|
ڪنهن عام سياسي ۽
ادبي لکڻي لاءِ ڪنهن به لکندڙ کي ايتري پرواهه نه ٿي رهي، جيتري ڪنهن تمام وڏي
شخص جي باري ۾ خيال ۽ احتياط ڪرڻو پوي ٿو، پر ان کان به پنج قدم اڳتي اهو ڪيڏو
نه باريڪ، ڏکيو،نازڪ ۽ سنجيده موضوع هجي ٿو جڏهن هن دنيا جي عجب جهڙي سماجي
ماهر۽ معالج ، اڳواڻ ، انقلابي، انسان دوست، عالمگير شخصيت، زمين آسمان لوڏيندڙ
نظرئي دان، فلسفي، ذات پات، قبيلي ۽ قوم جي حسابن کان آزاد ، هڪ امين، هڪ
واپاري، هڪ جنگي جرنيل، هڪ سياستدان، هڪ مقرر، هڪ مبلغ، غلامن جي محافظ، عورتن
جي نمائيندي، هڪ منصف ۽ انسانذات ۾ موجود هزارين بيش بها گڻن جي مالڪ لکين
ڪروڙين انسانن مان رڳو هڪڙي هيري حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي باري ۾
لکجي ٿو.
پاڻ جڏهن پيغمبر
نه هئا ته به ”امين“ هئا. سندن ساري ڄمار بنا ڪنهن ڍنڍوري جي هڪ اهڙي سماج
ڏيڻ لاءِ گذري جنهن لاءِ ان زماني جي ماڻهن توڙي عالمن جي خيال بابت ڪو به مواد
نه ٿو ملي. سندن زندگي جو لب لباب پڙھڻ (ا قراءَ) کان شروع ٿي آخري خطبي (
متڀيد کان پاڪ انسانيت جي بافضيلت وجود) تي پورو ٿئي ٿو. ھڪ اھڙو شخص جنهن کي
ٻار، عورتون، غلام ، جانور، گل، فصل، سياحت، واپار، هرگهڙي ڪجهه نه ڪجهه سوچڻ ۽
ان لاءِ عمل ڪرڻ وڻي ٿو. هو وعدي جو پڪو، بيپناھ سخي، دشمن کي به معاف ڪرڻ وارو
۽ يتيمن ۽ بيواھن جي دستگيري ڪرڻ وارو. هو قريش جي اھم شاخ بني هاشم سان
تعلق باوجود ڪنهن به ٺٺ ٺانگر کان بي نيازانسانن وانگر اٿي ويهي ٿو، سوچي ٿو،
سماجي ريتن رسمن، شاعري ۽ ڪهاڻيون ٻڌڻ بابت محو ۽ ان جي تهه تائين پهچڻ لاءِ
سرگردان رهي ٿو
. انسانذات اڄ
تائين اهڙو هڪ به شخص پيدا نه ڪيو آهي جنهن جي نگاه ايندڙ هزارين ورهين جي
سماجن تي پوندڙ هجي، جيڪو پنهنجي ان وقت جي بيمار سماج جو عملي مخالف ھجي، جيڪو
اڳتي وڌڻ به ڄاڻي ۽ پوئتي هٽڻ به ڄاڻي، جيڪو مذهبي به هجي ۽ سيڪيولر به هجي.
جيڪو مديني ڏانهن مارچ دوران به پنهنجي نياڻي بي بي زينب جي شادي جي ڪاڄ واري
سماجي رسم کي جنگ جي حالت ۾ به ملتوي نه ڪري ۽ جنگ ۾ سندس نياڻي جي ان ئي غير
مسلم ور کي گرفتار ڪرڻ کي عام قانون سمجهي ۽ ڪنهن به اقرباپروري جي برخلاف وري
ايڪشن به کڻي. جيڪو مڪي جي ماڻهن جي ظلم ۽ زيادتين خلاف مقابلو به ڪري، اڳتي
به وڌي، پوئتي به هٽي، ”لڪم دينڪم ولي الدين“ ( توهانجو دين توهان لاءِ ۽
اسانجو دين اسان لاءِ) جي آفاقي ڳالهه ڪري ٿو. جيڪو پنهنجي ساٿين جي بچاءَ لاءِ
دنيا جي ملڪن سان سفارتي لاڳاپا رکي انهن کي اتي جي پناهن ۾ رکي انهن جو وجود
بچائي. جيڪو پنهنجي خاندان کي مال ۽ ملڪيت، مال غنيمت ۽ دولت گڏ ڪرڻ يا ان کي
سنڀالڻ جي عهديداري نه ڏئي، جيڪو پنهنجي پياري کان پياري زال توڙي اولاد کي به
صحيح رستي تي هلڻ جي ڏس ڏئي. 12 ورهين جي ڄمار ۾ واپار واسطي نڪتل ان نئين
ٽهيءَ جي نوجوان جي گفتار، ايمانداري ۽ امانت تمام گهڻو متاثر ڪندڙ ۽ اتر جي
ملڪن شام ، اسپين وغيره ۾ هن جي ايمانداري ان زماني جو مشهور قصو هيو. اها
ايمانداري عرب سماج ۾ موجود ”ڪٺورتا“ ۽ ”بي ايماني“ خلاف عملي احتجاج ۽ مزاحمت
هئي. جنهن عربستان کان ٻاهرين واپارين کي متاثر ڪيو ۽ هو پنهنجي نالي سان گهٽ
پر ”امين“ سان وڌيڪ پڪارجڻ لڳو.
هن 25 ورهين جي
ايماندار واپاري جي حيثيت ۾ پنهنجي سئوٽاڻي سئوٽ ، قريش قبيلي جي حضرت خديجه
بنت خويلد جي واپاري مامرن ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. هو اتر جي ملڪن شام، حبش
ڏانهن مال وڪرو ڪري واپسي تي نفعو پهچائيندو هو. بيوهه حضرت خديجه رضه کي ازحد
متاثر ڪندي ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ اتساهيو. اها شادي حضور صلعم جي 25 ورهين ۾
پهرين شادي هئي. جنهن مان کين ست ٻار يعني ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون پيدا ٿيون.
سندن ُپٽاڻو اولاد ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويو. قبيلائي سسٽم ۾ پٽ جي اولاد واري کوٽ
پوري ڪرڻ لاءِ حضور جن هڪ غلام زيد بن حارث کي پنهنجو پٽ بڻايو. ان وسيلي هن
غلامن جو مرتبو پنهنجي اولاد جهڙو ڪري ڏيکاريو. سندن چار نياڻيون بي بي زينب
رضه، بي بي رقيه رضه، بي بي فاطم رضه، بي بي ام ڪلثوم رضه ان ساڳي ڪسمپرسي ۾
”حال پريان نال“ رهيون.
هن کي پنجن ورهين
۾ والده بي بي آمنه رضه جي وفات، اٺن ورهين ۾ ڏاڏي عبدالمطلب جي وفات ۽ 49 هين
سال ۾ سندن زبردست مددگار ، زال، ۽ سندس پيغام اتر ۽ ڏکڻ جي ملڪن ۾ پهچائڻ جو
انتظام ڪندڙ بي بي خديجه ڪبريٰ رضه ۽ چاچي حضرت ابو طالب جي وفات تي ذهني صدمو
رسيو هو.. حضرت ابو طالب جي لاءِ مشهور آهي ته هو هميشه ان ڳالهه جو قائل هو ته
”ماڻهو ايترو به سخت نه هجي جو ٽٽي پوي ۽ ايترو به نرم نه ٿئي جو کيس ٻيا هضم
ڪري وڃن“. عراق جي شهر بصره ۾ حضرت محمد صلعم جي ٻارنھن سالن ۾ سڃاڻپ اتي جي
اھلِ نظر عالمن آخري نبي طور ڪئي ۽ حضرت ابوطالب کي اهو مشورو ڏنو ته ”پنهنجي
ڀائيٽي جو خاص خيال ۽ تربيت ڪري“ .
جتي عورتن کي جيئري
دفن ڪرڻ جي رسم زنده هجي اتي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم عورتن کي مردن
جي ملڪيت ۾ وراثت جو حق ڏياريو. اھڙو قانون عورتن جي حقن جي چئمپين سڏائيندڙ
يورپ ۾ به رڳو اوڻويھين صدي ۾، تيرنھن سؤ سال پوءِ، ٺاھيو ويو. سڄي انسانذات
جي اڌ کان مٿي آبادي جي بچاءَ، قانوني تحفظ ۽ هڪجهڙن موقعن ملڻ جو جيڪو قانون
هو پندرنھن سؤ سال اڳ ڏئي ويو اھو ايڪويھين صدي ۾ به اوترو ئي مؤثر ثابت ٿيو
آھي . هن بادشاھي ۽ اقتدار ملڻ کان پوءِ به مسڪيني نه ڇڏي ۽ رھڻ ڪھڻ اھو ئي
رکيائون جيڪو ان وقت جي عرب جي ڪنھن عام مسڪين جھڙو ھو. هن جنگيون خونريزي ۽
لشڪرڪشي يا وسيلن لٽڻ لاءِ نه ڪيون پر هن مجبوري جي حالت ۾ اهي جنگيون ڪري گهٽ
۾ گهٽ جاني نقصان جي خاص تلقين ڪئي. اھو ئي سبب آھي جو سندن حياتي ۾ لڳل سڀني
جنگين ۾ ڪي چند سؤ ماڻھو ئي اجل جو شڪار ٿيا.
1400 ورهيه اڳ سندن
ڏنل عظيم انساني چارٽر ”حلف الفضل” گڏيل قومن پاران 1989ع ۾ ”انساني حقن جي
ڊيسڪ“ واري ڪم کان گھڻو مختلف نه ھو. هن عرب جنگجوئن جي سپهه سالاري ۽ جنگي
ذهنيت کي مٿڀرو پيش ڪرڻ ۽ غير عربين کي گهٽ ڏيکارڻ بدران ”عرب ۽ عجم“ ۽ نسلي
فرقن جي خاتمي لاءِ ” گوري ۽ ڪاري“ ۾ هڪجهڙائي جو فلسفو ڏنو. هن علم کي عورتن ۽
مردن لاءِ ضروري ۽ ڄمڻ کان مرڻ تائين لازمي ٺهرايو.
632ع تي انسانذات
کي هڪ نئين سماج جو خواب ۽ ان جي عملي ابتدا ڏئي، مڪي جي سختگير غلامانه ماحول
۽ فضا ۾ ڄاول حضرت محمد صلعم مديني ۾ وفات ڪئي. سندن سڄي پورهئي، علمي ۽ عقلي
ڪاوشن، عملي طور پاڻ مڃائڻ جهڙن عظيم ترين ڪارنامن ۽ سورهيائين جي ڪري اسان اڄ
به موجود آهيون. جتي به انسانيت، علم، نيڪي ۽ عشق جي عزت جو ذڪر نڪرندو، جتي به
انسان ذات جي اجهامندڙ ڏيئي جي جوت وڌائڻ جو ذڪر نڪري ٿو، جتي به غلامن جي تحفظ
جي، دشمن کي بخشڻ جي، قبيلائي سسٽم جي تباهي جي، ايمانداري، نيڪي ۽ بهادري جي
ڳالهه نڪري ٿي اتي سڄي دنيا يڪ زبان هڪڙو ئي نالو وٺي ٿي. حضرت محمد صه
نوبل پرائيز فلسفي،
برٽرينڊ رسل چيو هو ته ”جي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي سڄي دنيا جو اڪيلو
بادشاهه بڻايو وڃي ها ته نه رڳو هو اها دنيا هلائي ڏيکاري ها پر ڪيئي مرض،
تڪرار، جهيڙا جهڳڙا اڄ موجود ئي نه هجن ها.“
اڄ جڏھن دنيا وري
ھڪ خطرناڪ اخلاقي ۽ علمي بحران جو شڪار آھي ۽ گذريل صدين جي چڱن مٺن تجربن مان
انسانذات ڊنل منھن کڻي ٻاھر نڪتي آھي ته تاريخ جو اشارو وري به ان عظيم رول
ماڊل جي طرف آھي بقول لطيف سائين،
جکرو جس کرو ٻيا
مڙوئي ڄام
مٽي ان مقام اصل
هئي ايتري.
حضرت محمد صه جي زندگي جا اھم واقعا
570ع : ولادت : 12
ربيع الاول (20 اپريل)
575ع : والده بي بي
آمنا بنت وهب جي وفات
578ع : ڏاڏي
عبدالمطلب جي وفات
578ع: چاچي
ابوطالب جي نگراني ۾ پرورش دوران ٻاراڻي وهيءَ ۾ رانديون کيڏڻ، ٻڪريون چارڻ
وغيره جا تجربا
582ع: پهريون ڀيرو
شام ۽ بصره (عراق) ڏانهن پنهنجي چاچي سان واپاري سفر ۽ بصره ۾ اھل ِنظر عالمن
۽ واپارين سان ملاقاتون. واپار ۾ ايمانداري جي ڪري مشهوري ماڻڻ ۽ ”امين، جو لقب
حاصل ڪرڻ
594ع : حضرت خديجه
رضه بنت خويلد پاران واپار واسطي اتر جي ملڪن جا سفر
595ع : بي بي خديجه
رضه پاران آڇ کانپوءِ شادي.
609ع تائين ٽن پٽن
سميت ستن نياڻين جي ولادت. پٽن جو اولاد نه بچي سگهيو.
597ع: سندن وڏي
نياڻي زينب رضه جي ولادت
605ع: بي بي فاطمه
زهرا رضه جي ولادت
610ع کان 619ع :
مڪي ۾ اسلام جي تبليغ جي ابتدا، ڦهلاءَ، واڌاري، مزاحمت ، نفرتن ۽ تشدد سهڻ جا
سال.
610ع کان 632ع
تائين : غار حرا ۾ پهرين وحي ”اقرا“ (پڙهڻ) جي سمجهه اچڻ کان وفات تائين قرآن
شريف جو اظهار
619ع: بي بي خديجه
رضه ۽ حضرت ابو طالب جي وفات
622ع: مڪي ۾ سندن
پيغام خلاف قريش ۽ ٻين جنگجو قبيلن جي مزاحمت وڌڻ سبب سندن حمايتين جي حبش ۽
مديني (يثرب) ڏانهن هجرت
624ع: جنگ بدر
625ع: جنگ احد
627ع: جنگ خندق
628ع: صلح حديبيه
630ع: مڪي ڏانهن
مارچ ۽ بنا مزاحمت جي مڪي جي فتح. ڪٽر مخالفن لاءِ عام معافي جو اعلان
631ع: سندن نياڻي
ام ڪلثوم رضه جي ولادت
632ع؛ آخري حج لاءِ
مديني کان مڪي جو سفر
632ع: جبل عرفات تي
انسانذات جي وجود، افزائش، عورت ۽ مرد جي فرق بنا موقعن ملڻ، عرب ۽ عجم ۽ گوري
۽ ڪاري چمڙي ۾ موجود متڀيد خلاف آخري خطبو
8جون 632ع: مديني ۾
پنهنجي گهر ۾ وفات. سندن ملڪيت ۾ اها مسجد جنهن ۾ رهندا هئا ۽ جتي سندن تدفين
ٿي، ”جو“ جا ڪجهه داڻا، مختلف ملڪن جي سربراهن کان مليل قيمتي پر ۽ ڪڏهن به
استعمال نه ڪيل لباس مليا. سندن وفات واري ڏينھن سندن گھر ۾ ڏيئي ۾ تيل نه ھو
۽ سندن گھر وارن پاڙي مان اُڌارو تيل کڻي سندن گھر ۾ روشني ڪئي. |