|
اڪثر
ڳالهين تي
ڪاوڙجي پوڻ ۽ مهينن جا مهينا خاموشي اختيار ڪرڻ ته هـُـن
جو معمول آهي پر ٽيون ڏينهن هو بنهه ننڍڙي ڳالهه تي چڙي
پيو. چيائين ته "توهان جهڙا ماڻهو زندگي جي حقيقتن کي
سمجهي نه سگهندا، ڇو ته ٻن روپين ۽ دنياداري کان اڳتي
توهان کي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي." ڳالهه اُتان شروع ٿي جو
سندس هڪ مئسيج جي جواب ۾ مون کيس لکيو ته"دُعا کان ڪوبه
انڪار ڪونهي پر دُعا سان گڏ عمل به ضروري آهي." جنهن تي هو
چڙي پيو ۽ پوءِ ڪافي دير تائين اسان جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن
آئون پرائمري ۾ پڙهندو هوس تڏهن هڪ سبق ۾ پڙهيل اِها ڳالهه
مون کي سمجهه ۾ نه آئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته "خـُـدا
پاڪ به اُنهن جي ئي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا
آهن." اڳتي هلي اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويئي.
هو منهنجو ئي
نه پر سڀني جو دوست آهي ۽ هو هر ڪنهن جو دوست ئي ٿي سگهي
ٿو ڇو ته دشمن سان به هو دشمني نه ٿو ڪري سگهي. هن جي
زندگي ۾ دشمني جو تصور به ڪونهي. ذهانت ته هـُـن جي گهر جي
غلام آهي پر چاليهه سال ڪراس ڪرڻ کانپوءِ هن جي سوچ ۾
پوڙهائپ اچي ويئي آهي جنهن جو ڏاڍو افسوس ٿي رهيو آهي.
دُعائن ۾ يقين
رکڻ ۽ دُعائن جو طلبگار هجڻ تمام سـُـٺي ڳالهه آهي پر بنان
ڪنهن عمل جي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته دُعائون رنگ لائين!؟
توهان سفر ئي شروع نه ڪيو ۽ منزل تي پهچڻ جي دُعا گهرو ته
منزل پاڻهي ته هلي ڪانه ايندي؟ اُن سوال تي مون تمام گهڻو
سوچيو آهي ۽ اڃان به سوچي رهيو آهيان. دوست جي اُن ڳالهه
تي غور ڪري رهيو آهيان ته اها ڪهڙي شئي آهي جيڪا مون جهڙن
ماڻهن کي نظر نه ٿي اچي. اهو سوال به غور طلب آهي ته دنيا
سان اٿڻ ويهڻ ۽ عزت جي روزي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت مزدوري ۾
ڪهڙو عيب آهي جو اسان جي سوچ ۽ نظر ايتري محدود ٿي ويئي
آهي جو اُن کان اڳتي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي!؟ اهي سڀئي
ڳالهيون سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ضروري ناهي ته
اهوئي صحيح هـُـجي جنهن کي اسين صحيح سمجهندا هـُـجون. هر
سوچ ۽ نظريي جي پويان هڪڙو منطق هوندو آهي، جنهن به سوچ يا
نظريي کي اختيار ڪيو آهي اُن جو ڪونه ڪو مضبوط دليل ضرور
هوندو آهي. بنان ڪنهن مضبوط دليل جي ڪنهن ڳالهه کي صحيح
ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ جيڪي ماڻهو ڪجهه به نه ڪري سگهندا آهن
اهي سدائين ٻين تي ڪاوڙيل رهندا آهن، ڪوبه مضبوط دليل هئڻ
کانسواءِ پنهنجي هڪڙي مخصوص سوچ جي دائري ۾ رهندا آهن ۽
پاڻ کي ئي صحيح سمجهڻ جي غلطي تي قائم رهندا آهن. اهڙي
ڪنهن به داناءُ جي دانائي ڪم جي ناهي هوندي جيڪا ڪنهن کي
لاڀ نه ڏئي سگهي. بي عمل داناءُ کان بي عقل مزدور بهتر
آهي، جيڪو ڪانه ڪا رزلٽ ته ڏئي ٿو. دنيا ۾ ڪابه شئي پنهنجو
پاڻ حاصل نه ٿي ٿئي، هر شئي لاءِ عمل ۽ جستجو درڪار هـُـجي
ٿي. هر ڪو آئيڊيل جي ڳولا ۾ آهي پر ڪوبه پاڻ آئيڊيل بڻجڻ
لاءِ تيار ڪونهي.
گذريل رات مون
هـُـن کي تمام گهڻو ياد ڪيو، جيڪي شيون حال ۾ ڪابه اٽريڪشن
نه رکنديون آهن اهي جڏهن ماضيءَ جو حصو بڻجي وينديون آهن
ته يادگار بڻجي وينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري ائين به ٿيندو
آهي جو جيڪي ڳالهيون ماضيءَ ۾ اُتساهه جو ذريعو هونديون
آهن اهي حال ۾ درد جو سبب بڻجي وينديون آهن. دوست مون لاءِ
ئي نه پر سڀني لاءِ اُتساهه ۽ آٿت جو ذريعو هوندا آهن پر
جيڪي روح جي راحت هوندا آهن اهي ئي عذاب ۽ ڏک جو سبب به
بڻبا آهن، منهنجي هڪ دوست جو تڪيو ڪلام آهي ته "ڏک ٿا ڏيو"
هڪ ڀيري انهي ڳالهه جي جواب ۾ ٻئي دوست چيو ته"جيڪو ڪجهه
پاڻ وٽ هوندو دوستن کي به اهوئي ڏبو." ڳالهه ۾ وزن هئو ان
ڪري جواب سٺو لڳو.
دوستي جو ڏک
ڪهڙو آهي؟ منهنجي خيال ۾ جن سان تمام گهڻي ويجهڙائي وارا
رشتا هـُـجن اهي توهان کي سمجهي نه سگهن ته اُن کان وڏو ڏک
ٻيو ڪهڙو ٿو ٿي سگهي؟ اسين دوستي جون دعوائون به ڪيون ٿا ۽
هڪ ٻئي کي سمجهي به نه ٿا سگهون ته اهي دعوائون ڪهڙي ڪم
جون!! توهان ڪنهن دوست لاءِ فڪرمند هـُـجو اُن جي لاءِ چڱو
سوچيندا هجو ۽ هو چوي ته"توهان کي منهنجي لاءِ فڪرمند ٿيڻ
جي ڪابه ضرورت ناهي." ته يقينن توهان جي
Feelings
کي ڌڪ لڳندو.
عقل ڪـُـل ڪوئي ڪونهي هر ماڻهوءَ کي دوستن جي صلاحن جي
ضرورت رهي ٿي جيڪڏهن ڪو سڀني دوستن کي غلط ۽ پاڻ کي ئي
صحيح سمجهندو رهي ته اُن جي حالتن ۾ تبديلي جا امڪان بنهه
گهٽجي ويندا آهن. حالتن ۾ تبديلي آڻڻ، تبديلي کي قبول ڪرڻ
۽ زندگي جي معاملن سان هم آهنگي پئدا ڪرڻ چئلينج هوندو آهي
۽ چئلينج کي قبول ڪري اڳتي وڌڻ ئي زندگي آهي. پاڻ کي هڪ
جاءِ تي بند ڪري پنهنجي غلط اصولن تي قائم رهي سڄي دنيا
سان شڪايتون رکڻ مايوسي جي انتها آهي. مايوسيون وقتي طور
تي هر انسان جي زندگيءَ ۾ اينديون آهن پر اُنهن مايوسين
مان نڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪجي ته مايوسين جي پاتال ۾ هليو
وڃڻ يقيني آهي. دنيا ۾ مايوس ٿيڻ جا هڪ سئو سبب آهن ته
مايوسين مان نڪرڻ ۽ خوش رهڻ جا پنج سؤ سبب آهن. اڪثر
معاملن ۾ مايوسين ۽ پريشانين جي باوجود پنهنجن پيارن لاءِ
حالتن سان مقابلو ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن حالتن سان مقابلو
ڪرڻ جو ارادو مضبوط هوندو ته ڪاميابي ۾ به پختو يقين پئدا
ٿيندو.
اسين باشعور
ماڻهو اُنهن کي ئي چئي سگهنداسين جيڪي ڏکين حالتن ۾ پنهنجي
سفر کي ثابت قدمي جاري رکندي پاڻ سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن
توڙي سوسائٽي کي ڪجهه ڏئي سگهن. قائداڻين صلاحيتن جي معراج
تي پهچڻ لاءِ توهان محنت ڪري ڪجهه ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾
اچڻ کانپوءِ مايوسين جي پاتال ۾ هليا وڃو ۽ اُن کي ئي
پنهنجي منزل بڻائي ڇڏيو ته توهان کي باشعور سمجهڻ جي غلطي
ڪيئن ٿي ڪري سگهجي!؟
آئيڊيل حالتن
۾ ته هر ڪو ڪم ڪري سگهي ٿو پر ڏکين حالتن ۾ ثابت قدم رهڻ ۽
پنهنجو ڪم جاري رکڻ ئي باشعور ۽ باهمٿ هئڻ جي نشاني آهي.
جيڪو دوست اسان کي زندگيءَ جي راند ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪاميابي
حاصل ڪرڻ جا گـُـر سيکاريندو رهيو آهي اهوئي ميدان کان
ٻاهر بيهي پنهنجي ناڪاميءَ جو اعلان ڪري ڇڏي ته اِها رڳو
افسوس واري ئي نه پر سچ ته وڏي تڪليف واري ڳالهه آهي.
هـُـن دنيا جهان جو ادب پڙهيو آهي، لکڻ جي معاملي ۾ هو ملڪ
جي صف اول جي ليکڪن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونهي پر هـُـن
پنهنجي اجائي ضد سبب پنهنجي رستي ۾ پاڻ ئي ديوارون کڙيون
ڪري ڇڏيون آهن.
ڪنهن به
معاملي ۾ ليڪ ڪڍي بيهي رهڻ جو مطلب پاڻ کي سڀني کان الڳ
ڪري بيهارڻ هوندو آهي. پاڻ کي الڳ ڪري بيهارڻ سان معاملا ۽
مونجهارا ختم ٿي وڃن ائين ڪڏهن نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي
ٿو.
آئون مسلسل سوچيندو رهيو آهيان
۽ سوچيندو رهندس، هو ڀلي اهو چئي دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري ته"ڪنهن کي به سندس معاملي ۾ پريشان ٿيڻ جي ضرورت
ڪانهي." پر هـُـن جي ائين چوڻ سان به ورهين جا رشتا ختم ٿي
نه ٿا سگهن. آخري گهڙيءَ تائين آئون سندس واپسيءَ جو
انتظار ته ڪندس ئي پر اُن سان گڏوگڏ اهي ڪوششون به جاري
رکندس ته هو پنهنجي اجائي ضد کي ڇڏي اهو ڪري جيڪو کيس ڪرڻ
گهرجي. آئون نه ٿو سمجهان ته عمل کان خالي زندگي به ڪا
زندگي هوندي آهي! اسين پنهنجين ذميوارين کان پيڇو ڇڏائي
پاڻ کي اصول پسند ۽ عقلمند سمجهون اهو ته هڪڙو چرچو ئي
هوندو. هاڻي اسين ڪافي وڏا ٿي ويا آهيون هاڻي اسان کي
زندگي جي معاملن ۾ سنجيدگيءَ سان به فيصلا ڪرڻا پوندا،
جيئن اسين پنهنجي لاءِ انصاف پسند آهيون ائين ئي اسان کي
اُنهن سان به انصاف ڪرڻو پوندو جن جا اسان تي حق آهن. سٺا
۽ قابل عمل اصول اهي ئي هوندا آهن جن جي پويان مضبوط دليل
هـُـجن. غلط سوچ ۽ لاتعلقي واري رويي کي اصولن جو نالو ڏيڻ
پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ آهي. اسان کي پنهنجي ٺاهيل دائري
کان ٻاهر اچي دنيا سان اکيون ملائڻ ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾
ڀرپور انداز سان شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اسان جو علم، عقل ۽
شعور اُن جو ئي گهرجائو آهي. منهنجي نظر ۾ مايوسي ۽ خودڪشي
۾ ڪوبه فرق ناهي هوندو.
|