www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

ڪي هاتڪ هٿ وجهن

نعمت چانڊيو

Nemat_chandio@yahoo.com

 صدين جي تهذيب جي تقدس ۽ تعقب جو غوتو هيو جو مونکي آيو هو ۽ مان جاڳي پيس.  هڪ اهڙي خواب مان جاڳي پيس، جنهن ۾ موکيءَ جو منڊ متل هو. موکي، ڀٽائي جي بيتن جو هڪ ڪردار آهي. ڪوري ڪاڪ محل جي ملڪه مومل جي نوڪرياڻي هئي موکي. جڏهن محلات مان تڙي وئي ته چودڳي (جا هاڻي حيدرآباد ضلعي ۾ هوندي) وٽ هڪ منڊ (شراب خانو) کوليو هئائين.

پر هينئر، جڳڪو خواب مون ڏٺو، مون موکيءَ کي هڪ الڳ روپ ۽ روح ۾ ڏٺو. هن جو کيرٿر جي ڪور تي متل هو منڊ، جنهن ۾ هئا سنڌ جا جوڌا جوان. هڙپاسي اهي ڳاڙهي ٽوپي ۽ اجرڪ وارا سنڌي نوجوان، جن جو روح ڀري رهي هئي موکي عشق سان، جو ڌرتي سان ٿئي ٿو، سرتي سان ٿئي ٿو. هر طرف نعراءِسنڌ هئس. موکر ڄڻ مکي پئي لڳي ان جڌن جي جٿي جي.

ايڏي بي باڪ، نڊني ۽ حسين عروت هئي موکي، جنهنجو بس تصور ئي ته ڪري سگھجي ٿو، ۽ ايڏا ارڏا، واڍوڙا ۽ ويانتي لڳا ٿي سنڌي نوجان، جنهنجو خواب ئي ته ڏسي سگھجي ٿو. نه ته حقيقتن، اڄ  جوسنڌي نوجوان باذوق ۽ بي ذوق، باخوف ۽ بي خوف، باشعور ۽ بي شعور، بااخلاق ۽ بي اخلاق جھڙن ڪن طبقن ۾ ورهايل آهي. پر پوءِ به، انهن مان اميد ڪري سگھجي ٿي، پوءِ به تاڙو وڄي ۽ ملي سگھي ٿو. انهن ۾ اڄ به لاٽ ٻري ٿي، جا کين، موکيءَ جي متل ان منڊ ڏانهن ڌڪي وڃي. بس احساس ئي ته جاڳائڻو آهي. ٻي طرح هو سڀ ڦوھ جوانيءَ ۾ آهن. ڪو رنگ ئي ته رنگڻو آهي، انهن هڙني جي چولي تي جو کين بي رنگ ٿيڻ کان بچائي.

ڪٿي ته بهتي آهي دنيا! ۽ ڪاٿي ته آهيون اسا؟  ايڪويهين صديءَ ۾ به ٽيئين دنيا جا نشان آهيون. ڪيڏي نه احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل آهيون. ڪيڏي نه احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل آهيون. دنيا جي نوجونن، پنهنجي پنهنجي ملڪن جي جاگرافي ڦيرائي ڇڏي. عظيم منقلب زمان ئي سرطرو بڻجي امر ٿي ويا جو اڄ به انهن جي نالن جا ترانا جھونگاربا ۽ ڏينهن ملهائبا آهن. سائنس جي ميدا ۾ به ته ڀڙ آهن دنيا جي جوجان. هر اداري جي شھ رڳ جي حيثيت جا مالڪ آهن، ڇا اهي ڪنهن ٻي مٽيءَ جا ٺهيل آهن؟ ڀلي مٽيءَ جا ته اسا ٺهيل آهيون. سنڌ، جا ڪره عرض وانگر قديم آه، ان جي مٽيءَ جا مجسمه آهيون اسين سنڌي.  بس مجسمه ته آهيون! اهي مجسمه، جن کي هتان کان هتي آرام سان رکي سگھبو آهي، پر ساھ هوندي به طوطي ۾ ڦاٿل ساھ رڳ ٻين جي هٿ ۾ آهي.

 سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان ڇ ڪجھ به نه ٿو ڪري سگھي؟ بلڪه هيئين چئجي ته ڇا نه ٿو ڪري سگھي ۽ صدين جي سڌريل تهذيب تي ڳاٽ ووچو ڪري، اڃوڪي رنگروٽ ۽ بدبودار تهذيبن جو مقابلو ڀلي بت ڪري سگھي ٿو. اهي داڻا مون ڏٺا آهن، سنڌي نوجان نسل ۾.  همت، جوني، سونهن، سوڀيا، جوش، جذبي ۽ بيار ۽ پاٻوھ سان ڀريل آهن سنڌي نوجوان نسل. خودشناس، لاغرض ۽ لاخوف الموت والوقت آهي سنڌي نوجوان. پوءِ هو ته هر فيصلو ڪرڻ جي لائق به آهي. هو ڪنهنجي ڪڍ ڇو لڳي؟ هو ڇو بنياد پرست ٿئي؟ هي نجوان نسل، ڇو اخر، مذهب، دين ڌرم جي نالي تي دوکو کيئي؟ ڇو ڪنهن به نڌڻڪي ۽ بي بنياد جماعت جي جھنڊي جي ڇانو ۾ محتاجي ۽ محرومي ۽ ڪمزوري وارو احساس سونڍيو، سڀ ڪجھ هوندي به، ڪجھ نه ڪري زندگيءَ جو قيمتي ۽ قيد ڪندڙ وقت وڃائيندو رهي؟

آخر ڇو نه ٿو سنڌي نوجوان، پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙي جو ميربحر بڻجي؟ ڇو نه ٿو ڌرتي جو ڌنوان بڻجي ۽ تباهي طرف ويندڙ، ملڪ جي گاڏي جو واڳون سنڀالي. هن کي ترقي جي رستي تي هلائي ڇونه ٿو اڄ جو سنڌي نوجوان، پنهنجي طاقت کي سمجھي ”مان خود مختار آهيان“ جو نعرو بلند ڪري هن ڏتڙيل ڏيھ ۽ ڏيھ واسين جو مهمي بڻجي؟ مونکي گھڻي ۾ گھڻي پڪ آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ۾ هوشو جو روح هوندو، ڪو هيمون جو مجذوب هوندو، ڪن وٽ شاه عنايت وارو نعرو ۽ نگارو هوندو، ڪي ته دولھ جھڙا درياھ هوندا. مڙي بڻجو مٺ. هي وقت، پوڙهن جو نه آه، انهن جو ڪيو ڪرتو اسان جي آڏو آهي. هاڻ هي پوڙهن جو سماج بدبودار ٿي پيو آهي، انهن کي آرام ڪرڻ ڏيو.

اڃا سج ا پرتي، ننڊاکن جو گفتو

ملي ئي نه ٿو ڪجھ، ڪراڙن جو گفتو

وٺي رهبو سڀ ڪجھ، جوانن جو گفتو

 

هاڻ هي سنڌ، هن جو هر قبيلو، هر فرد، ڌڪي ۽ ڦٽي آهي، بکيل آه، اڃيل آهي ۽ تپايل آهي، انهن جو هتڪ بڻججي. هن ٻڏندڙ سج جا پاڇولا، هي رڙيو ڪندڙ ٽٽيههريون، هيگوگوگو ڪندڙ ڳيرا، هي چرچر ڪندڙ جهرڪيون، هي ڪاڇي جا منظر، هي لار چوٽي، هي ساروه جو سر، ڪينجهر جو جر، ۽ منڇر جو ڇر، ڪجھ ٻولن ٿي. انهن جي ٻولي سمجھو، رات جو پينگھ ٿا هنج ۾ ڪنهن ٻار کي ننڊ ڪرائيندڙ امڙ جي لولي کي سمجھو.

اي سنڌي نوجون!  اهي سڀ توهان مان ڪا اميد لايون ويٺا آهن، ڪنهن چڻنگ جي انتظار ۾ آهي، اڄ جو وقت پوءِ سڄ ان پاسي جو آهي اڄ جو وقت هن ديس، هن ملڪ، هن جو ۽ هن ڌرتي۽ جي ترقيءَ جا ضامنوءَ، جونجاڙ جو به نه ٿا ڇا؟ هن تيز ترقي ڪندڙ ملڪن سان ڪلهو ملائڻ توهان جو فرض آهي نه تهاهي پهرين ۽ ٻيئين دنيا وارا ملڪ توهانکي، پنهنجو گرنهن سمجھندا آهن ۽ ڪو وقت پري نه آهي نانءُ  ۽  نشان به باقي نه رهي.

اي سنڌي نوجونو! هتان جو سمائيدار ۽ جاگيردار طبقو به توهان جي ترقيءَ جا دشمن آهن. توهان جو گرنهن کسيندڙ آهن. ان سموري بلاڪ کي منهن ڏيڻ لا بنا ڪنهن نسل، رنگ، مذهب ۽ قبيلائي توڙي جماعتي ڀيد جي گڏ ٿيو.  پوءِ هڪ ساهي هڪ نعرو هڻو ته ڏسو ڪئين آسمان جو رنگ ٿو مٽجي؟ ڪئين زمين ٿي ڌڏجي ۽ ڪئين ان بلاڪ جا ٽڪرا ٽڪرا ٿا ٿين.

هي ڀٽائي جو بيغام آهي. ڀٽائي منهنجو مرشد آهي ۽ مان سندس مريد. توهان هاتڪ آهيو. هتڪ ڪم ڪريو.

تڏهن، پوءِ جو کيڙيندو، سو کائيندو. پوءِ ڪو به ٻار ستارا کڻي ننڊ نه پوندو. پوءِ ڪا به سانوري، ڪوڙي غيرت جي موت ۾ نه ايندي. پوءِ ڪوبه  عيد جھڙي خوشي واري ڏينهن کي پاراتا نه ڏيندو. پوءِ، راجا ڏاهر واري سنڏ موٽي ايندي. پوءِ، امن جا اڇا جهنڊا ڦڙڪندا ه گھر جي ڇت تي. پوءِ هر نئين سال گل ورهائبا گھٽين ۾ ۽ ڏيئا ٻاربا راتين جو امن جي طويل زندگيءَ لاءِ. پوءِ مثالي ڌرتي ٿي پوندي هي سنڌ ڌرتي. پوءِ اسان ڪنهن به طبقي ۾ نه ونداسين. ڪابه پارٽي يا مذهب اساتي اسانجي جذبن تي ۽ اسانجي اخلاقن تي هڪومت نه ڪندو. پوءِ انسانيت جو راڄ هوندو بس رڳو ” ڪي هاتڪ هٿ وجهن

Dated: April 09, 2008          All rights are reserved by www.mehranmag.com

 

 

 

 

 

Previous Stories

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan