|
ابراهيم منشي
5 جنوري 1932ع ۾ بلڙي شاهه ڪريم تعلقي جي شهر جنهاڻ سومرو ۾ هڪ
غريب هاري محمد اسحاق سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو، منشي جو والد
هاري هو پر ان سان گڏ مولود پڻ پڙهندو هو. غربت سبب هو منشي کي
پنج درجن تائين پڙهائي سگهيو. منشي جڏهن 13 ورهين جو ٿيو ته
هن جو والد وفات ڪري ويو. پنهنجن گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪرڻ لاءِ
منشي محنت مزدوري ڪرڻ لڳو ۽ پڙهائي کي ڇڏي ڏنو. هو روزانو گڏهه
تي سامان ۽ عام وڪري جون ٻيون شيون کڻي ٻهراڙي جي ٻين ڳوٺن ۾
وڪرو ڪرڻ ويند هو. ان دوران هن کي هڪ مقامي ٺيڪيدار پاڻ وٽ
منشي ڪري رکيو. ڪجهه سالن بعد ٺيڪيدار کي ڇڏي ٻني ٻاري جو ڪم
ڪرڻ لڳو. پر هن جي اندر ۾ ون يونٽ جي ڪاري دور جا ظلم، سنڌين
سان ٿيندڙ قومي زيادتيون، سندن حقن تي لڳندڙ ڌاڙا، پناهگيرن
جون سنڌ دشمنيون، قومي ٻولي خلاف سازشون ۽ سامراجين جي سنڌ
ڌرتي تي آمد ۽ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي
پنهنجي ڌرتيءَ تي نڌڻڪو ڪري مارڻ ۽ مقامي وڏيرن جون هارين،
پورهيتن ۽ شاگردن سان ٿيندڙ عقوبتن منشي جي من ۽ ذهن ۾ مانڌاڻ
مچائي ڇڏيو ۽ هو مختلف سياسي جلسن ۾ تقريرون ڪري ماڻهن کي ساڻس
ٿيندڙ ناانصافين کان آگاهه ڪرڻ جو مشن شروع ڪيو ۽ هتان کان
منشي جي سياسي سفر جو آغاز ٿئي ٿو. منشي ون يونٽ جي تحريڪ ۾
ڀرپور حصو ورتو، ان دوران هن پنهنجي شاعري جي به شروعات ڪئي،
منشي جي شاعري طبقاتي متڀيد خلاف هئي ته ان سان گڏ هن کي قدرت
خوبصورت آواز سان به مالامال ڪيو هو. هو جڏهن اسٽيج تي پنهنجي
شاعري کي ترنم سان ڳائيندو هو ته جلسن ۽ جلوسن کي منڊي ڇڏيندو
هو. هو جڏهن اسٽيج تي چوندو هو ته :
ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور
موتين کاڻ هي ملڪ سڄو آ ۽ مارو من جا مور
يا
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لاءِ ڪڙهي.
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي
هن جي آواز جي ڪشش ۽ سنڌ دوستي توڙي سنڌيت پرستي ان حد تائين
وڌي جو وقت جا حڪمران منشي جي انقلابي پرچار ۽ تبليغ کان
خوفزده ٿي ويا ۽ هن کي 1967ع ۾ پهريون ايوبي دور ۾ جيل اماڻيو
ويو. منشي جيل مان نڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ مضبوط انسان ۽ آدرشي
اڳواڻ ٿي نڪتو، ان دور ۾ جڏهن پي پي جي قائد عوام ذوالفقار علي
ڀٽو جي حڪومت آئي ته ان ۾ منشي کي ڊي پي آر جي ڪاري قانون تحت
لانڍي جيل ڪراچي ۾ بند ڪيو ويو. جنهن بعد هن کي سينٽرل جيل سکر
۽ حيدرآباد ۾ بند رکيو، منشي پنهنجي جواني جا ست سال جيل ۾
رهيو. ان دوران مختلف جيلن ۾ ابراهيم منشي جون سنڌ جي ناليوارن
سياستدانن رسول بخش پليجو، ڪامريڊ يوسف رضا لغاري، مولانا
عبدالحق رباني، شاهه احمد نوراني، پروفيسر غفور احمد، شهيد
فاضل راهو، ڄام ساقي جهڙن سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون ۽ هن
سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ حصو ورتو، هو هاڻي پاڻ کي
سنڌ جي هارين، شاگردن ۽ پورهيتن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 1975ع ۾
جيل مان آزاد ٿي هن عوامي تحريڪ جي باني شهيد فاضل راهو سان
جدوجهد شروع ڪئي ۽ سنڌين ۾ پنهنجن حقن جي حصول لاءِ جاڳرتا مهم
شروع ڪئي. فاضل راهو جون شعله بيان تقريرون ۽ منشي جي قومي
شاعري سنڌي ماڻهن ۾ هڪ نئون ولولو پيدا ڪيو. جيل ڀريو تحريڪ
هجي يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي منشي هميشه اڳڀرو رهيو. ضيائي
مارشل لا ۾ منشي کي چار سال جيل ۾ بند ڪيو ويو پر سنڌ جو هي
حلالي پٽ پنهنجي اصولن تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو، بلڪه هاڻي
هو سنڌ جي خودمختياري ۽ سنڌ جي آزادي جو علمبردار بڻجي ميدان
تي آيو. شهيد فاضل راهو جي شهادت کان پوءِ منشي جيئي سنڌ تحريڪ
جي باني جي ايم سيد جو خاص نور نظر بڻجي ويو، سيد جي رهنمائي ۽
شفقت منشيءَ کي وڌيڪ مضبوط ۽ اڏول انسان بنائي ڇڏيو ۽ هو هر
هنڌ، گهٽي گهٽي ۾ واهڻ وستي ۾ اهو چوندو رهندو ته:
جنگ جنگ آ ۽ منهنجي تو سان جنگ آ
پليت پير ڪر پري، هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ.
يا
هو چوندو هو ته:
تو قدمن تان قربان وڃان
اي سنڌ امان اي سنڌ امان
تو پير پڻيءَ تان گهور وڃان
اي سنڌ امان اي سنڌ امان.
جنهاڻ سومرو جهڙي مذهبي ڳوٺ ۾ جتي 99 سيڪڙو مذهبي سوچ جا
غلمبزدار آهن. جتي سنڌي ۽ انگريزي تعليم پرائڻ کي گناهه تصور
ڪيو ويو ٿي، جڏهن منشي ان عمل خلاف بغاوت ڪئي ته منشي تي ڪفر
جون فتوائون هنيون ويون ۽ منشي سان سماجي تعلقات ختم ڪرڻ جو
اعلان ڪيو ويو پر ابراهيم منشيءَ انهن سمورين مصيبتن جو هميشه
مقابلو ڪيو ۽ بااثر مقامي وڏيرن جي ظلمن خلاف سدائين سيني سپر
ٿي وڙهندو رهيو.
جيل ۾ هئڻ دوران منشيءَ جو معصوم پٽ فوت ٿي ويو پر منشي کي
سرڪار پيرول تي آزاد نه ڪيو. جنهن تي منشي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويا ۽ بي ساخته هن جي زبان مان نڪتو ته
منهنجي ڏات ڏوهاري پٽڙا
ڪاري
رات انڌاري پٽڙا.
منشي ابراهيم مرڻ گهڙي تائين سنڌ جو آواز بڻيل رهيو. منشي
ابراهيم کي پنهنجي زندگي جي آخري ٻن سالن ۾ پنج ڀيرا دل جو
دورو پيو ۽ هر وار تي قسمت هن جو ساٿ ڏنو ۽ هو بچي ويو ۽ جڏهن
هن کي ڇهون ڀيرو دل جو دورو پيو ته منشي کي ديوان مشتاق ۾ داخل
ڪيو ويو، جتي هن وٽ ايم ڪيو ايم جو وفد آيو ۽ هن کي چيائون ته
لنڊن مان الطاف حسين جو پيغام آهي ته اوهان کي دل جي علاج لاءِ
فورن لنڊن موڪليو ٿو وڃي. جنهن تي منشي سنڌ جي ناليواري پاڻي
ماهر نظير ميمڻ جي سامهون اهو چئي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو ته اهڙو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني، بس ان جي ٻئي
ڏينهن منشي کي ڇهون دل جو دورو پيو ۽ سنڌ جو هي فقير منش شاعر
هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
"هي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ
جو ٿيڻو آ سو ٿيڻو آ هڪ پير نه پوئتي ورڻو آ"
منشي فقير منش انسان هو. هن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه
ڪئي، ڄام صادق علي هن کي جڏهن پنهنجو صلاحڪار بنائڻ جي آڇ ڪئي
ته منشي اهو چئي اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي ته هو سنڌ جي عوام کي ڪهڙو
جواب ڏيندو ته منشي هڪڙو صلاحڪار ٿي پنهنجو ايمان وڪڻي ڇڏيو.
منشي وٽ صرف ٻه ايڪڙ ٻني رهي، جيڪا پڻ پاڻي جي کوٽ سبب هن جي
پٽن کان آباد ڪونه ٿئي، منشي جو خاندان انتهائي مالي مشڪلاتن
جو شڪار آهي پر سنڌ جي هن برک شاعر جي سنڌ سرڪار ڪنهن به قسم
جي مالي سهائتا نه ڪئي آهي ۽ هن جو خاندان مالي مفلسي ۽ بدحالي
جو شڪار آهي.
Uploaded on
August 3, 2008 |