|
صبح جو سهانو وقت . . . نسيم (صبح جي ٿڌڙي ۽ خوشبوردار هوا)،
جنهن ماحول کي ٿڌي ۽ مٺي ڪرڻ لاءِ پئي جدوجھد ڪئي ۽ هاڻ سج جي
پهرين ڪرڻن سان نبيري جي ڪوشش ۾ رُڌل هئي . .
ڪراچي يونيورسٽي جي فيڊرل هاسٽل ۾ هڪ سادو موچارو ڪمرو مليل هو
. . . هِڪُ جمعي جو ڏينهن ۽ مٿان وري ڇنڇر جي موڪل، ڪيترائي
شاگرد ويجھن ڳوٺن ۽ شهر ۾ موجود مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن وٽ
وڃي ٽڪيا هيا ۽ باقي موڪل هئڻ سبب اڃا ننڊ ۾ يا وري ڪمرن کان
ئي نه نڪتا هيا . . . آءٌ به دير تائين ڪچهريون ڪري سُتو هوس .
. . بلڪه هاسٽل جي ماحول ۾ رات جو
ٻارهين کان اڳ سمهڻ عجيب لڳندو آهي . . .
رات جا پويان پهر بستري تي تڙپندي گذريا، ننڊ به عجيب شيءَ آهي
۽ وري انکان وڌ عجب خواب . . . . ڪڏهن آسمان جو سير ته ڪڏهن
اُونهي کڏ . . . ڪڏهن محبوب ملاقاتون ته ڪڏهن وڇوڙا ۽ جدايون .
. . ڪڏهن ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جدوجھد ته وري ڪڏهن خوشين ۽ غمن جو
سمنڊ اُٿليو پوي . . . . شاهه چواڻي:
اڀريام انگور ، ستي سپرين جا
کايو کايو سور، لڇيو لوچيو اٿان.
اهڙي ئي لڇ لوچ واري حالت ۾ رات گذري . . . ننڊ جو غلبو ته
اڃان حاوي هيو پر خيالن ۽ خوابن مان جند ڇڏائڻ خاطر اُٿي چانهن
چسڪي لاءِ ڪئنٽين جو رخ ڪندي . . . هاسٽل کان ٻاهر نڪري گھرو
ساهه کنيم . . . خاموشيءَ جا ڪڪر ڇانيل . . . سج جي گلابي ڪرڻن
جو ڄار . . . آسمان صاف هوبهو سمنڊ جي پاڻي جيئان . . .
سج کي سلام جي نيت سان آسمان طرف نگاهه ڪيم . . . سج کان اڳ
نظر وڃي هڪ ٿلهي متاري سرڻ (الَ) تي پئي . . . پنهنجن مضبوط
چنبن ۾ ڪانءُ جو نئون ڄاول ٻچڙو کنيو ڪنهن پاسي ٿي وئي . . .
مون کيس معمولي سمجھندي، سج کي سلام واري نگاهه ڪندي اڃان ڪنڌ
هيٺ ئي ڪيو هو ته اوچتو ڪنهن پاسي کان هڪ ڪانءُ جي زوردار ڪان
. . ڪان . . ڪان ڪن تي پئي. مون وري مٿي ان طرف نهاريو ۽ ائين
لڳوم ته ڪانءُ ان سرڻ چوڌاري لامارا ڏيندي صداءِ احتجاج ڪري
رهيو هجي . . . بس پوءِ ته هر طرف کان ڏسندي ئي ڏسندي ڏهن مان
سوَ ۽ سوَن مان هزارن جي تعداد ۾ ”ڪانوَن جي قوم“ گڏ ٿيندي وئي
. . . رڙيون، دانهون ۽ پوءِ سرڻ تي حملا شروع . . .
مون کان چانهن وئي وسري ۽ پاڻ کي ڪانون جو ساٿي محسوس ڪندي،
سندن حمايتي ٿيندي ويٺم جاچڻ . . . ايئن ٿي لڳو ڄڻ آفريڪي ڪارا
انسان پنهنجي بقاءِ آزادي ۽ نسل جي بچاءُ جي قومي ويڙهه وڙهڻ
لاءِ . . . گورن نسل پرست، پرمار ۽ ڦورو حڪمرانن خلاف گڏ ٿي
جدوجھد ڪري رهيا هجن . . .
سرڻ پنهنجي شڪار کي وڃائڻ نٿي چاهيو . . . ۽ هونءَ به ظالم
پنهنجي ظلم تان ڪو سٿرو هٿ ٿوروئي کڻندو آهي . . . پر ڪانون جي
ڪوڪن ۽ حملن کان گھٻرائجي ۽ بوکلائجي هيڏانهن کان هوڏانهن پئي
ڦيراٽون کاڌيون . . . هوڏانهن وري ڪانوَ هيا جو ”فتح ٻڌي سان“
۽ ”ٻه ته ٻارنهن“ واري اصول تي عمل ڪندي حملا جاري رکيا . . .
آءُ ڏسندو رهيس . . . چانهن جي پياس ۽ راتوڪي لُڇ پُڇ واري
ڪيفيت وسري وئي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ڪانون جي احتجاج ۾ شريڪ ٿي،
سرڻ مٿان اُلرون ڪرڻ لڳس ۽ شاهه جون هي سٽون وَرَ وَرَ ڪري پئي
جھونگاريم:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گھڻو.
ڪانگن به هاڻ احتجاج ڇڏي ٻڌا حملا ٿي ڪيا . . . ڄڻ ته ويٽنامي
قوم پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان هٿيار کڻي، آمريڪي ويڙهاڪن تي،
جن جا قد وڏا، جسم ڳرا طاقتور ۽ ڇاتيون ويڪريون . . . پنهنجي
ننڍڙي قد ۽ ڪمزور جسمن ذريعي پئي حملا ڪيا . . . سرڻ به عالمي
سامراج جيئان ٿي لڳو جو پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر، ٻين جو رت
چوسيندو ۽ ٻچا ماريندو آهي . . . پنهنجي طاقت ذريعي خوف ۽ حراس
ويهاري، مظلومن کي بک مرڻ تي مجبور ڪري پنهنجي طاقت ۽ پيٽ کي
ڏينهن ه ڏينهن ويندو آهي وڌائيندو . . . .
انسان سماج ۽ خالص سنڌي معاشرو ڪانگ کي ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ واڌو
ڪاٽو نظر سان ڏسي ٿو جيئن ”سياڻو“، ”چالاڪ“، ”قاصد“، ”ڊڄڻو“ ۽
”اندر ڪارو“ وغيره وغيره . . . هونءَ به ڪانءُ انساني شين کي
خراب پڻ ڪندو آهي . . . ٻارن کان شيون، ماني يا گوسٽ ٽُڪر کسي
کائي ويندو آهي . . . پر اڄ هو مظلوم هو . . . سندن نازڪ ۽
معصوم ٻچڙي کي سرڻ جي بي رحم چنبي ۾ ڏٺو هوم ۽ انهيءَ کي ڇڏائڻ
جي تڙپ ڏٺي هيم . . .
”جت باهه ٻري، اهو هنڌ سڙي“
مظلوم قوم جو فرد ٻئي مظلوم ۽ ڏتڙيل قوم جي ڏکن کان واقف هجي
ٿو . . . ڪانگ پکي ڪيترو به خراب ڇو نه هجي پر سندس ڪي خوبيون
اهڙيون اٿس، جي سنڌ واسين ۾ اڻ هوند آهن . . . ڪانءٌ دشمن خلاف
گڏيل جدوجھد ڪندا آهن . . . پنهنجي رنگ، نسل ۽ قوم سان بيحد
پيار ڪندا آهن . . . پنهنجن گھرن ۽ اولاد جي حفاظت خوب ڪري
ڄاڻن . . . ڪو شڪاري جڏهن هٿيار کڻي جھنگ جو رخ ڪندو آهي ته هي
ئي اهو واحد پکي آهي جو کيس للڪاريندو آهي ۽ پنهنجي چالاڪي ۽
ڦڙتيءَ سان پيڇو ڪندي، پنهنجي مخصوص آواز سان مڙني پکين کي
خبردار ڪندو رهندو آهي . . . ان ڪم ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جان
به وڃائي ويهندو آهي . . . شڪاري کيس يا ته ماري يا ڀڄي يا وري
لڪي جان ڇڏائيندو آهي. . .
اڄ ڪانون کي قومي وجود لاءِ وڙهندي ڏسندو رهيس . . . سرڻ کي
نديندو رهيس . . . سرڻ به طاقتور هئي، جسماني طور سڀني کان وڏي
هئي، شڪار سندس چنبن ۾ هو، پنهنجي طاقتور پرن جي ٻل تي هيٺان
کان مٿي، ساڄي کان کاٻي مطلب ته چؤڦير پئي لامارا ڏنائين . . .
هوڏانهن ڪانوَ به متحد ٿي سرڻ جي لامارن تي ويتر ڪاوڙ ۾ ڀرجي
پرتشدد حملا ڪرڻ شروع ڪيا . . . پنهنجن چهنن ۽ لتن سان ڪاهون
ڪندا رهيا . . . سرڻ به طاقت جي گھمنڊ ۾ هئي . . . حملا
بچائيندي . . هيٺ مٿي پئي لامارا کاڌا . . .پر آخر ته مظلوم جي
فتح ٿيڻي آهي . . . سچ جي ٻيڙي لُڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي . . .
ڪانون جي همٿ هڻي هنڌ ڪيو . . . ظالم سرڻ جا چنبا ڍرا ٿيا،
ٻچڙو هيٺ ڪريو ۽ هوءَ جھاز ٿيندي نظر آئي . . . سامراج جي شڪست
ٿي، مظلوم کٽيو . . . مرادون پُنيون . . ڪانگن فتح جا نعرا
هنيا . . . هيٺ اچي مئل ٻچڙي کي سلامي ڏئي وڃي پنهنجي ڪم سان
لڳا . .!
ءٌ ڏسندو رهيس، سندن سوڀ تي مرڪندو رهيس
...
جت آسمان زمين کي سجدو ٿي ڪيو ان جاءِ تي نظرون ٽِڪائي . . .
پنهنجي وجود تي . . . پنهنجي قوم تي سوچيندو رهيس . . .
”””
آسمان صاف ٿي چڪو هو |