سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

 

انب جا طبي فائدا- انب جي پيتين جا معاشرتي فائدا

 

انب کي ميون جو بادشاهه چيو وڃي ٿو، ذائقي ۽ مٺاس جي لحاظ کان ڪو به ٻيو ميوو انب جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. انب کي عربي ۾ انبج، فارسي ۾ انبه. سنڌيءَ ۾ انب، اردو ۾ آم ۽ انگريزيءَ ۾ Mango چئبو آهي. انب مختلف رنگن ۾ پيدا ٿئي ٿو پر عام طرح پڪل انب زردي رنگ جو ٿيندو آهي، جنهن جي مٿان ڪاري ٽوپي هوندي آهي. ڪچو انب ذائقي ۾ کٽو ۽ پڪل انب ذائقي ۾ تمام مٺو ۽ وڻندڙ هوندو آهي. انب جو مزاج گرم هوندو آهي، مقدار جي لحاظ کان حسب هضم کائي سگهجي ٿو پر گهڻي مقدار ۾ کائڻ سان پيٽ ڀريل ۽ ڦوڪيل رهي ٿو ۽ پيچش جو امڪان ٿئي ٿو. انب ڇاڪاڻ ته مـُلين آهي قبضي ٽوڙي ٿو ان ڪري پراڻي قبض جي مريض کي رات جو کير ۾ جوسُ ٺاهي پيئڻ گهرجي. ذيابيطس شگر جا مريض ذائقي خاطر مختصر مقدار انب جو چکي سگهن ٿا. انب قدرت جي بيشمار نعمتن مان هڪ وڏي نعمت ۽ شفا بخش ميوو آهي، جنهن جا غذائي ۽ طبي فائدا آهن. پڪل انب رت وڌائي ٿو، آنڊن، معدي، گردن ۽ مثاني کي طاقت بخشي ٿو. ٿورو دير هضم آهي ان ڪري احتياط سان کائجي. انب يا انبڙين جو مربو ڦـڦـڙن، دل ۽ مثاني کي قوت بخشي ٿو. انب جي وڻ ۾ ان جي گلن کي سـُڪائي ڪـُٽي ڦــَڪي تيار ڪري اڌ چمچو صبح شام ڪچي لسي سان کائجي ته مثاني جي گرمي ۽ جريان جي شڪايت دور ٿيندي. انب جي وڻ جا پن ۽ ڌاڻا هم وزن پيهي ڦڪي تيار ڪجي، اڌ چمچو ليمي جي رس سان وٺڻ سان هـِڏڪوئي بند ٿيندي. پڪل انب کي چوسي کائڻ سان وڌيڪ لطف ۽ مزو اچي ٿو. انب کائڻ کان اڳ ٽوپي لاهي ٿڌي پاڻي ۾ ڌوئجي، ڪجهه دير لاءِ پاڻي ۾ پـُسائي پوءِ فرج ۾ رکي ٿڌو ڪري کائجي ته وڌيڪ مفيد آهي. کٽي ۽ ترش انب کائڻ سان گلي ۾ خارش ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. انب کائڻ بعد کير پيئڻ مفيد آهي. بلڪه ممڪن ٿي سگهي ته کير ۾ جوس تيار ڪري پيئڻ گهرجي. ان سان ماده توليد (مني) گهاٽي ٿئي ٿي ۽ ڪمزور قوت مردانه ۾ فائدو ٿئي ٿو. انب کائڻ سان جملي اعضارئيس کي تقويت ملي ٿي. ڏٻرو ۽ ڪمزور جسم ٿلهو ٿئي ٿو. انب کائڻ سان حامله عورت جي ٻار کي فائدو ملي ٿو. ٻار صحتمند پيدا ٿيندو. ڪوشش ڪري انب نيرانو نه کائجي، ائين جسم ۾ گرمي پيدا ٿيندي. انب کي ٿڌي ڪرڻ کان سواءِ کائڻ جي صورت ۾ جسم تي ڦرڙيون ۽ آرائيون ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو. انب جسم ۽ ذهن کي طاقت بخشي ٿو ۽ مـُنهن جو رنگ ڀريل رکي ٿو. انب جي چٽڻي هاضمي ۽ گيس لاءِ مفيد آهي. انب جو نرم گودو رات جو چهري تي لڳائي صبح جو عرق گلاب مليل پاڻي سان ڌوئي ڇڏجي، ان سان چهرو چٽو اڇو ڳورو ٿيندو. کير پياريندڙ مائرن کي انب حسب هضم کائڻ گهرجي. ان سان ٿڃ وڌندي. انب ۾ فاسفورس، ڪيلشيم پوٽاشيم ۽ گليوڪوز شامل آهي. انب ۾ وٽامن اي، بي، جي ۽ وٽامن اي زياده مقدار ۾ موجود آهي. ان ڪري ئي انب کي طاقت جو خزانو چيو ويو آهي. انب چند مهينن جو مهمان ميوو آهي. ان ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي حال ۽ حيثيت سان روزانو گهر ۾ کائيندو آهي. انب جي جواني جي موسم مئي کان آگسٽ مهيني تائين آهي. انبن جي جنسن ۾ کوڙ قسم آهن، جنهن ۾ سنڌ ۾ خاص طور تي سنڌڙي تمام مٺو خوشبو ۽ ذائقيدار آهي. باقي ٻين جنسن ۾ به پنهنجي الڳ خوبي ۽ خاصيت آهي. هي ته مٿي لکيا اٿم صرف انب جا فائدا پر انبن جي پيتين جي وري پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ فائدو آهي. هي واحڊ ميوو آهي، جنهن کي زميندار صاحب پنهنجي عزيزن، قريبن، مٽن مائٽن، يارن دوستن،  عملدار صاحبن تائين پيتين ۾ ڀري پهچائيندا آهن، جنهن سان تعلقات تازا ٿيندا آهن، انبن جي پيتين جو وڏو ڪمال اهو آهي جو جيڪو ڏئي ٿو ان جو نالو انب جي سيزن تائين تڪڙو نٿو وسري، اميد هوندي آهي ته هن سال به نه وساريندو. آفيسر جيستائين ڪرسي تي قائم آهي، انب جي پيتي دائم آهي، بدلي ٿي وڃڻ يا رٽائر ٿيڻ جي حالت ۾ حالات ساڳيا نٿا رهن، وري جيڪو صاحب ڪرسي والاري ٿو، وارو اُن جو هجي ٿو. مطلب ته قلم ۽ ڪرسي جو تعلق انبن جي پيتيءَ سان ويجهو آهي. صاحب کي خوش ڪرڻو هجي، سرخرو ٿيڻو هجي، نمبر وڌائڻو هجي، پروموشن وٺڻو هجي، پنهنجي پسند جي جاءِ تي بدلي ڪرائڻي هجي، رپورٽ فيور ۾ لکائڻي هجي، سڻڀي سيٽ گهرجي، نو پرابلم، انبن جون پيتيون پنهنجي پهچ آهر صاحب جي غريب خاني تي پڄايو پر هڪ ئي دفعو نه بلڪه ٻار نه ٿيو بار بار وقفي وقفي سان پهچائيندا رهو، جيئن توهان جو نالو ۽ ذڪرِ خير بار بار گهر ۾ ورتو وڃي. ان صاحب کي ياد تازي ٿيندي رهندي. توهان جي ڪم ۾آساني ٿيندي، خاص طور تي پيتي پروموشن ۽ اوري کان پري ۽ پري کان اوري بدلي ڪرائڻ جو بهترين ۽ مجرب نسخو آهي. ڇاڪاڻ ته صاحب لوڪ انبن جي موسم ۾ انب پگهار جي پئسي مان خريد ڪرڻ جو خرچو افورڊ نه ڪري سگهندا آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته انبن جي تحفي ۾ مليل پيتي مان کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. محبت وارا ماڻهو ۽ خلوص کان خالي اڃا سنڌ نه ٿي آهي. اهڙا قرب وارا قريب دوست آهن جيڪي بنا لالچ ۽ ڪنهن دنياوي فائدي ونڊي ورڇي کائڻ جي اصول جا پابند آهن، جن جي انبن ۾ مٺاڻ سان گڏ سندن خلوص به شامل هوندو آهي. بهرحال هيءَ هڪ سٺي روايت آهي، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ ورهين کان ورجائي وڃي ٿي ۽ انشاءَ الله اهو سلسلو هلندو رهندو، هر ماڻهو جو خاص طرح سرڪاري صاحب جو پنهنجو ذهن ۽ ظرف آهي. قلم ڪرسي هٿ ۾ هوندي جيتري پوک پوکيل هوندي اوترو مانُ مرتبو ملندو. هڪ رٽائرڊ صاحب حال اوريندي ٻڌايو ته اُهي به ڪي ڏينهن هئا جو انبن جون پيتيون ايتريون ملنديون هيون جو گهر ۾ رکڻ جي جاءِ نه هوندي هئي. گاڏي واري يعني ٺيلهي واري کي وڪڻڻ لاءِ ڏبيون هيون ۽ هاڻي ٺيلهي تان انب خريد ڪرڻو پوي ٿو. هڪ طبي ڪتاب بيمارين جا سبب ۽ جديد علاج حصو پهريون ۽ ٻيو شايع ٿي چڪو آهي، اُن ۾ مختلف بيمارين جا سبب ۽ علاج، مختصر قيمتي تجربي ۾ آيل نسخا، قيمتي قول، جوان ۽ جنسي مسئلا ۽ گهڻو معلوماتي مواد موجود آهي. ٻه سؤ  ررپيا مني آرڊر ڪري هيٺ ڏنل ائڊريس تي موڪليو. ڪتاب پارسل ذريعي روانو ڪبو. عاقل پلازا گورنمينٽ ڪاليج روڊ ڪاري موري حيدرآباد.

 Uploaded on June 30, 2008

 

Name

حڪيم نذير احمد شيخ

Occupation

Hakeem

City

 

Interests

 

 

Contact

info@nazirherbals.com

 

 

Previous Articles

گجر جا طبي فائدا

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan