سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

 

 

ڪوماگاتا جهاز جو بدنصيب سفر

 

 

سن 1914 ۾ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هڪ امير سـِـکَ ٺيڪيدار گردت سنگهه سرهالي کي (جنهن کي سندس دوست "باگها" به سڏيندا هئا) ڪئناڊا حڪومت جي مٿين قانونن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي سـِـک ڪميونٽيءَ کي ڪئناڊا پهچائڻ لاءِ هڪ Idea ۽ پنهنجي سـِـک ڪميونٽيءَ کي ڪئناڊا پهچائڻ لاءِ هڪ Idia دماغ ۾ آئي.

ڪئناڊا وارن فقط انهن انڊين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ هائوڪار ڪئي ٿي جيڪي انڊيا کان لڳاتار سفر ڪري ڪئناڊا پهچن يعني هو Continuous Journey ذريعي ڪئناڊا جي بندرگاهه ۾ وئنڪوئر پهچن. ساڳي وقت جنهن جهازران ڪمپني جا "پئسينجر جهاز" ڪلڪتي کان وئنڪوئر   Continuous Journeyتي هليا ٿي، اها ڪئناڊا وارن جي هئي جنهن تي ڪئناڊا حڪومت دٻاءُ وجهي ڪلڪتي کان جهاز هلائڻ واري روٽ بند ڪرائي ڇڏي. اهڙي صورت ۾ گردت سنگهه "باگها" جنهن مختلف ملڪن ۾ انڊيا جا مزور سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي، ان جپان جي هڪ جهاز ران ڪمپني کان ڪوئلي تي هلندڙ هڪ اسٽيمر (آگ بوٽ) چارٽر ڪيو يعني سال اڌ لاءِ مقاطعي تي ورتو. ان جهاز جو نالو ڪوماگاتا مارو (Komagata Maru) هو جنهن جي نالي سان هي ڪيس دنيا ۾ مشهور آهي.

گردت سنگهه پاڻيءَ جو هي جهاز ڪوماگاتا چارٽر ڪري مسافرن ۾ ٽڪيٽون وڪڻڻ لڳو ۽ هاڻ جهاز کي لنگر کڻڻ ۾ جڏهن باقي ٻه ڏينهن وڃي بچيا ته هانگ ڪانگ جي پوليس جهاز جي  Sailڪرڻ تي بندش وجهي گردت سنگهه کي ٿاڻي تي بند ڪيو. مٿس اهو ڏوهه مڙهيو ويو ته هو غير قانوني سفر لاءِ غير قانوني طور ٽڪيٽون وڪڻي رهيو آهي. پر پوءِ 24 مارچ 1914 تي هانگ ڪانگ جي انگريز گورنر کيس لاڪ اپ مان آزاد ڪري جهاز جي لنگر کڻڻ جي اجازت ڏني.

"ڪوماگاتا مارو" جهاز چوٿين اپريل تي هانگ ڪانگ  جو بندرگاهه ڇڏيو. ان وقت هن تي 165 مسافر هئا. 8 اپريل تي جهاز چين جي بندرگاهه شنگهائي ۾ پهتو جتي ڪجهه ٻيا مسافر به چڙهيا ۽ يوڪوهاما (جپان) لاءِ روانو ٿيو. يوڪوهاما ۾ ٻه هفتا رهڻ بعد ٽي مئي تي پئسفڪ سمنڊ جهاڳڻ لاءِ روانو ٿيو، ان وقت مٿس 376 مسافر سوار هئا ۽ 23 مئي تي وئنڪوئر جي ٻاهران اچي لنگر ڪرايو.

جهاز جڏهن شنگهائي (چين) ۾ هو ته اتي جرمني جي هڪ تار ڪمپنيءَ پنهنجي ملڪ جي نيوز ايجنسيءَ کي ڪوماگاتا جهاز جي خبر پهچائي ته اهو "400 هندستاني مسافر کڻي وئنڪوئر پيو وڃي". ڪئناڊا جي اخبار "Vancouver Province" وارن جرمن پريس مان اها اسٽوري کڻي هيٺين عنوان سان ڇپي.

"Ship loads of Hindus on Way to Vancouver

ٻيو عنوان ڏنائون: هندن جو ڪئناڊا تي حملو.

Publishing Date May 23, 2008

 

 

Name

Altaf Shaikh

Date of Birth

14th November 1944

Contact

+92-21-5894090

altafshaikh2004@yahoo.co.uk

Literary Services

  • Author of more than 65 books published in Sindhi, Urdu and English, mostly travelogues of different countries.

  • Some of the books are prescribed for B.A. and M.A. syllabus of Sindh university, jamshoro and Karachi university, Karachi Pakistan

  • Regular Columnist of Pakistan post, Ummat, Ibrat and Kawish

 

More Detail

 

 

 

Previous Stories

قزاقن جي عجيب دنيا

ايراني جهاز جان بچائي

جل پري

دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan