگھي، پٿر تان لهي فقير جي ويجھو ٿيو

فقير اکين ۾ اکيون ملائي سندس اکين جي لالاڻ کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ... ٻيو ڪجھه کيس سمجھه ۾ آيو يا نه پر اهو اندازو لڳائي ويو ته هي سخت ڏک جي حالت ۾ آهي ... ڪلهي تي هٿ جي ٿپڪيءَ سان کيس آٿت ڏيندي، هيٺ دوستن جي واپس ٿيڻ جو اطلاع ڏنائيس ... ٻئي هيٺ لهي آيا ... گاڏي تيار هئي، ساڳيو اڻائو سڻائو سفر طع ڪري اچي پنهنجي پنهنجي ماڳ رسيا ... 

لاهوت جي سير کي اڃان ڪجھه ڏينهن ئي مس گذريا هئا ته جانڻ کي هڪ پراڻو ۽ ويجھو دوست ملي ويو، هو کيس ڪوٺي گھر وٺي آيو ... دل کولي ڪچهريون ڪيائون، حال احوال ٿيڻ تي کيس خبر پئي ته سندس دوست برطانيا وڃي رهيو آهي ... جانڻ به کيس پنهنجن برن حالن کان واقف ڪيو، جنهن تي هن ڏک جو اظهار ڪندي کيس برطانيا هلڻ جي صلاح ڪئي جنهن تي جانڻ پنهمنجي فقيراڻي حالت سبب انڪار ڪيو،

  ”يار! همٿ ڪر، ضروري ڪاغذ پٽ هٿ ڪري وٺ باقي پئسن جو فڪر نه ڪر مون وٽ ڪجھه پاڇي آهي سا تون ڪم لاءِ جي ٿي سگھن ته واپس ڪجانءِ نه ته هرو ڀرو ڪو بکيو ڏکيو ناهيان، الله جي مهرباني آهي“ سندس دوست همٿ وڌائيندي چيو ...

  هو ضروري ڪاغذ پٽ جمع ڪرڻ ۾ لڳي ويو ... الله مهربان ته رستا صاف ... پاسپورٽ ٺهڻ ۾ ڪجهه دير ٿيس جنهن سبب سندس دوست کيس ضروري پئسا ڏئي پنهنجي رابطي جا ڏس پتا ٻڌائي برطانيا نڪري ويو ... جانڻ ويچارو الله جي مدد کان غير واقف ڪاغذ پورا ڪري ويٺو ويزا لاءِ واجھائڻ ... اڃان ان فڪر ۾ ئي هيو ته سندس ڪجھه اسير تنظيمي دوست جيل مان آزاد ٿي اچي پهتا ... حالي احوالي ٿيا، شام جو گھمڻ ڦرڻ خاطر شهر نڪتا ... سمنڊ وارو پاسو گھمندي موٽي رهيا هئا ته جانڻ جي هڪ ويجھي دوست کائنس سوال ڪيو ” يار غازي اڄڪلهه ڪهڙيون مصروفيتون آهن ۽ گذارو ڪيئن پيو ٿئي وغيره وغيره ( تنظيمي دوست کيس غازي ڪري  سڏيندا هئا)

 هِنَ به دل جي باهه ڪڍندي سمورو احوال ڪيو ۽ برطانيا وڃڻ جي خواهش ڏيکاري، جنهن تي هڪ دوست گاڏي هلائڻ واري دوست کي پنهنجي هڪ تنظيمي سربراه ڏانهن هلڻ لاءِ چيو ته جيئن ملاقات به ٿئي ۽ غازيءَ جي ويزا ۾ مدد جي درخواست به ڪري وٺجي ... ايئن ئي ٿيو گاڏيءَ جو رخ ٿيو تنظيمي سربراه جي گھر ڏانهن ... جانڻ جا ڀاڳ جو هو جيئن ئي پهتا ته مطلوبه سربراه پڻ ان ئي وقت اچي پهتو ... مناسب آڌرڀاءُ ٿيو ... حال احوال ٿيا جو سڀ دوست ڪافي سالن کانپوءِ جيل مان تازو آزاد ٿي پهتا هئا ... دوستن جانڻ جو تعرف وڏي صاحب سان ڪرائيندي کائنس لاءِ برطانيا جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي فرمائش ڪئي، ويرم جي سوچ کانپوءِ هن ٽيليفون گھمائي، ويزا جي ملڻ جي پڪ ڪندي، جانڻ کي هدايت ڪئي ته هو سڀاڻي تي ئي وڃي ويزا جي درخواست ڏئي انٽرويو ڏي ... ڪم ٿي ويندو ... ٻي ڏينهن تي سندس پاسپورٽ تي برطانيا جي ويزا لڳل هئي ... هو خوش ،کيس مبارڪون ملي ويون ... ٽڪيٽ ورتائين ... برطانيا پهتو ... سندس رزق ۾ اضافو ٿيو ... کيس دوست مليا ... موٽي اچي پنهنجي پسند جي شادي ڪيائين ... سڀ اهي  من مرادون پوريون ٿيس جي هن دعائن ۾ گھريون هيون ...  

اوچتو لاهوت وڃڻ ۽ اتي وڃي دل جي گھراين سان دعائون گھرڻ ... دوست جو ملڻ، برطانيا وڃڻ جي خواهش پيدا ڪرڻ ۽ پئسن جي مدد ملڻ... مٿان وري اسير دوستن جو آزاد ٿي اچڻ ۽ ويزا جي حصول ۾ آساني ٿيڻ ... اهو سڀ ايترو اوچتو ۽ حيرانڪن ٿيو جو فقط دعا جي قبوليت ئي سمجھه اچي ٿي نه ته ڪٿي برطانيا ۽ ڪٿي ويچارو مسڪين جانڻ ... جنهن کان اڳ سندس ڪيترن ئي امير دوستن کي ويزا نه ملي سگھي هئي !!! 

الله سبحان و تعالا جي مدد ۽ نصرت ملڻ جا اسباب هن ئي معاشري ۾ موجود هوندا آهن، ان حقيقي حاڪم جي حڪم سان عزيز، رشتيدار، دوست، پاڙي وارا ۽ ٻيا سڀ انسان توڙي حيوان انسان جي مدد ڪنٿا، بلڪه ڪي واقعا ۽ حادثا پڻ انسان جي مدد ڪيو ڇڏين ... اهو سڀ اسانجي عملن ۽ دعائن جو ڦل هوندو آهي جنهنکي سمجھڻ لاءِ دل ۽ دماغ کليل هجڻ کپن ... انسان ناشڪرو آهي ... مصيبت ۽ ضرورت جي وقت دعائون ته گھريٿو پر پوءِ جڏهن ضرورت پوري ٿئي ٿي ته کائنس خالق حقيقي وسريو وڃي ... قرآن شريف جي سورت العنڪبوت ۾ الله سبحان وتعالا ٻيڙين وارن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ...

 ـ ۽ جڏهن هي ماڻهون ٻيڙين ۾ سوار ٿين ٿا ته خالص عبادت ڪندي الله کي پڪارين ٿا ۽ جڏهن کين بچائي خشڪيءَ طرف آڻي پهچائجي ٿو ته ان ئي وقت شرڪ (الله جي اختيار ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ) ڪرڻ لڳنٿا ـ

 بيشڪ انسان پنهنجو پاڻکي ڌوڪي ۾ رکڻ جو عادي آهي، هو مشڪل وقت ۾ خالق حقيقي کي پڪاريٿو، ڪم ٿيڻ کانپوءِ اسباب کي حقيقت سمجھي شرڪ ۾ پئجي صراط المستقيم کان هٽي وڃي ٿو ... دعا سڀ کان وڏي ۽ اثرائتي عبادت آهي ... پيغمبر، رسول ۽ الله جا پيارا انسان خالق حقيقيءَ آڏو گڙگڙائي پاڻ لاءِ، قوم لاءِ ۽ انسانذات لاءِ دعائون پنندا رهيا آهن ...

 ۩  الله جي دوست پيغمبر حضرت ابراهيم عليه السلام، مڪي ۾ پنهنجي پٽ اسماعيل سان گڏجي ڪعبه جي نئين سر تعمير ڪندي ڪجھه هيئن دعا گھري جا لڳ ڀڳ ٻن هزار سالن کانپوءِ آخري نبي حضرت محمد عليه السلام جي صورت ۾ پوري ٿي ...

” منهنجا رب ! هن شهر کي سکيو ستابو ڪر ۽ شهر واسين لاءِ رهبر مقرر ڪر جو کين سڌي رستي تي هلڻ جي هدايت ڪري“

 ۩  الله جي پياري پيغمبر موسا عليه السلام کي حڪم ٿيو ته هو فرعون سان مهاڏو اٽڪائي ۽ کيس راهه حق جي دعوت ڏي ته رسولِ خدا هيءَ دعا گھري ...

 ”منهنجو سينو مون لاءِ کول ... منهنجي ڪم کي مونلاءِ آسان ڪر ... منهنجي زبان جون گرهون کول ۽ منهنجي ڀاءُ هارون سان منهنجي چيلهه ٻڌي مضبوط ڪر “

 پروردگار سندس سڀ دعائون قبول فرمائي کيس فرعون جهڙي جابر ۽ خدائيءَ جي هام هڻندڙ حڪمران تي فتح ڏني ...

 ۩  الله جو صابر پيغمبر حضرت ايوب عليه السلام سهڻي ۽ مضبوط جسم سان گڏوگڏ مالوند ۽ وڏي آل جو وارث هو ... آزمائشِ اِلاهي جو موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويو ... جسماني خوبصورتي، طاقت سان گڏ سندس ڪٽنب ۽ مال پڻ تباهه برباد ٿي ويو ... آخر سندس پڪار ٿي ...

 ” اي پروردگار! مونکي هيءَ بيماري لڳي وئي آهي ۽ تون رحم ڪرڻ وارن ۾ سڀ کان وڏو رحم ڪرڻ وارو آهين“

 رب العظيم سندس پڪار قبول ڪئي ۽ کيس اڳي کان اڳري صحت، آسودگي ۽ آل اولاد عطا ڪئي ...

 ۩ الله جو عزيز پيغمبر حضرت يونس عليه السلام تڪڙ ڪري غلطي ڪئي ۽ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃڻ لڳو ته رب العزت کيس سزا ۾ مڇيءَ جي پيٽ ۾ اماڻي ڇڏيو جت اونداهيءَ مٿان اونداهي، مڇيءَ جو پيٽ، سمنڊ جي گھرائي ۽ رات جي ڪاراڻ بس پوءِ الله جل جلاله جي آڏو پڪاري ويٺو ...

 ” الاهي توکانسواءِ ڪوبه معبود نآهي ، تون پاڪ آهين، بيشڪ آءُ ئي اندهيرن ۾ ٿيس “

 ذات الاهي کيس معاف فرمائي اندهيرن مان ڪڍي ٻاهر وٺي آيو ...

  ۩ الله جو معزز نبي حضرت زڪريا عليه السلام پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي عمر وڌي وڃڻ سبب بي اولاد هيو ۽ اولاد ٿيڻ جي ممڪنات کان به ٻاهر نڪري ويو ۽ آخر ڪائنات جي اڪيلي وارث جي بارگاهه ۾ پڪاري ويٺو ...

” اي پروردگار! مونکي اڪيلو نه ڇڏ، تون سڀ کان سٺو وارث آهين “

 رحمان جو رحم جوش ۾ آيو سندس زال جي اصلاح ٿي ۽ کيس حضرت يحيا عليه السلام جهڙو پيغمبر پٽ مليو ...

 ۩  الله جي پياري ۽ آخري نبي حضرت محمد عليه السلام ڪفار جي هزارن جي تعداد ۾ آيل لشڪر سان ميدان بدر ۾ پنهنجا ڪجھه سئو اصحاب ساڻ ڪري مهاڏو اٽڪايو ... ڪفار جو لشڪر جنگي سازوسامان سان سنواريل ۽ مسلمانن جو لشڪر بي سروسامانگيءَ جي حالت ۾ ... الله جو دوست نبي پڪاري ويٺو ...

 ” اي الله! تو جيڪو (فتح جو) واعدو ڪيو آهي اهو پورو ڪرِ ... اي الله! جيڪڏهن هن مٺ ۾ ايندڙ مسلمانن کي شڪست ٿي يا موت مليو ته پوءِ هن ڪره ارض تي ڪوبه تنهنجي عبادت ڪرڻ وارو باقي نه بچندو“

 دعا قبول ٿي ... مڪي جي ڪافرن کي شڪست عظيم آئي ... دنيا جي تاريخ جي هڪ منفرد شڪست ... ٿورڙن مسلمانن جي هٿان پنهنجا سردار ۽ جنگي جوڌا مارائي ...  پنهنجو سازوسامان ڦٽو ڪري ... پنهنجا ماڻهون بي يار و مددگار ڇڏي وٺي ڀڳا ... مسلمانن جي هن فتح دين اسلام کي هڪ اهڙي طاقت مهيا ڪئي جنهن سان سمورو عرب دين اسلام جي اثر هيٺ اچي ويو ۽ اڳتي هلي پورو عالم انسان ان رنگ ۾ رنڱجي ويو ....

 دعا عبادت جو مغز آهي ۽ الله ذوالجلال کي پسند آهي ... دعا نه گھرڻ ايئن آهي جيئن خالق حقيقي کان منهن موڙي ڇڏڻ ... دعا گھرڻ جو حق هر هڪ انسان کي ڏنل آهي ... دعا هڪ اهڙي عبادت آهي جا ختم ناهي ٿيندي هر صورت ۾ دعا جو اثر ٿيڻو آهي، ڪجھه دعائون جلد ڪجھه دير سان پوريون ٿين ٿيون ۽ ڪجھه دعائون بدلايون وڃن ٿيون ۽ ڪجھه دعائون عالم برزگ ۾ جمع ڪري حساب واري ڏينهن ثوابن واري پلڙي ۾ وڌيون وڃن ٿيون ...

 اسانکي ايمان جي ان حد تائين آڻڻو پوندو جنهن سان دعا جي مقبوليت ٿي سگھي ... قرآن شريف جي سورت الانبيا ۾ الله سبحان وتعالا دعا جي گھرڻ جي ڪيفيت ڪجھه هن ريت بيان ڪئي آهي؛

 

” ايمان جي پختگي ، خوف خدا ، نيڪ خواهش ۽ عاجزي“

 

الله جي در دعا آهي ته هو اسانکي ايمان جي ان منزل تائين رهنمائي ڪري ۽ اسانجون دعائون قبول فرمائي ... آمين

Date April 18, 2008        All rights are reserved by www.mehranmag.com

 

 

 

نثار احمد ابڙو

پيدائشي شهر

 لاهوري محله لاڙڪاڻو

پيدائشي تاريخ

 4 مارچ 1961ع

تعليم

 ابتدائي:

   پرائمري اسڪول علي گوهرآباد

سيڪنڊري: 

 گورنمنٽ پائلٽ اسڪول

هائر سيڪنڊري:

گورنمنٽ ڊگري ڪاليج

گريجوئيشن:

گورنمنٽ ڊگري ڪاليج

ماسٽرس:

 (سنڌي ادب) ڪراچي يونيورسٽي

ٻاراڻا جا شوق:

رائيس ڪئنال ۾ ترڻ

جوانيءَ جا شوق: 

ڪتاب پڙهڻ، دوستيون وڌائڻ

                        تاريخي جڳهون گھمڻ

محبت: 

سنڌ

سياست:  

سنڌ

وڻندڙ شاعري :

شاه جو ڪلام

وڻندڙ شعر: 

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

روئڻ جا سبب :

انتها جي خوشي ۽ ٻين جا ڏک

کلڻ جو سبب :

شخصي نقصان

پسنديده شخص :

شمشير الحيدري

   (مولا تي ننگ آ)  

ڪم: 

هوٽل (کاڌي پيتي جو کاتو)

موجوده پتو:

 نزد الله جو گھر       (ڪعبو) مڪو پاڪ

پسنديده دعا :

  ٻيڙائي پار

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Stories

منهنجي امڙ

روپلي سان ملاقات

ملان حسو تعويذن وارو

شيطان ٿيو مسلمان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date: