www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

نئين سج نئون ،مونکي ورهه ويڙهيچن جو

روزاني ”ڪاوش“ ۾ سنڌ جي وجود سان واڳيل مختلف معاملن جي باري ۾ گذريل رک وانگر ٿڌو ٿي ويل ” نيٺ ڇاڪجي؟“ وارو بحث ٻيهر چڻنگن جي صورت ۾ آهستي آهستي گرمي وڌائي رهيو آهي. ان بحث جو محرڪ اسانجي سماج ۾ جاري اها ناانصافي آهي جيڪا فوري طور ختم ٿيندي نطر نه ٿي اچي يا جيڪا ”ٿي وڃڻ“ جو لقاءُ انهن اميدن جي پس منظر ۾ سوچيو ويو هيو ته فلاڻي منظرنامي بدلجڻ کانپوءِ فلاڻي ڳالهه جو ٿي وڃڻ شايد آسان هوندو. پر ، ان منظرنامي سان گڏ دنيا جو معاشي ۽ اقتصادي منطرنامون بنا دير بدلجي ويو آهي. جنهن ڪري سنڌجي اميدن جو يڪسر پورو ٿيڻ ذري گهٽ ناممڪن ۽ تمام ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. جنهن جا عالمي توڙي لوڪل سبب الاهي آهن جن تي لکڻ واسطي ڪيترائي معزز لکاري ڪم سان لڳا پيا آهن.

سنڌ جي محنتي ايڊيٽر جناب علي قاضي، ماضي ۾ قومپرست تحريڪ سان واڳيل هڪ پڙهيل دانشور آصف بالادي، ڪي ٽي اين جي نوجوان ايديٽر اشفاق آذر ۽  انجنيئر نصير ميمڻ ۽ محترما سحر گل ڀٽي ۽ ٻين  تازو ڪاوش ۾ لکيو آهي. ذڪر ڪيل انهن ليکڪن توڙي ٻين جا گذريل ٻن هفتن ۾ ڇپيل آرٽيڪلز  ۾ جن ڳالهين جي باري ۾ لکيو ويو آهي انهن ۾ هڪ دفعو وري سنڌ جي مسئلن،  انهن جي حل لاءِ ڪنهن اسٽڊي گروپ جي ”هجڻ“ ۽ ان پاران سنڌ ۾ سياسي تعليمي جاڳرتا واسطي ڪوششون ڪرڻ،  سنڌ جي پاور پاليٽڪس ۾ ”ڀوتار ڪلچر“  هجڻ جي ڪري گهڻو ڪجهه نه ٿي سگهڻ ، سنڌ ۾ ڪنهن به ”پريشر گروپ“ جي نه هجڻ، سنڌ ۾ موجود قومپرست سڏائيندڙ پارٽين جي مجموعي تباهي ۽ انهن جي ڪنهن به  مناسب ڪردار نه هجڻ ڪري عوام پاران ”لفٽ“ نه ملڻ ۽ انهن  جي سياست جي ڪري ڪنهن جو به ڌيان نه وڃڻ واري  حالت ۽ سنڌ جي سمورن مامرن،مسئلن ۽  ان  جي حل بابت ” ڇا ڪرڻ“ بابت پنهنجو ڌيان ڇڪائين ٿا. انهن ”ڇا ڪرڻ“ وارين ڳالهين سان گڏ سنڌي عوام کي هجي ڪري ” ڇا نه ڪرڻ“ جو ڏس ڏيڻ جو ڪم ڪنهن به ليکڪ  پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو آهي ۽ ايئن پنهنجي ليکي اهو سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته جن شين جو ذڪر ئي موجود ڪونهي ته اهي استعمال ۾ ڇو اينديون؟ اسان ان تي غور ڪريون ۽ اها پڻ  ڪوشش ڪريون ته سنڌ پنهنجي ملڪ ۾ ڪي نيون جدتون قائم ڪري ۽ پنهنجي عوام جي باعزت جيئاپي واسطي گهٽ ۾ گهٽ ٽي لاڙا جيڪي ڪنهن سان به ( بظاهر) اختلاف نه ٿا رکن اهي متعارف ڪرائي سنڌ جي وجود جي ضمانت پيدا ڪريون،  جهڙوڪ؛

الف) تعليم، علم، اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي ڪنهن به سطح تي ڪنهن جي به سفارش کي خراب، ڪلڇڻو ۽ انتهائي بيهودو ڪم  سمجهڻ.

علم جي باري ۾ ، ان جي واڌاري جي باري م، ان جي ڦهلاءَ جي باري ۾ سنجيدگي سان هر فرد کان ويندي  ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو بهرو  وٺڻ  شروع ڪن. اهو سمجهڻ ته  رڳو سرڪار ئي تعليم جي ذميدار آهي ان ڪري اها سندن ذميداري ناهي اهو رويو ترڪ ڪرڻ، ڪنهن به گوسڙو استاد سان رعايت نه ڪرڻ، ڪنهن به آڱوٺي ڇاپ  ماستر جي همت افزائي نه ڪرڻ، ڪنهن به تعليمي اداري جي ڪنهن به استاد، استادن جي يونين ۽ ڪنهن به شاگرد تنظيم جي پاران غنڊا گردي کي هٿي ڏيڻ جهڙو ”آمريت پسند“ ڪم ڪرڻ کي هر وقت مذمت لائق سمجهڻ ۽ اهڙن سمورن ذميدارن جي قيد ۽ سزائن جا مناسب بندوبست ڪرڻ وغيره 

ب) ”پورهيو عظمت آهي ۽ ان سان سنڌ جو وجود بچي سگهي ٿو“ واري ڳالهه کي قائم ڪرڻ ۽ هر ماڻهو کي هنرمند انسان ۾ بدلائڻ لاءِ ان جي مدد ڪرڻ . پورهئي وسيلي پاڻ کي سنڌ سميت سڄي  جهان ۾ متعارف ڪرائڻ. اها روش ۽ عادت پيدا ڪرڻ ته ” مان هيئن واندو ويهندس ته سڄي قوم تباهه ٿي ويندي“ وارو گڏيل لاڙو پيدا ڪرڻ ۽  (سادي ۽ سولي طريقي سان مٿي پهچڻ واري خطرناڪ لاڙي بدران) پنهنجي محنت سان مٿي پهچڻ ۽ ترقي ڪرڻ واري اصل عظيم انساني لاڙي جو فصل هر هنڌ تيار ڪرڻ ۽ ان جي تبليغ ڪرڻ کي پڻ عظيم ڪم سمجهڻ. اچو ته انهن سمورن آرٽيڪلز جو جائز نموني اڀياس ڪري پنهنجي راءِ پيش ڪريون.

ت) ملڪ ۾ آمريت جون پاڙون مضبوط ۽ جمهوريت جون پاڙون سطحي ۽ کوکليون آهن. ان ڪري آمريت پنهنجي جيئاپي واسطي سڄي ملڪ ۽ صوبي سنڌ کي ”غير سياسي“ بنائڻ ۽ ”سياست مخالف“ ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. سياست جي ڇانو ۾ مختلف فريبيون، ٺڳيون، چالبازيون، سٺا سٺا نعرا ڏئي پنهنجي ڪم ڪڍائو سياست جيڪا اصل ۾ آمريت لاءِ موزون ترين ڳالهه هئي تنهن ۾ سياستدان سڏائيندڙ ڪيئي ڪاروبارين پنهنجو اوچو نام ڪمايو آهي. ان ڪري اسان جو فوري طور تيون ڪم عوام اندر سياست کي مضبوط ڪرڻ ۽ آمريت جو پاسو ڪمزور ڪرڻ هئڻ گهرجي. اهڙي طرح اسان پنهنجي روش ۽ روئي توڙي ڳالهين ۾ اهڙي ڪنهن جملي کان به پرهيز ڪريون جيڪو عوام جي حقن واسطي سياست  جي خلاف هجي.

مسٽر علي قاضي جا خيال؛

 مسٽر علي قاضي جو تازو آرٽيڪل سندس اڄ کان ٻه سال اڳ آڪٽوبر 2006ع ۾ لکيل ٻن آرٽيڪلز جي ڪڙي آهي جنهن ۾ هو هڪ دفعو ٻيهر ان ”ووڪل ڪلاس“ جي جاڳرتا ۽ ٻڌيءَ کي سنڌ جي مسئلن جي حل ڏانهن هڪ اهم قدم سمجهي ٿو. ٻه سال اڳ ۽ هاڻي ۾ ليکڪ جي خيال ۾ هڪڙو واڌارو اهو آيو آهي ته اڳي سندس ووڪل ڪلاس جو مطلب فٽ پاٿن تي ويهي مختلف مسئلن جي حل واسطي احتجاج ڪندڙ  اهي  ” آبادگار، شاگرد، وڪيل، پورهيت،سياسي ورڪر،گهريلو عورتون“  وغيره هوندا هئا،  پر سندس تازي لکڻي ۾ هن جي پاران مشهور ڪيل اصطلاح ” ووڪل ڪلاس“ ۾ ٻيا سڀ ايستائين جو آبادگار ۽ زميندار به شامل ڪيا ويا آهن. سندس لفظن ۾ چيل آهي ته ” سنڌ جو ووڪل ڪلاس، جنهن ۾ زميندار به آهن ته هاري به، صنعت ڪار به آهن ته پورهيت به، شاگرد به آهن ته استاد به، هاڻوڪو سياستدان توڙي سياسي ڪارڪن به ته اديب به آهن. غرض ته جيڪو اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو خواب رکي ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجي پنهنجي سطح تي آواز اٿاري ٿو، اهو سنڌ جي ووڪل ڪلاس جو حصو آهي“

ڪڏهن ڪڏهن ذاتي حال احوال ۾ مسٽر علي قاضي وت ڪيئي ٻيون صلاحون به موجود رهن ٿيون.مثلن،  هو جيلن ۾ بند انهن قيدين سان به همدردي رکندڙ آهي جيڪي ڏوهه جي خاني ۾ ” جيب ڪترا“ لکيل آهن پر انهن خون جي ملزمن کان به وڌيڪ سزا ڪاٽي ڇڏي آهي. علي قاضي چاهي ٿو ته اهي ننڍن ڏوهن وارا قيدي جيلن ۾ رهندي هنر سکن ۽ جيلن جي انتظاميا انهن کي چرسي ۽ هيروئنچي بنائڻ بدران ڪو مستري ۽ ڪاريگر بنائي سماج تان بي هنري جو بار گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن جي خواهش آهي ته ” ڪوٽ ڪرن قيدي ڇٽن“. ان لاءِ هن جو جذبو ۽ ان جو تاثر   انساني ۽ مهذب آهي ۽ سندس فرينچ ڪٽ ڏاڙهي واري  چهري تي پيدا ٿيل ڪرب ۽ بيزاري بنا ڪنهن محنت جي محسوس ڪري سگهجي ٿي.  وري اچئون ٿا سندس تازي بحال ٿيل ان سوچ طرف جنهن تي هن ٻه سال اڳ هن ئي اخبار ۾ لکيو هو.

ليکڪ جو خيال آهي ته ذڪر ڪيل ”ووڪل ڪلاس“  جنهن ۾ هن  هاڻي آبادگار ۽ صنعتڪار به شامل  ڪيا  آهن ، اهي سڀ گڏجي سنڌ ۾ 17 لک اهڙا ووٽر هٿ ڪن جيڪي سنڌ ۾ 85 سيٽن تي مقابلي ۾ سوڀارا ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ پهچي عوام جي خدمت ڪن. سندس ان تعميري ۽ مثبت خيال جي ان ڪري مخالفت ٿي نه ٿي سگهي ڇو ته اهو ” سنڌ جي خدمت“  بابت جذبو آهي. سندس ان ئي جذبي ۾ اها ڳالهه پڻ موجود آهي ته موجود سسٽم ۾ ”ڀوتارن“ کان سنڌ جي اها خدمت ٿي نه سگهندي.  ان ڪري هڪڙو نئون ڪلاس پيدا ڪرڻ لاءِ حوصلي ۽ همت سان ڪم ڪجي ته پوءِ اها ڳالهه ممڪن بنجي ويندي. ليکڪ جڏهن ٻه سال اڳ  پنهنجي اها ڳالهه هڪ راءِ جي صورت ۾ ظاهر ڪئي هئي ته  ان وقت ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ جو چيف منسٽر هيو. هن جو ڪوبه اوهي واهي نه هيو. هن کي هڪ رتائرڊ جنرل جي سفارش تي  ايم ڪيو ايم جي مدد  وسيلي اها ڪرسي ملي هئي جنهن پنهنجي انتهائي ديانتداري سان اهي ”سڀ ڪم“ ڪري ڏيکاريا، جيڪي هن کي چيا ويا هئا. ان ئي دور ۾ ليکڪ پنهنجي هڪڙي آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته

” سنڌ جي ستر سيڪڙي مسئلي جو حل هڪڙو بااختيار ۽ باهمت وڏو وزير ٿي سگهي ٿو، جيڪو پڻ ووٽ وسيلي اچي سگهي ٿو. .......باصلاحيت چيف منسٽر جو مطلب اهو جنهن کي سنڌ جو عوام باصلاحيت سمجهي نه ڪي اسلام آباد.“  هن پنهنجي راءِ کي پختو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لکيو هو ته ”  اڄ به ان راءِ جو آهيان ته سنڌ جي انهن تڪن جن جي پولنگن جي اڪثريت شهري علائقن ۾ آهي جيڪي تڪ وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اثر کان آزاد آهن، ان تر جا جيڪڏهن 600 ماڻهو هجن ۽ هر هڪ 50 ماڻهو وٺي اچي ته جيڪر چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿي مڊل ڪلاس جي  ڪن هڏڏوکي ماڻهن کي ايوان ۾ آڻجي ته آهستي آهستي صورتحال بدلجڻ شروع ٿيندي“.

اڄ سنڌ ۾ 17 لکن ووٽرن جي مدد سان چيف منسٽر موجود آهي جنهن جو تعلق سنڌ توڙي ملڪ جي وڏي پارٽي سان آهي. سندس ڪابينا ۾ اهل ۽ اهم ميمبر پڻ آهن جن مان گهٽ ۾ گهٽ پنج ڄڻا سنڌ جي چيف منسٽري لاءِ هر وقت پاڻ کي اهل ۽ ان جو حقدار سمجهن ٿا. ان حساب سان سنڌ ڪابينا ۾ ڇهه ڄڻا اهڙا وزير  آهن جيڪي پنهنجي خيال ۾ ” شيڊو چيف منسٽر“ آهن. پر سنڌ جو عوام پنهنجي مسئلن جو حل تڪڙو ڏسڻ چاهي ٿو، هو نون ورهين جي صبر ۾ وڌيڪ واڌارو نه ٿا چاهين. هو روزگار، امن امان ۽ انصاف چاهين ٿا. هو هاءِ ڪورٽ ۾ به سنڌي ججن جي مقرر ڪوٽا چاهين ٿا ته ڪارخانن، روڊن ، رستن، شهرن، پاليسي ساز ادارن، فوج، ايجنسين ۽ پوليس ۾ به پنهنجو جائز قانوني، آئيني مناسب حصو چاهين ٿا. جي اسان سمجهئون ٿا ته پوءِ به ان ”ووڪل ڪلاس“ کي متحرڪ ڪري هڪڙو سياسي اليڪشني فورس ٺاهڻ جي گهرج پوندي ته ان جي واسطي اسان رياضي جي مدد سان سنڌ جي 85 سيٽن ۽ تڪن جو اڀياس ڪري اڳتي وڌئون.

الف) ليکڪ 20 هزار ووٽن جي مدد هر تڪ لاءِ ضروري سمجهي ٿو. 2007ع جي گزيٽ موجب هر صوبائي تڪ تي سراسري طور جي قومي تڪ جي اڌ برابر پولنگ اسٽيشنون ٻڌجن ته اهي سراسري طور  250 کان 300 جي وچ ۾ بيهنديون. اهڙي طرح هڪ پولنگ تي مرد ۽ عورتن جو 100 ماڻهن جي مدد  ڪل نتيجن کي سراسري طور 25000 کان   30،000  تائين آڻينديون. اهي ووٽ ڪنهن به اميدار کي ايوان ۾ پهچائڻ ۾ وڏو انگ ثابت ٿيندا. اهي هڪ سئو ماڻهو هڪ پولنگ يا هڪ ديهه ۾ هجڻ ئي ته وڏو مسئلو آهي. ڇوته ليکڪ جڏهن سراسري ووٽن جو حساب لڳائي ٿو ته هن جي خيال ۾ هر صوبائي تڪ تي  600 ڄڻا پاڻ  به هجن ۽ هر هڪ  50 ڄڻا پولنگ تي پهچائي ته ڪو ممڪن رستو نڪري ايندو. مطلب ته هر صوبائي تڪ تي 20 کان 30 هزار ماڻهو هجن جيڪي هڪ پاسي ٿي ووٽ ڏين. مون ان زماني ۾ علي قاضي صاحب جي ان  نيت کي مناسب ۽ خيال کي ” زميني حقيقتن کان پري “ سڏيو هو. نيت جي حوالي سان ڪوبه وطن دوست ماڻهو سنڌ سان ٿيندڙ ان ظلم خلاف جيڪا به مثبت ڳالهه ڪندو ته ان جي آجيان ٿيندي پر ڪي خيال بلڪل هوبهو ايئن پنهنجي عمل ۽ اظهار ۾ سامهون نه ٿا اچي سگهن جيئن ليکڪ جو خيال آهي.  اچو ته ڪجهه ٻيا عملي ۽ حقيقي پاسا ڏسئون؛

الف) هڪ صوبائي تڪ تي سنڌ ۾ گهٽ  ۾ گهٽ خرچ جو حساب هي سمجهڻ گهرجي.

* ٽي وي، بئنر،پوسٽر، پمفليٽ  ۽ اخبارن جي پبلسٽي 5لک رپيا،

* 250 پولنگ اسٽيشن سان واڳيل علائقن ۾ هڪ مهينو وڃڻ لاءِ ترانسپورٽ جو خرچ 3 لک

*پولنگ واري ڏينهن ماڻهو آڻڻ ۽ نيئڻ جو ترانسپورٽ خرچ 10 لک رپيا

* سموري اليڪشني مهم تي متفرقه خرچ 5 لک رپيا

هي خرچ ان حساب سان لکيو ويو آهي جنهن هيٺ همدردن جو تعداد هر هنڌ موجود هوندو، جنهن ڪري خرچ گهٽ ۾ گهٽ به ايترو ايندو. جي اهو خرچ ان ووڪل ڪلاس جي ماڻهن کي مدد طور ڪرڻو آهي ته ان حساب سان  هر ماڻهو  150 رپيا ڀريندو. پر اليڪشن ڪميشن هر اميدوار کي 10 لک خرچ ڪرڻ جو چئي ٿي ۽ پارٽي سپورٽ جي باوجود هر ايم پي اي سيٽ تي خرچ گهٽ ۾ گهٽ 40 لک ۽ وڌ ۾ وڏ 75 لک خرچ  اچي ٿو. جنهن حساب سان هر همدرد 400 رپيا لازمي ادا ڪندو.

ب) هڪ ووڪل ڪلاس جو اميدوار جنهن جي پبلسٽي به هجي، ان سان عوام به هجي، ووٽر به هجن ته هڪ لازمي ۽ اڻ ٽر منظر اهو پڻ سامهون ايندو  ته سمورين پارٽين توڙي ان ايريا جا هر اليڪشن ۾ بيهندڙ اميدوار اوهان سان ڪهڙو رويو رکندا؟ اوهان کي رضا خوشي سان اها سيٽ  بخشي پنهنجي سيٽ تي بيهڻ ۽ ويهڻ ڏيندا؟ اهڙي حالت ۾ اليڪشن ڪميشن جو مجموعي رويو ڪهڙو هوندو؟ پوليس ڇا ڇا ڪري سگهندي؟ سموريون موجود پارٽيون ووڪل ڪلاس جي مخالفت ۾ جيڪي اتحاد ڪنديون ان سان ڪير منهن ڏيندو؟ ڌار ڌار رهندڙ فرد، اڪيلا هاري، بي وس مزدور  يا وسوسي ۾ مبتلا صنعتڪار ڪهڙا پرييشر وجهي سگهندا؟  اليڪشن ڏينهن هر پولنگ تي هر اميدوار پنهنجي حمايتين سان هوندو، هر پولنگ تي 17 لک ماڻهو ته هڪيا تڪيا موجود نه هوندا؟

ت) جي ان ووڪل ڪلاس جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ واري ڪا قانوني ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي هوندي ، انهن جي ڪا ميڊيا ٽيم هوندي، انهن سان ڪي لٺ بانٺي وارا ساڻ هوندا  ۽ هر تڪ جو سمورن تڪن سان زبردست رابطو هوندو، اهي برق رفتاري سان سموري ڏاڍ کي وائکو ڪرڻ جو هنر ۽ فن ڄاڻيندا هجن،  اهي عوام جي اهنجن کي سمجهندي  ان جي حل واسطي عملي جدوجهد جا ڪوڏيا هجن، ، اها ڀوتارن بدران ڪرپٽ نه ٿيل 60 سيڪڙو مڊل ڪلاس سان سلهاڙيل هجي،

ته اها جدول ڪنهن ووڪل ڪلاس جي نه پر هڪ منظم پارٽي جي آهي. ڪنهن به منظم پارٽي جنهن وٽ پنهنجو عوامي پروگرام هجي، جنهن وٽ عوام کي پاڻ ڏانهن ڪرڻ جو پروگرام هجي، جنهن پارٽي وٽ پاڪستان، وفاق، سنڌ، سنڌي عوام، پاور پاليٽڪس ۽ عالمي پاليٽڪس جا حساب ڪتاب آڱرين تي  ياد هجن، جيڪا پارٽي تعصب کان به پاڪ هجي پر ان پاڪائي جو مطلب پنهنجي تباهي نه هجڻ گهرجي، جنهن کي هر نسل جي عزت ڪرڻ ۽ هر وڀرو پاڻ کي خاني خان سمجهندڙن سان منهن ڏيڻ اچي ته اهو ووڪل ڪلاس نه پر هڪ ”ووڪل ڪلاس پارٽي“ ٺهي سگهي ٿي. جنهن جي شروعات  ۽ بنياد لاءِ اول کپي پروگرام، ٻيو سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ دوستن ۽ همدردن جو تمام وڏو تعداد ۽ ٽيون کپي  ڏوڪڙ. اهري طرح 85 سيٽن کٽڻ لاءِ ان  ووڪل ڪلاس  هم خيال جٿي کي ڪل ملائي 21 ڪروڙ گهرجندا. پر جي مقابلو نه هجي، سڀ سنڌي رڳو ووڪل ڪلاس کي ئي ووٽ ڏين ته پوءِ ڏوڪڙ بنهه گهٽ کپندا.    

ث) علي صاحب جي مناسب نيت واري ان پروگرام جي بنياد تي سنڌ ۾ هڪ نئين پارٽي ٺهي سگهي ٿي.جيڪا ڪيترين ئي بيمارين جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. جيڪا سنڌ جي باري ۾ نئون خيال پيش ڪري سگهي ٿي. ڇوته ، پاڻ لکي آيو آهي ته ” 17 لک ماڻهو کپن“ منهنجي خيال ۾ جي اهي 17 لک ماڻهو سنڌ جي 130 تڪن  مان  هر تڪ ۾ 13 هزار ٿي ورهائجي  نه وڃن ته جيڪر اهو ووڪل ڪلاس سج جا رخ ڦيرائي سگهي. پر 13 ماڻهن جو انگ ان نموني هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ٻي ڳالهه اهي پولنگ واري ڏينهن هرپولنگ تي 100 ڄڻا گڏ ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي. . هڪ سئو ماڻهن پاران ڪجهه هزار في ماڻهو چندو ڏيڻ ٻي ڳالهه ۽ 17 لک ماڻهن کان ايترو ئي چندو وٺڻ ڪنهن ووڪل ڪلاس جو نه پر هڪ منظم پارٽي جو ڪم ئي ٿي سگهي ٿو.  ان ڪري هي رڳو ڪو هڪڙو خيال نه پر ڪنهن وڏي حاصلات واسطي تمام گهڻن اسمن تي ٻڌل  ڪمن جي هڪڙي  يڪي قطار آهي، جنهن لاءِ وسيلا به اوترا ئي گهرجن ٿا.

اسان هن آرٽيڪل جي گذريل حصي ۾ اها ڳالهه سمجهي آيا آهيون ته ڪنهن به منظم پارٽي کانسواءِ اهي سموريون مرادون پوريون نه ٿي سگهنديون جيڪي سنڌ جا نيڪ نيت ماڻهو پنهنجي من ۾ سانڍيندا آيا آهن.

مسٽر آصف بالادي جي سوچ

آصف بالادي ”گم ٿيلن“ ماڻهن جي لسٽ ۾ موجود هڪ نالو آهي جيڪو ان ئي پراسرار طريقي سان سامهون واپس آيو جنهن سان غائب ڪيو ويو هو. تمام ٿوري ملاقاتن جي ڪري هن جي باري ۾ ايترو چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ ۾ پنهنجي هم عصر ساٿين ۾ هڪ پڙهيل ڳڙهيل فهميدو سياسي ڪارڪن رهيو اهي، جنهن جو مجموعي مزاج ڪنهن به ليڊر بدران دانشور وارو آهي. خوش گفتار هجڻ جي ڪري هن سان ڪيئي بحث ڪري سگهجن ٿا، ڪيئي مامرن ۽ معاملن تي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. ڪجهه نه ڪجهه سندس دماغ ۾ هروقت موجود رهڻ ڪري هو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ”خواب“ جي پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو. ان ڊوڙ جون محرڪ تنتون سندس دماغ ۾ ئي هجن ٿيون ۽ تمام وڏي سفر کانپوءِ وري ”استاد ! ڦر سي شروع“ .

” اچو ته نئين سنڌ لاءِ پڌرنامو تيار ڪرڻ خاطر گڏ ٿيون“ جي عنوان هيٺ ”ڪاوش“ ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل ۾ هو ڪنهن به درد ڪهاڻي ٻڌائڻ بدران ڪنهن سنجيده سياسي دانشور وانگر ڪنهن راهه ڏانهن تڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن کي ان ڳالهه جو بخوبي احساس آهي ته ”ڳالهه گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي ۽ اسان گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون“  ان ڪري هو هڪ اهڙي پڌرنامي ٺاهڻ جو سڏ ڏئي ٿو جنهن ۾ ننڍي مدي، وچئين مدي ۽ وڏي مدي وارين ڳالهين جو ڏس مليل هجي ته ڪيئن سنڌ انهن جي باري ۾ پنهنجي رستي يا واٽ جي باري ۾ اڳواٽ ڳالهيون طئي ڪري. اها اتفاق جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ان ” گهٽ ۾ گهٽ نقطن تي اتفاق“ وارا ڪيترائي پڌرناما آيا ۽ ويا، نتيجو اهو نڪتو آهي ته انهن پڌرنامي تي صحيحون پائيندڙن جي ائڊريس ئي گم ٿي وئي. ان ڪري اسان جي ڪنهن به گڏيل احساس يا گڏ ٿي ڪجهه ڪرڻ واري ڳالهه ڪوبه لاڀائتو ڪم نه ڪري سگهي.

ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي

منهنجي تمام ننڍي مشاهدي ۾ اها ڳالهه هر وقت سامهون آهي ته  ماضيءَ ۾ اهڙي ڪنهن به  گڏيل ڳالهه جو وقت  يا ان جي شروعات جو وقت يا ان عمل لاءِ شروعاتي وکون کڻڻ جو وقت هميشه جمهوريت لاءِ جوکي وارو رهيو آهي. اهڙن گڏيل عملن ۾ سڄي سنڌ اتحاد... اتحاد جا واڪا ڪري سموري قوم کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي پوءِ اوچتو اسان کي يا ته اهو اتحاد ڪنهن وڏيري جي ” ويلفيئر“  جي صورت ۾ ملندو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جنرل ضيا کي قوت ملي پوندي آهي يا وري ان جي سياسي پوئلڳن جي وڪالت جا دڪان کلي ويندا آهن. ڏسندي ڏسندي جنهن سنڌ کي گڏ ٿيڻو هوندو آهي سا هڪ دفعو وري ” ڇڙ ڇڙ گابا“ ٿي نقصان سهندي آهي ۽ جمهوريت جا سمورا دشمن اسان جي ڪلهي تي بندوق هلائي اسان کان اسان جي  نصيب بابت پروانا لکائيندا آهن ته ” هي لکندا ته هي ملندو پر جي هي نه ٿا لکو ته پوءِ هن کان به ويندئو“ . سنڌ جيئن ته ڪڏهن به لکي نه ڏنو آهي تنهن ڪري سنڌ ” ڦر سي شروع“ کان ٻيهر پنهنجو قبلو  قائم ڪرڻ لاءِ پس منظر ۾ هلي ويندي آهي. اها حالت سنڌ سان نه پر هر سنڌي سان پڻ آهي. ايستائين جو هر هڪ سياسي پارٽي سان آهي.

منهنجي هن ڳالهه جو مقصد ان سازشي لاڙي کي پهرين ڌڪ سان زخمي ڪرڻ آهي جيڪو ڪنهن به ” گڏيل اتفاق“ واري ڪوششن ۾ ڪر کڻندو آهي، پهريان راءِ ايندي آهي، پوءِ لابي ٺاهي ان جي باري ۾ دليل کي پڪو ڪيو ويندو آهي، پوءِ ماڻهن جي موجودگي ۾ ووٽنگ ڪرائي ”ها“ ۽ ”نه“ ۾ قومي فيصلا ڪرڻ جي شروعات ٿيندي آهي. آهستي آهستي سڀ هڪٻئي جي خلاف ۽ پنهنجي مخالفن جا حامي ٿي ويندا آهن. ڄڻ ته اهو ” قومي اتحاد“ پاڻ وڃائڻ جو اتحاد ۽ ٻئي کي سڄي راند ٺاهي ڏيڻ جو اڻ چيل خيال هيو. ان پس منظر بيان ڪرڻ جو مطلب پڻ اهو آهي ته پنهنجي دوست آصف بالادي جي نيت ۾ کوٽ جو طعنو ڏيڻ بدران کيس ان ساڳين واقعن کان واقف ڪريان جيڪي اسان جي تحت الشعور ۾ ته هوندا آهن پر فوري طور انهن کان مدد نه وٺي سگهبي آهي. ان ڪري منهجو هي مشاهدو ڪنهن به ” احتياط“ جي معنا ۾ ورتو وڃي ان جو مطلب مسٽر بالادي جي نيت زخمي ڪرڻ ناهي.

ان سلسلي ۾ ”گڏيل پڌرنامون“ ڪنهن جي پاران ٺاهيو ويندو؟ ڪنهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو؟ بقول ليکڪ جي ته جويو صاحب يا علي صاحب اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا پر ڪنهن جي پاران؟ وارو سوال ته حل طلب رهندو. ان مسئلي کي بنيادي طور حل ڪندي منهنجي صلاح هي آهي ته سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن ۽ مختلف سياسي ڪارڪنن تي ٻڌل هڪڙي ” ٿنڪ ٽئنڪ“ ٺاهي ان ۾ ان سڄي ڳالهه  کي ۽ ان جي باري ۾ ٻين اسمن کي ويچار هيٺ آڻجي. اهو ضروري ناهي ته اسان ان کي نمائنده ٿنڪ ٽئنڪ ٺاهيون جو لازم ٿي پوي ته هر قسم جو ماڻهو ان ۾شامل ڪيو وڃي. اهو به ضروري ناهي ته هر قسم جي اين جي او جو ماڻهو ان ۾ شرڪت ڪري. اهو به ضروري ناهي ته سمورين اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جا ماڻهو ان ۾ شامل ڪيا وڃن. هڪ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪري ملڪ ۽ سنڌ جي مجموعي مفادن جي باري ۾ ڪا گڏيل راءِ جوڙجي ۽ جيئن مسٽر بالادي چوي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙا ماڻهو هجن جيڪي ان موضوع ۽ مامري بابت ڄاڻ به رکندا هجن. ان ٿنڪ ٽئنڪ جو مقصد اهو به هجڻ گهرجي ته  سنڌ جي لاءِ جيڪي به مناسب قدم هجن ان جي باري ۾ پنهنجي راءِ پيش ڪبي رهجي. ان فارمولي سان گهڻي صفائي آٽوميٽڪ ٿي ويندي. ذڪر ڪيل احتياطن کي نظر ۾ رکندي بسم الله ڪريو. شايد ان بسم الله واسطي پهريون ڪم سنڌ ۾ آدمشماري جي درست نموني ڪرائڻ واسطي صبر آزما جدوجهد به ٿي سگهي ٿي.

مسٽر اشفاق آذر؛

ٻه آرٽيڪل  ڪاوش۽ ڪي ٽي اين جي سينئر ميمبر اشفاق آذر لکيا آهن. هن  اسانجي سياسي بحثن ۽ لکڻين جي استعمال ٿيندڙ محاوري  ”نيٺ ڇاڪجي؟“ جي نظري روپ کي عملي سراڻ تي چاڙهي پنهنجي عنوان جي چونڊ ڪئي آهي ” نيٺ ڇو نه ڪجي؟“ سڄي دنيا ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ تي سوين ٿيسز لکيل آهن، ڪيئي نظرياتي بحث ٿيل آهن ، جيڪي موضوع جي چونڊ ۽ ان جي رستي جي نشاندهي ڪندا آهن. گذريل صدي جي شروعات ۾ (1902ع) ۾ روس جي جڳ مشهور انقلابي ماهر ۽ اڳواڻ  لينن ان موضوع تي هڪڙي تاريخي ٿيسز لکي هئي. ”نيٺ ڇا ڪجي“. جنهن ۾ روسي انقلاب جي باري ۾ مختلف ڳالهيون پيش ڪيون هيون. ان 110 صفحن جي ٿيسز کان ڇهه مهينا اڳ لينن پنهنجو مضمون ” ڪٿان شروعات ڪجي؟“ لکيو هو. پر اشفاق آذر جو استعمال ڪيل محاورو ”نيٺ ڇو نه ڪجي؟“ وارو اصطلاح نئو