سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Home| Sindh|Bhitai|Columns| Stories | Poetry | Education| Islamic Corner | Jobs|Sindhi Software| Fonts| Contact|About Website

Author's Profile

ايراني جهاز جان بچائي

الطاف شيخ

هڪ ڏينهن ڳالهه اچي نڪتي سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچائڻ جي. اسان واري يار ڪئپٽن مظهر زيديءَ چيو ” سمنڊ مان ٻڏندڙن کي بچائڻ ۾ ڪڏهن ته واهه واهه ٿئي ٿي ڪڏهن ته جهاز جا مالڪ به خفي ٿين ته ٻڏندڙن جي ملڪ جا حاڪم به.  اها ٻي ڳالهه آهي ته جهاز  جا مالڪ ٻاهرين منهن سان خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿا، جو بين الاقوامي قاعدي مطابق ٻڏندڙ ماڻهو توڙي جهاز کي سڀ ڪم ڇڏي به بچائڻو آهي، چا هي ان لاءِ جهاز کي ٽي ڏينهن هلڻو پوي. ساڳي وقت ڪي ڪي اهڙا ملڪي آهن، جن کي سندن ماڻهن جي پرواهه نٿي ٿئي. مرن يا بچن کين فڪر ئي ناهي. هونءَ   ئي روزانو رستي جي حادثن ۾، اغوا ۽ خونريزي  ۾، زهريلن کاڌن ۽ غلط دوائن ڪري، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي غير حاضري  ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ ڪري سوين پيا مرن.“

ڪئپٽن مظهر زيدي منهنجو هم عمر آهي. ڪيترن ئي جهازن تي اسان گڏ  sailڪيو آهي. جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪري رهيو هوس يا سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ هوس تڏهن به هو جهاز هلائيندو رهيو. هو هر قسم جي  voyages( مسافرين ) ۽ جهازن لاءِ هائوڪار ڪندو رهيو آهي. ايران جي جن ڏينهن ۾ عراق سان جنگ هلي رهي هئي ۽ ايران جي جهازن تي ڪم ڪرڻ لاءِ هر هڪ ڏهه دفعا سوچيو ٿي تڏهن به ڪئپٽن مظهر ايرانين جا جهاز هلائيندو رهيو. ٻه دفعا سندس جهاز تي ميزائيل به لڳا پر ٻنهي جهازن کي اهڙي هنڌ تي لڳا جو  accommodation (رهائش) وارو حصو بچي ويو. جهاز ٻڏي ويا، پر جهاز جي عملي جي جان بچي وئي. اڄ به ايران واران مظهر کي  ڌاريو نٿا سمجهن ۽ هي به انهن جا جهاز هلائڻ ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪري ٿو. سمنڊ ۾ ٻڏندڙن جون خبرون ڪندي هن ٻڌايو ته گذريل سفر ۾ جڏهن هو ايراني جهاز هندي وڏي سمنڊ ۾ هلائي رهيو هو ته خط استوا وٽ هن کي هڪ انجڻ تي هلندڙ ٻيڙي لڙهندي نظر  آئي جنهن ۾ ست اٺ ڄڻا هئا.

” اسان جو جهاز آسٽريليا کان ايران اچي رهيو هو، “ ڪئپٽن مظهر ٻڌايو، ” اسان جهاز کي روڪي معلوم ڪيو ته ڇا ڳالهه آهي. خبر  پئي ته هن ٻيڙي ۽ همراهن جو واسطو مالديپ جي هڪ ٻيٽ سان آهي. هو عيد جي ڏينهن سمنڊ جو سير ڪري  رهيا هئا ته هڪ طوفان ۾ اچي ويا ۽ ٻيڙي ڪناري کان گهڻو گهڻو پري هلي وئي. واپس ويندي ويندي تيل ختم ٿي ويو ۽ ٻيڙي اڳتي هلي نه سگهي. ان کانپوءِ هو ٻه ڏينهن کن سمنڊ ۾ لڙهندا رهيا. هنن کي اها به خبر نه پئي ته هو ڪٿي آهن. رستو معلوم ڪرڻ لاءِ هنن وٽ ڊي ايف ( (  direction finder هو، پر ان جون به بيٽريون ختم ٿي ويون هيون. واڪي ٽاڪي ۽ وائرليس سيٽ به بيٽريون ختم ٿيڻ ڪري مردار ٿي چڪو هو. اسان هنن کي ٻڌايو ته توهان تمام گهڻو   drift ٿي چڪا آهيو ۽ جنهن ٻيٽ کان  نڪتا آهيو  اهو گهٽ ۾ گهٽ ست سئو ميل کن پري آهي.

” هنن ٻن ٽن ڏينهن کان پيٽ ڀري ماني به نه کاڌي هئي ۽ سندن پيئڻ جو پاڻي به ختم ٿي چڪو هو. راشننگ ڪري ڪوپ ڪوپ پي رهيا هئا. اسان هنن کي پنهنجي جهاز تي چڙهايو ۽ سندن فوٽا وغيره  ڊجٽل ڪئميرا ذريعي ڪڍي ڪمپيوٽر (انٽرنيٽ) ذريعي تهران پنهنجي آفيس ڏي موڪلياسين. انهن طرفان اهو ئي حڪم آيو ته اسان پنهنجو سفر جاري رکون جيئن وقت اندر ايران جي بندرگاهه عباس ۾ پهچي وڃون جتي آسٽريليا مان آندل سامان لاهي ٻئي ملڪ لاءِ ايران مان سامان کڻڻو هو ۽ مالديپ ٻيٽ جي هنن رهاڪن کي ايران ئي وٺي اچون جتان کين سندن سفارتخاني وارا باءِ ايئر وطن موڪلي ڏيندا.

” اسان مالديپن کي چيو ته ڀائي ڪلاڪ کن ترسون ٿا توهان پنهنجي ٻيڙيءَ مان جيڪو به ڪم جو ۽ قيمتي سامان هجي اهو کڻي جهاز تي اچو باقي ٻيڙي نه ايتري ننڍي آهي، جو هن کي جهاز جي ڊيرڪ (ڪرين) ذريعي مٿي کڻي ڊيڪ (عرشي)  تي رکي سگهون ٿا ۽ نه وري رسي ذريعي جهاز جي پٺيان ڇڪي سگهون ٿا ڇو جو جهاز جي رفتار 23 – 24 ناٽ (ڪناري جا ٽيهه پنجٽيهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ) هئي جيڪا سمنڊ جي حساب سان ايڏي گهڻي هئي جو ان رفتار سان ٻيڙي سمنڊ  تي ترڻ بدران اندر گهڙي وڃي ها يا جهاز جي پٺيان هلندڙ پکي سان وچڙي ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃي ٿا.

ايراني جهاز جان بچائي

مالديپ هڪ يا ٻه ٻيٽ نه پر سوين ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪي هندي سمنڊ ۾ اتر کان ڏکڻ تائين ڇهه ست سئو ميلن تائين پکڙيل آهن. هي جنهن ٻيٽ جا رهاڪو هئا اهو بلڪل آخري ڇيڙي تي هو. مالديپ جو اسان کي ويجهو ٻيٽ به سئو سوا سئو کن ميل پري هو. بهرحال بين الاقوامي قانون موجب ڀلي ڪيترو به فاصلو طيءِ ڪرڻو پوي ۽ ڪيترو به وقت لڳي پر اطلاع مليل ٻڏندڙ جي جان بچائڻي آهي. ان بعد ضروري ناهي ته ٻڏندڙ کي سندس مرضي واري هنڌ تي لاٿو وڃي جهاز جي مالڪ کي جي نقصان پوي ٿو ته هو ڀلي بچايل ماڻهن کي ان ملڪ ۾ لاهي جتي جو جهاز آهي يا ان ملڪ ۾ لاهي جتان ان جهاز جو لنگهه ٿي رهيو هجي.

” اسان ڪمپنيءَ  کان مليل حڪم موجب پنهنجي جهاز جو رخ ايران ڏي ڪيو،“ ڪئپٽن مظهر زيديءَ ان حادثي بابت وڌيڪ ٻڌايو، ” ڪجهه ڪلاڪن جو سفر طيءِ ڪيو  هوندوسين ته تهران هيڊ آفيس کان نوان حڪم مليا ته  ايران جي حڪومت مالديپ وارن سان ڳالهايو آهي ۽ اهو فيصلو ٿيو آهي ته انهن مالديپ جي رهاڪن کي ايران وٺي اچڻ بدران هنن جي ويجهي واري ٻيٽ جي ڀرسان آندو وڃي جتان هنن جو جهاز کين کڻي ويندو.

” اهو حڪم حاصل ڪري اسان وري پويان پير ڪيا ۽ مالديپ جو رخ ڪيو. مالديپ جي ٻيٽن مان اڃان پهرين جي ويجهو مس پهتاسين ته مالديپ وارن جو جهاز نظر آيو. وڌيڪ ويجهو اچڻ تي هو لائيف بوٽ لاهي اسان جي جهاز تي آيا. اسان جي مهرباني مڃيائون، پاڻ سان اڳواٽ  thanks جو ۽ پنهنجا ماڻهو ملڻ جو خط ٺاهي آيا هئا، جيڪو اسان کي ڏئي ماڻهو وٺي ويا. پاڻ سان گڏ اخباري نمائندا ۽ ٽي وي جو فوٽو گرافر به آندو هئائون جن اسان جي جهاز ۽ عملي جا فوٽا ڪڍيا ۽ هو بيحد خوش هئا. دراصل هنن سمجهيو ته طوفان ۾ هنن جي هم وطنين جي ٻيڙي ٻڏي وئي آهي ۽ ٻيڙي وارن جا مائٽ روئي پٽي ويهي رهيا هئا. پوءِ جو ايران مان کين خبر پيئي ته سڀ ماڻهو سلامت آهن ته سڄي ملڪ جشن ملهايو. اسان جا سمنڊ تان ايران موڪليل فوٽو به، پوءِ خبر پئي ته ٻئي ڏينهن ايراني اخبارن ۾ آيا هئا ته فلاڻي ايراني جهاز ماڻهن جي جان بچائي.“

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Articles

قزاقن (pirates) جي عجيب دنيا تفصيل

جل پري

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan