www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

ايران جي رستن تي نظر ايندڙ ڪارون

جڏهن کان ايران آيو آهيان، مون کان ڪيترائي پاڪستاني دوست ۽ واقفڪار ايران  بابت ٻيون ڳالهيون پڇڻ سان گڏ اهو به پڇن ٿا ته ايران جي رستن تي ڪهڙيون ڪارون نظر اچن ٿيون؟

 ڳالهه هيءَ آهي ته ايراني انقلاب 1979 کان اڳ جڏهن ايران تي  پهلوي شهنشاهه جو راڄ هو، تڏهن  ملڪ جي ڌن دولت  شاهي گهراڻي جي ڀاتين ۽ انهن جي خاص ماڻهن - فوجي  ۽ سول اعليٰ عملدارن جي هٿ ۾ هئي. غريب سورن ۾ هئا، اميرن عيش ٿي ڪيو. ايتري قدر جو ملڪ جا سٺا رستا به فقط شاهي خاندان جي ماڻهن ۽ انهن جي خوشامدڙين  لاءِ هئا.  آمريڪا ياري دوستي  جي ناتي ۾  ايران جي تيل ۽ ناڻي مان جاوا پئي ڪيا ۽ ايران جا  امير ماڻهو آمريڪا جي هر شيءِ مان Impress  هئا. عوام وٽ سفر لاءِ  ڀلي کٽارو بس به نه هجي پر امير ماڻهن جي گهرن اڳيان هڪ کان هڪ آمريڪن ڪار نظر آئي ٿي.  بقول هڪ نقاد جي Iran was once playground for U.S automakers.

 ايران جي رستن تي آمريڪا جي فورڊ ۽ GM ڪمپنين جون ٺهيل ڪارون؛ شيورليٽ Novas، بيوڪ جهڙيون وڏيون  ڪارون نظر آيون ٿي پر انقلاب اچڻ ۽ خاص ڪري 1981 ۾ آمريڪن سفارتخاني  تي حملي بعد آمريڪي شهرين کي يرغمال ڪري رکڻ بعد ٻئي مال سان گڏ آمريڪا کان ڪارن اچڻ جو سلسلو به بند ٿي ويو. اڄ تهران جي ڳتيل ٽرئفڪ وارن رستن ۽ گهٽين ۾ پوڙهن ماڻهن کي اهي سٺ ۽ ستر جي ماڊل واريون شيويون ۽ ڪئڊلڪ ڪارون هلائيندو ڏسجي ٿو. ان کان علاوه جيڪي ڪارون تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون اهي هتي جون لوڪل  ميڊ آهن يعني ايران جون ٺهيل ڪارون پيڪان Paykan ) ، سامند (Samand)  سورين  (Soren ) ، سارير Sarir))  لوگان، سائيپا 141، سبا (Saba )  ، نسيم ڪار، سنيم سفاري، پارس کودرو، ايران کودرو ڊيزل، موراتاب، هندائي سوناتا، ڪرمان کودرو، ڪش کودرو، سيناد-  ڪجهه ڪارون ائين آهن جيئن اسان وٽ سوزوڪي جون مهراڻ، الٽو، ڀلينو وغيره، ايران ۾ ويندي  ملائيشيا جون گاڏيون ٺهن ۽ Assemble  ٿين ٿيون جيئن ته پروٽان ساگا، پروٽان ويرا، پروٽا امپيان، پروٽان Gen-2  وغيره.

 ايران ۾ اڄ ڪلهه تيرهن کن سرڪاري ۽ خانگي ڪارين جا ڪارخانا آهن جنهن مان ٻه ”ايران کودرو“  ۽ ”سائيپا“ تمام وڏا آهن جن ۾ سمجهو ته ايران ۾ هلندڙ گاڏين مان نوي سيڪڙو ٺهن ٿيون.ايران کودرو ڪمپني جي ڪار پيڪان (فارسي لفظ جنهن جي معنيٰ  تير آهي) ايران ۾ ائين نظر اچي ٿي جيئن ڪنهن زماني ۾ انڊيا ۾ مورتي ڪار هئي. ان جي جاءِ تي هاڻ ٻن سالن کان ايران کودرو وارن ساماند (Samand )  نالي نئين ڊيزائين جي ڪار ڪڍي آهي.

سائيپا ڪمپني وارن جون ٻئي نمبر تي ڪارون آهن جن ۾ صبا، نسيم، سائٽرون Xantia وغيره  اچي وڃن ٿيون.  ان بعد ننڍي پيماني تي ڪارون ٺاهڻ وارا آهن؛ ڪرمان موٽرس ڪمپني، باهمڻ گروپ ڪمپني، ڪش کودرو ڪمپني، رانيران  تراڪتور  سازي (يعني ٽرئڪٽر مئنيوفيڪچر)  شهاب  کودرو ۽ ٻيون ڪجهه ڪمپنيون آهن جيڪي ملڪ جي ضرورت  جو ڏهه سيڪڙو ڪارون ٺاهين ٿيون. اهي سموريون ڪمپنيون ڪارن کان علاوه موٽر سائيڪلون، بسيون، وئن، ننڍيون وڏيون ٽرڪون، ٽرئڪٽر ۽ مني بسون وغيره ٺاهين ٿيون. بهرحال ايران جهڙي ملڪ کي شاباس هجي جو هن جو ڌارين ملڪن تي مدار ناهي. پاڻ ئي هر قسم جي گاڏي ٺاهين ٿا ۽  نه فقط پنهنجي ضرورت پوري  ڪن ٿا پرڪيترن ئي ملڪن کي وڪڻن ٿا. ايران وچ اوڀر جي سڀني ملڪن ۾ ڪارون ۽ بسيون ٽرڪون ٺاهڻ ۾ ٽاپ تي آهي ۽ دنيا ۾ سورهين نمبر تي آهي.

ايران ۾ ڪارن ٺاهڻ جي هيءَ سڀ کان وڏي ڪمپني ايران کودرو Iran Khodro Industrial Group جنهن کي ڏسڻ جو مونکي موقعو مليو -1962 ۾ ٻن ڀائرن احمد ۽ محمود  خاياميءَ شروع ڪئي جنهن جو شروع ۾ نالو ”ايران  نئشنل“ رکيو ويو ۽ پوءِ  1979 واري اسلامي انقلاب بعد هن جو نالو ”ايران کودرو“ رکيو ويو. کودرو فارسي جو لفظ آهي جنهن جي  معنا آٽوموبائيل آهي. هيءَ ڪمپني ٽيهن سالن تائين پيڪان نالي ڪارون ٺاهيندي رهي جيڪي برطانيا جي ڪار هلمن هنٽر جي ٻي صورت آهي.

 2005 کان هن ڪمپنيءَ پيڪان ڪار بند ڪري 8. 1 لٽر جي سرمند ڪار ٺاهڻ شروع ڪئي آهي جيڪا ڊيزائين به ايران ۾ ڪئي وئي آهي  پر هن جو بنياد 405  Peugeot  جي پليٽ فارم تي رکيو ويو آهي جيڪا پڻ ايراني ڪار آهي. سرمند  فارسي نالو آهي جنهن  جي معنيٰ تکو ڊوڙندڙ  گهوڙن جو نسل آهي. ايران کودرو  ڪمپني جي ٽيڪنيڪل مئنيجر ٻڌايو ته هن ڪار جو اهو نالو (سرمند) ايران جي اڳوڻي صدر محمد ختاميءَ Propose  ڪيو هو جيڪو نالو فردوسيءَ جي ڊگهي شعر epic  شاهنامي  تان کنيو ويو آهي.

 ايران جي هيءَ ڪار سرمند دبئي ۽ دوحا (قطر) جي به رستن تي نظر اچي ٿي. اها ڪار عرب امارات  کان علاوه  روس، بلغاريا، تاجڪستان، پولنڊ ۽ افغانستان به ايڪسپورٽ ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه هيءَ ڪار بيلاروس ۾ يونيسن ڪمپني، آذربائيجان ۾ اسٽار ڪمپني ”الصمند عزيز“ جي نالي سان ٺاهي ٿي. ڪمپني جي هڪ همراهه ٻڌايو ته  هن سال کان هيءَ ڪار شام (Syria)  ۾ پڻ ”سامند شام“ جي نالي سان ٺهڻ شروع ٿي رهي آهي.

 سامند ڪار کي هتي ايران ۾ ڪي ماڻهو ”نئين پيڪان“ (پيڪان نو) پڻ سڏين ٿا. بهرحال هن ڪمپني جي پراڻي ڪار پيڪان جيڪا ٽن ڏهائين تائين ايران ۾ ٺهندي رهي ان  جي ”آٽوموبائيل پروڊڪشن لائين“ سوڊان جي هڪ ڪمپني ”خارطوم ٽرانسپورٽيشن ڪمپنيءَ“ خريد ڪري ورتي آهي- جتي هو شايد ساڳي نالي سان يا ڪنهن ٻئي نالي سان ڪار ٺاهڻ شروع ڪن.

 هڪ شاهه جي زماني جي پوڙهي همراهه کان جڏهن پڇيم ته هن کي ايراني ڪار پيڪان ڪيئن ٿي لڳي ته هن شڪل  ٺاهيندي چيو؛ 

The Paykan or Arrow, is a four cylinder time capsule. The Design has barely changed since the first model was copied from the British Hill man Hunter.

 هو پنهنجي چاليهه سال پراڻي شيورليٽ ڪار سان خوش هو جنهن جا جيتوڻيڪ، بقول سندس ، نه اسپيئر پارٽس ملن ٿا ۽ نه وري ڪا وڪامي ٿي.

 هڪ ٻئي اهڙي ناراض همراهه پڻ ايران جي هن ڪار پيڪان (جيڪا ستر سيڪڙو ايران جي رستن تي نظر اچي ٿي) لاءِ چيو ته هيءَ ڪار آهي! انقلاب کان اڳ وارين  ڪارين (يعني آمريڪن ڪارن بيوڪ ۽ ڪئڊلڪن) اڳيان بوٽن رکڻ جو کوکو لڳي ٿي.

 بهرحال آمريڪا جي اهڙين شين پٺيان ايران کوکلو ٿيندو ٿي ويو. چڱو جو امام خميني  جهڙي نيڪ انسان ايران  ۾ انقلاب  آندو ۽ ايران کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو نه ته ايران ۾ ٽوٿ پيسٽ  ۽ سائيڪل به آمريڪا کان  آئي ٿي. ايرانين کي هاڻ فخر هئڻ کپي ته پيڪان ۽ سامند جهڙيون ڪارون جيڪي هو هلائين ٿا اهي سندن ملڪ ۾ ٺهن ٿيون جيڪي غريب غربو خريد ڪري سگهي ٿو.

اسان کي پيڪان گاڏين جي فئڪٽري گهمائڻ  واري انچارج  چيو ته ”ايران جي ڪار پيڪان هن ملڪ ۾ سون برابر آهي. توهان هن جي مرمت به ڪرائي سگهو ٿا ته دل چوڻ تي ڪٿي به وڪڻي سگهو ٿا، کڻي ڇا به ٿي پوي پيڪان ڪار هميشه ايران جو اٽوٽ انگ رهندي.“

Courtesy Daily Ibrat Hyderabad

Uploaded on 20th September 2008

 

Name

Altaf Shaikh

Date of Birth

14th November 1944

Contact

+92-21-5894090

altafshaikh2004@yahoo.co.uk

Literary Services

  • Author of more than 65 books published in Sindhi, Urdu and English, mostly travelogues of different countries.

  • Some of the books are prescribed for B.A. and M.A. syllabus of Sindh university, jamshoro and Karachi university, Karachi Pakistan

  • Regular Columnist of Pakistan post, Ummat, Ibrat and Kawish

More Detail

 

 

Previous Stories

قزاقن جي عجيب دنيا

ايراني جهاز جان بچائي

جل پري

 

ڪوماگاتا جهاز جو بدنصيب سفر

 

دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا

 

آمريڪا گهمڻو آهي ته ايڪسپريس وي کان پاسو ڪريو

پنهنجي قبر چمچي سان نه کوٽيو

خوف خيال خطرا، ٽنهي ترڪ ڏيج

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
Mazhar Ali Abro, SindhSoftTech Larkana,Pakistan