سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

جل پري

      الطاف شيخ

شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن پنهن جي زندگي ۾ جل پري جي ڪهاڻي نه ٻڌي هجي جنن ڀوتن راڪاسن جي آستانن لاء ڪوه ڪاف جبل ڌيان ۾ اچي ٿو جل پري کي سمنڊ جي مخلوق سمجهيو وڃي ٿو. منهن جو سمنڊ سان واسطو هجڻ ڪري ڪيترا ماڻهو مون

 کان جل پري جي باري۾ پڇندا آهن پنهنجي ۽ پرائي ملڪ جي خاص ڪري ننڍا ٻا ر ۽ شاگرد. توهان ڏينهن رات سمنڊ تي رهو ٿا توهان کي ڪڏهن ڪا جل پري نظر آئي .بيروت کان رومانيا يا هيڏانهن رائيڪا ويندي ڪا جل پري نظر آئي .يوگوسلاويا جي هڪ اسڪو ل ٽيچر پڇيو.

ڇو ڀلا  ؟ مون پڇيومانس .اسانکي مائرون ۽  ڏاڏيون ٻڌائين ٿيون ته سڀ کان گهڻا جن ڪوه ڪاف جبل تي ۽  سڀ کان گهڻيون جل پريون ايجين ۽ ادرياٽڪ سمنڊ تي آهن.

   جل پري جو مٿيون اڌ عورت جو ۽ هيٺيون اڌ مڇي جو چيو وڃي ٿو. هڪ دفعي ڪئنادا جي هڪ ميلي ۾ اتي جي  ڳوٺا ڻن ماڻهن اسان کان پڇيو. جڏهن کين خبر پيئي ته اسان جو جهاز چٽگانگ کان پهتو آهي ته هنن لاء اهو اهم سوال هو اسا ن جنهن ماڊرن جهاز ۾ ايترو پري کان پهتا هئاسين اها ڳوٺاڻن لاء وڏي ڳالهه هئي هنن سمجهيو ته اسان جو هيترا سمنڊ لتاڙي آيا هئاسين سو رستي ۾ پڪ اسان جي ملاقات جل پري سان ٿي هوندي .

بهر حال ڳوٺن جي ماڻهن جو جهازين سان ملڻ ۽ اهڙي قسم جو ن ڳالهيو ن پڇڻ هڪ عام ڳالهه آهي پوء اهي بندرگاه کڻي ڪئناڊا جا هجن يا آمريڪا ،چين،جاپان جا.

ڪنهن پڇيو جل پري ڇا آهي .مڇي يا عورت؟اهو سوا ل سڀ کان اهم آهي پر ان کان به اهم اهو ته جل پري جو وجود واقعي  آهي به يا نه؟ڪنهن نيول اڪيڊمي جي سالياني مخزن ۾ جل پري جي دلچسپ سمجهاڻي ڏنل هئي

Meramaid not enough fish to fry not enough women to love .

يعني جل پري مڇي جو اهو قسم آهي جو تري نٿو سگهجي ۽ اها عورت آهي جنهن سان پيار نه ٿوڪري سگهجي .

انسائڪلو پيڊيا مطابق جل پري پاڻي جو هڪ خيالي جانور آهي جنهن جو مٿيون اڌ عورت جو ۽ هيٺيون اڌ مڇي جو آهي .

جل پري سمنڊ کان علاوه ڪن دريائن تي ساڳي وقت هوء ڪناري تي پڻ رهي سگهي ٿي.

جل پر ي خيالي آهي يا حقيقت. اهو پڪ سان نٿو چئي سگهجي پر اهو ضرور آهي جو اهو هڪ عام جانور نه آهي جو جتي ڪٿي ۽ يا هر وقت يا هر هڪ کي نظر اچي. اهڙا ڪيترا ئي مثال ملندا جو اهڙن ماڻهن کي جل پري نظر آئي هوندي جن کي ڪوڙو  نٿو چئي سگهجي ۽ ان جو رڪارڊ اخبار ۽ ڪتابن ۾ پڻ آهي .پر سوال اهو آهي ته انهن ماڻهن جل پري کي واقعي ڏٺو يا ان بدران ڪنهن ڊالفن يا لڌڙي جهڙي ڪا شئ ڏٺي . پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪيترن ماڻهن  کي جل پرين جي هجڻ جي پڪ آهي جن ۾ ناروي، سئيڊن، دئنمارڪ، اسڪاٽلينڊ اچي وڃن ٿا .ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿوته انهن ملڪن ۾ جل پري جي مورت اسڪولن ڪاليجن جي مونوگرام  ۽ لوگو (نشاني) آهي پر ويندي ڪيترن ڪليسا گهرن جي دروازي تي پڻ اڪريل آهي.

هڪ دفعي آمريڪا هئاسين ته اتي ٽي وي تي مسٽر مارون جو انٽرويو آيو هن ويجهڙائي ۾ ڪا جل پري ڏٺي هئي ان بابت پنهن جا تاثرات ٻڌائي رهيو هو هو هڪ ڏينهن جاگنگ ڪري رهيو هو ته کيس ڳاڙهن وارن واري هڪ سهڻي ڇوڪري پاڻي ۾ زور  سان ٿاڦوڙه هڻندي نظر آئي .

آئون وائڙو ٿي ويس ۽ ڏسڻ لڳس ته اها بنا ڪپڙن جي ڪير ٿي سگهي ٿي ،ايتري ۾ هوءاٿي بيٺي منهن جون عجب مان اکيون ڦاٽي ويون جو هن جو هيٺيون جسم انسان جو نه پر مڇي جهڙو هو ۽ ٽٻي ڏيڻ وقت سندس هيٺيون ڌڙ مٿي کڄي ويو ۽ مون چٽي طرح ڏٺو ته اهو مڇي جهڙو هو مون کي پڪ آهي ته آئون ڪنهن وهم جو شڪار نه آهيان ۽ مون هو بهو اهو ڏٺو جيڪو بيان ڪري رهيو آهيان.

مسٽر مارون انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جل پري جي غائب ٿيڻ بعد به هو ڪلاڪ کن اتي بيٺو هو .ڇا توهان کي پڪ آهي ته اها جل پري هئي ؟

ها  بنا ڪنهن شڪ جي سمنڊ ۾ غائب ٿيڻ کا ن اڳ هن جو ن هڪ کن لاء مون سان اکيون مليون پر هن ڪا مرڪ نه ڏني جيڪو چيو ويندو آهي پرمونکي اها پڪ آهي ته هوء جل پري هئي.

جل پري هڪ حقيقت آهي يا ڏند ڪٿا پر اها ضرور آهي ته جل پريون مرد کي ڏسي مرڪن ٿيون ۽ هننکي هر وقت آرسي ۽ڦڻي هٿ ۾ هوندي آهي .سورهين صدي جي هڪ ملڪ ڳوليندڙ مسٽر هينري هڊسن پنهن جي ڪتاب ۾ لکيو آهي هوء اسان جي قد بت جيڏي سندس چمڙي جو رنگ صاف کير جهڙو اڇو هو ڊگها ڪارا وار سندس ڇاتي تي لڙڪي رهيا ها سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ وقت اسان سندس هيٺيون ڌڙ  چڱي طرح ڏٺو جيڪو مڇي جهڙو هو.

جل پري ڏسڻ جي خبر انگلينڊ جي ٽائيم اخبار ۾ 1806  پڻ ڇپي هئي ته اها هڪ اسڪاٽ اسڪول جي ماستر وليم منرو کي نظر آئي هئي ان بابت ماستر جو بيان آهي ته هڪ اگهاڙي جل پري وارن کي ڦڻي ڏيندي نظر آئي.”هوء پاڻي کان ٻاهر پٿر تي ويٺل هئي ۽ سندس هيٺيون ڌڙ مڇي جهڙو هو.اهڙا اکين ڏٺا احوال سڀن ملڪن ۾ ملندا پر 1801 ۾ هڪ مشهور چيني همراه لي ٽنگ جو اکين ڏٺو احوال اڄ تائين چيني صداقت سان ٻڌائين ٿا ته هن کي جل پري هڪ کوه تي وهنجندي ۽ ڪپڙا سڪائيندي نظر آئي .انوقت مونکي ڌيان ۾ نه آيو ته انهي ماڻهو کان پڇان ها ته ڪهڙا ڪپڙا هئا بلائوز يا اسڪرٽ يا سلوار قميص ۽ سڪائڻ کان اڳ ڇا ۾ ڌوتا هئائين سرف ۾ يا اٺ  مارڪ صابڻ ۾.بهرحال جتي جل پري جي وجود جي پڪ ناهي اتي سندس موجودگي جا پڻ ڪيترائي بيان آهن .هڪ ته بلڪل ويجهڙائي ۾ آيو آهي اهو واقعو 1979 ۾ انڊونيشيا ۾ بالي ٻيٽ تي ٿيو هو .هڪ انڊونيشيائي عورت مڇيون ڦاسائي رهي هئي ان جل پري جو چنڊ جهڙو سهڻو چهرو ۽ آسماني رنگ  جون وڏيون اکيون ڏٺيون سندس مٿئين جسم جي کل تمام نازڪ ۽ لسي هئي ۽ هيٺ مڇي جوجسم هو جيڪو مڇي جهڙي ڇلرن سان ڀريل هو.يورپ پاسي جا پراڻا سامونڊي جل پري کي نڀاڳ جي نشاني سمجهندا آهن سمنڊ تي

 جهازن کي اوچتو ٿيندڙ نقصان جل پر ي جو پاراتو سمجهندا آهن .اڄ به دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اوچتو ٻڏي ويل جهازن جي لاء سرڪاري طرح اهو لکيو ويندو آهي ته Ship wreck caused by meramaid

 يعني جهاز کي جل پري ٻوڙيو .جيتوڻيڪ ان جو ڪو ظاهر ظهور ثبوت ناهي .ٻيو ته ٺهيو پر شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي جو ڪردار رچرڊ چوي ٿو ته آئون ايترا جهاز ٻوڙيندس جو ڪا جل پري به ٻوڙي ڪانه سگهندي.ويهين صدي جي شاعر وليم بٽلر جو پڻ جل پري جي لاء ايترو خراب رايو آهي جو هن پنهن جي مشهور شعر دي ميراميڊ ۾ چيو آهي

A mermaid found a swimming lad

Picked him for her own

Pressed her body to his body

Laughed and plunging down

Forgot in cruel happiness

That even lovers drown

ڪي جهازي جتي اڻڄاڻ خطري جو باعث جل پري کي سمجهن ٿا اتي ٻيا هن کي سونهن سوڀيا جي علامت سمجهن ٿا ڪيترا جهونا پنهن جي ٽنگن ٻانهن تي جل پري جونشان اڪرائي هلن ٿا.بهرحال جل پري کي ڪو خراب سمجهي يا سٺو سنڌ جي ادب ۽ ڪلچر ۾ ان کي هڪ مٿانهون مان ۽ پوتر رتبو حاصل آهي بقول تاجل بيوس جي جل پري جيئن ته پاڻي ۾ رهي ٿي ۽ پاڻي پاڪائي جو سرچشمو آهي ان ڪري هن جو رتبو ڪوه ڪاف جي پري کان مٿانهون ليکيو ويندو.

 

 

 

 

 

Previous Stories

 

 

 

 

قزاقن جي عجيب دنيا

ايراني جهاز جان بچائي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan