www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

خود ڪشي

 هوءَ روزانو سريلا ڳيچ ڳائيندي رهندي هئي . هن کي اها به خبر نه هئي ته غم ڇا ٿيندا آهن هوءَ پنهنجي دنيا ۾ مشغول ۽ محو هوندي هئي  هر ڪنهن سان قرب سان ڳالهائيندي هئي هرڪنهن کي ماما چئي سڏ ڪندي هئي  هرڪو هن کي ادي چئي سڏ ڪندو هو . اڪبر به هتان لنگھندو هو هن جا گيت ٻڌندو هو . اڪبر روزگار سانگي شھر ويو هليو ڪجھه وقت کان پوءِ جڏهن هي هتان گذريو ته هن کي ڳيچ ٻڌڻ ۾ نه آيا .هنکي محسوس ٿيو ته ساڳيو ڳوٺ ساڳيا ماڻهو ساڳيو ماحول آهي پوءِ ڳيچ ڇو نه آهن اتي ماما چوڻ واري ڇو نه آهي هو پريشان ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هن دل ئي دل ۾ چيو شايد مائٽن هن جي شادي ڪرائي ڇڏي هوندي ۽ هوءَ پنهنجي اصل گھر وئي هلي هوندي . هي اڃان اتي ئي بيٺو هو ته اتان هن جو ڀاءُ اچي لنگھيو هن ان کان پڇيو ته ادي مومل ڪٿي آهي اڪبر جو اهو پڇڻ هي اداس ٿي ويو اڪبر کي وٺي اچي هڪ وڻ وٽ بيهاريو ۽ گلن جي ٻوٽن ڏانهن اشارو ڪري چيو ته اها اٿئي ادي مومل ،ادي مري وئي اسان کان ڇڏي وئي .ڪجھه وقت لاءِ اڪبر پريشان ٿي ويو وري هن کان پڇيو ته ادي مومل کي ڇا ٿيو جنهن تي هن جي ڀاءُ چيو ته هڪ ڏيهن امان ادي کي  دڙڪا ڏنا۽ م،ار ڏني ته ڳائيندي نه ڪر . ادي سڄو ڏينهن روئندي رهي .رات جو جيت مار دوا پي ڇڏي .جنهن سان ادي مري وئي هاڻ ادي اسان سان گڏ نه آهي . هن پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو . اها اٿئي ادي مومل جي قبر .ائين چئي هي لڙڪ لاڙيندو هليو ويو.اڪبر به ڪافي وقت مومل جي قبر کي ڏسندو رهيو . هن جي ڳالهين کي ياد ڪندو رهيو ڪجھه دير اتي بيهي اداس قدمن سان واپس ڳوٺ جي طرف هلڻ لڳو .

May 4, 2008

 

Name

 محمد خان خادم گھراڻو

Occupation

Writer

City

 

Interests

 

Contact

 

 

 

 

 

 

Previous Stories

پيار پريت

خوشين ڀري عيد

پن ڇڙ

جذبو 

ورندو امن جو واءُ

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan