www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

ٻه خط

” جدائيءَ جو فلسفو“

 

خط 1

 

اميدن ۽ آسرن جي سهاري گھاريندڙ جيونَ ۾ هڪ پراميد ۽ روشن لاٽ ... اوهانجي ساٿ جي ! جوانيءَ جا ڪيئي سال اوهانجي جدائيءَ ۾ گھاري ڇڏيا آهن ... اهي پل واپس ته ڪونه ايندا پر دل کي يقين ۽ خوشي انهيءَ ۾ ته هاڻ جو ميلو مرڻ تائين جو آهي ....

چاهتن جي سفر ۾،

ڏک سک جي ساعتن ۾،

دل جي نازڪ رڳن ۾،

اميدن ۽ آسن جو،

نه ٽٽڻ ئي زندگي آ ...

اوهان مليا ۽ جدا ٿي ويا ... سپنن جيان اهي پل گذري ويا ... يقين نٿو اچي ته اوهين مليا به هئا ... ڪاش اهي پل منهنجي پنهنجي هٿن ۾ هجن ها ته پڃري ۾ پکيءَ جيئان قيد ڪري ڇڏجن ها .. پر هاءِ ويچارو انسان ڪيڏو ته مجبور ۽ بيوس ٿئي ٿو وقت جي اڳيان ...

خواب هو يا ڪائي حقيقت،

پاڇولو هو يا ڪوئي وجود،

محبتن جو سفر هو،

يا

هيو تنهنجو گمان،

جو به هو،

ڇا خوب هو،

ڇا خوب هو....

تون هئين ته ڄڻ هڪ خواب هئي زندگي ... ڪائنات جي سونهن قيد ٿي وئي هئي انهن لمحن ۾ ... تون هئين ته سياري جون سرد راتيون جوڀن ڀريون ٿي لڳيون ... تون هئين ته گل به ٽڙيا ٿي  ... تون هئين ته حسن هو نظارن ۾ ... تون هئين ته هيو رنگن جيون ۾ ...

تون وئين ته ڄڻ اک کلي پئي ... گم ٿي ويا جيون جا سڀ رنگ ... زهر ٿي ويا سانوڻ جا مينهڙا ... شام ٿي وئي اداس ... پيار ٿي ويو تنهائين سان ... راتيون ٿي ويون ڪاريهر جي ڏنگ جيئان ... پر پوءِ به ...

اوسيئڙو به سٺو لڳي ٿو،

 گھاءُ ڪندڙ ناسور به سٺو لڳي ٿو،

سدائين جي ساٿ جي اميد ۾،

 وڇوڙي جو فاصلو به سٺو لڳي ٿو،

تون رهين هميشه همسفر،

 رستو اڙانگو به سٺو لڳي ٿو،

لمحا رهن يادن جي قيد ۾،

 تنهائيءَ جو احساس به سٺو لڳي ٿو،

”هير“ ڇو ٿي ٿئين ويڳاڻي،

 پرديسي سڄڻ به سٺو لڳي ٿو...

 

خط 2

ڪنهن شاعر ڇا خوب چيو آهي ...

ڪالهه اسانکان پيارا وڇڙيا، چانڊوڪيءَ جا تارا وڇڙيـــــــــا،

سانوڻ ڪنهن ڪارڻ ايندو، دل کان دل وارا وڇڙيـــــــــــــا،

ڪي ڏينهن هئا جو مينهن پيا، جن پيار ڪيو سي ڌار ٿيا،

تون جو وڇڙين دنيا وڇڙي، مونکان ساٿي سارا  وڇڙيــــــــــا ...

پرين پيارن کان وڇوڙي جون چند گھڙيون موت برابر آهن ۽ خاص ڪري عزيز ۽ من موهيندڙ ساٿي کان وڇڙي زندهه رهڻ به هرپل جو سور آهي، هر وقت جو مرڻ ۽ جيئڻ آهي ... هونءَ ته خيالن ئي خيالن ۾ هر وقت ملاقتون ٿينديون رهن ٿيون پر طبعي ميلي جو مزو ئي الڳ آهي ... هونءَ ته بند اکين سان محبوب پنهنجي من ۾ پسي سگھجي ٿو پر افسوس، انسان ويچارو هميشه اکيون بند ڪري رهي نٿو سگھي ...

وقت جون به عجيب ستم ظريفيون آهن ...  ڪو وقت هو جو اوهانکي حاصل ڪرڻ خاطر پئسي جي پرواهه نه ڪندي پرديس کي خئيرآباد چئي اچي اوهان سان ميلو ڪيو ۽ ڪو وقت اهڙو به آيو جو پئسي خاطر اوهانکي خئيرآباد چئي اچي پرديس وسايو ... جدائيءَ جا گيت ڳائڻ شروع ڪيا ۽ اڪيلائي ۾ ويهي روئڻ ته ڪڏهن کلڻ واري موضي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو آهيان  ... هاڻ ته سڪ به ايڏي لڳي آهي جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ به مشڪل آهي ” جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي“ واري حالت آهي ...

پوءِ به پرديس ... ڇو؟ دل ۽ دماغ جي ويڙهه ڪجھه هن ريت جاري آهي ؛

v    دل جو جواب ته ڇڏ سڀ ڪجھه وڃي محبوب سان ميلو ڪر ... عقل چوي ته ترس سوچي سمجھي فيصلو ڪر ...

v    دل وراڻيو ته محبت ئي هميشه رهڻي آهي ... عقل جو جواب ته سماجي ضرورتون به مرڻ گھڙيءَ تائين گڏ آهن ...

v    دل جي صلاح ته محبوب سان ئي جيئڻ جو مزو آهي ... عقل وراڻيو ته ڪجھه ٻيا جيوَ به اوهانجي ذميواري آهن ...

v    دل جو مشورو ته حياتي چئن ڏينهن جي مهمان آهي ... عقل جي نصيحت ته پل پل قيمتي آهي ...

v    دل جو وسوسو ته محبوب ماڻڻ ئي اصل مقصد آهي ... عقل چواڻي ته پيٽ پالڻ به اهم ۽ اڻٽر آهي ...

دل ۽ دماغ جي ان ويڙهه ۾ فلسفو خاموش آهي ... انسان پنهنجي ضرورتن ۽ سمجھه آهر نوان اصول ۽ نظريا گھڙي کين فلسفي، حڪمت ۽ علم جا نانوَ ڏئي ٻين کي به انهن جي پوئواري ڪرڻ تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ... انساني ۽ ڪائناتي مسئلن تي بحث ڪرڻ ۽ انهن جا حل ڳولهڻ فلسفي جا اهم جز آهن ... ازل کان اڄ تائين  ماديت جي فلسفي ۽ روحانيت جي فلسفي جي نه ختم ٿيندڙ ويڙهه هلي پئي ...

µ          ماديت چواڻي ته دنيا هڪ حادثو آهي ... روحانيت چئي ته خالق جي خلقيل آهي ...

µ          ماديت جي هام ته مادو هميشه رهندو ... روحانيت جو ايمان  ته هر شئي فاني آهي ...

µ          ماديت جي مڃتا ته سڀ رشتا مادي آهن ... روحانيت جو اعلان ته رشتا روحاني آهن ...

µ          ماديت جي دعوا ته انسان هر شئي تي قادر آهي ... روحانيت جو مذهب ته واڳ ڌڻيءَ وس ...

اڄ به انسان جي حالت منڊي ماڪوڙيءَ جيئان آهي جا کوهه جي تري مان ويهي آسمان جي ماپ ڪري ... سڀ حڪمتون ، فلسفا ۽ علم اڄ به انسان جو انسان جي هٿان ٿيندڙ احتصال، ظلم، قتال ۽ انيڪ ايذاءَ رسايون ختم ڪري نه سگھيا آهن  ... بلڪه ايئن چوڻ حق بجانب ٿيندو ” ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي “ ... هر انسان جو دين الڳ ۽ هر انسان جو فلسفو ئي پنهنجو سو به وقت سان بدلجندو رهي ٿو ... ڪالهه جو واڌو اڄ جو ڪاٽو ۽ اڄ جو ڪاٽو سڀاڻي جو واڌو ٿيو پوي ...

ايئن جيئن اڄ جي پنهنجي زندگيءَ تي ” جدائيءَ جو فلسفو“ حاوي آهي ۽ ڪالهه جي زندگيءَ تي معاش جو ۽ ان کان اڳ عشق جو ... اڄ جي جدائي نه هجي ته شايد ڪو ٻيو موضوع پنهنجي زندگيءَ تي حاوي هجي ها ... اهڙيطرح وقت ۽ حالات جي بدلجڻ سان فلسفي جا موضوع به بدلجيو وڃن ...

Uploaded on August 10, 2008

 

نسيم حيدري

 ۽

 نثار ابڙو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Articles

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan