سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

غربت جي ڏوهه ۾ مرندڙ ماڻهو!!

 

"بکايل ٻارڙين جون ڪيهون ٻـُـڌي زال ۽ مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو." اها رڳو هڪ خبر ناهي، اهو درد جو اهڙو طوفان آهي، جنهن هر اهل دل انسان کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. ٺٽي لڳ صوفي شاهه عنايت شهيد جي نگري ۾ رات جو بکئي پيٽ سـُــتل ٻارڙين جون صبح جي مانيءَ لاءِ رڙيون ٻـُـڌي جمعو ڪولهي گهر ڇڏي هليو ويو، جنهن کانپوءِ ٻارڙين جي ماءُ کان پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي بک ڏٺي نه ٿي ۽ بيوسي سبب پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيو. گهر پهچڻ تي زال جو ڦاهي ۾ جهولندڙ لاش ڏسي جمعي ڪولهي به ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

بدترين مهانگائي ۽ غربت ماڻهن کي موت ڏانهن ڌڪي رهي آهي. هن ديس جا الائي ڪيترا ماڻهو روزانو پيٽ بکئي سمهي رهن ٿا! بک، بدحالي ۽ بيوسي سبب موت جي ويجهو وڃي رهيا آهن. اسان جي چونڊيل حڪومت اڃان تائين گذريل حڪومت جي غلط پاليسين جو حوالو ڏئي رهي آهي. وزيراعظم پاران اعلانيل حڪومت جي پهرين سؤ ڏينهن واري ايجنڊا جو وقت به پورو ٿي ويو پر ڪابه اڳڀرائي سامهون اچي نه سگهي. ڳالهين ۽ دعوائن جي حد تائين ڪافي تبديلي نظر اچي پئي پر عوام جي رليف لاءِ عملي طور تي ڪوبه ڪارنامو عمل ۾ اچي نه سگهيو آهي. نئين نئين حڪومت ٺهي ته سڀني کي اميد هئي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ تبديلي به نظر ايندي. شروعاتي ڏينهن ۾ اهو ئي تصور ڪيو پئي ويو ته تبديلي تڏهن ئي ممڪن بڻبي جڏهن نئين حڪومت معاملن جي تهه تائين پهچندي، انتظار به ڪافي ٿي ويو، هاڻي جڏهن صورتحال مايوسي ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو آهي ته هر اهو ماڻهو تڪليف محسوس ڪري رهيو آهي جيڪو تبديلي جو خواهشمند ئي نه هئو پر اُن تبديلي لاءِ عملي جدوجهد ۾ به شامل هـُـئو. اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي ته تازين چونڊن ۾ عوام جنهن جوش ۽ جذبي سان پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو اُن حڪومت ۾ آيل قيادت کان به اهڙي ئي موٽ جي اميد ڪئي هـُـئي. هاڻي جيڪڏهن اميدون مايوسين ۾ تبديل ٿيون ٿين ته صورتحال ڪهڙو رُخ اختيار ڪري سگهي ٿي؟ اُن جي وضاحت ڪرڻ ضروري ڪونهي. تازو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزير ٽرانسپورٽ رٿ پيش ڪئي آهي ته،"اسيمبلي ميمبرن کي سرڪاري گاڏيون ڏنيون وڃن." اسپيڪر صاحب چيو ته،"ميمبرن کي اهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن جنهن سان اُنهن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي، کين ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر مهيا ڪيا وڃن." ٻنهين تجويزن تي اسيمبلي ۾ ڊيسڪون وڄائي تائيد ڪئي ويئي هئي. اسيمبلي ميمبرن، وزيرن ۽ صلاحڪارن کي سهولتون ته ڀلي ڏنيون وڃن ڪنهن کي ڪوبه اعتراض ڪونهي پر حڪومت پاران عام ماڻهو کي ڪابه سهولت نه پئي ملي اها تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. عوام ڪافي انتظار ڪيو آهي، هاڻي پوئين حڪومت جي ناڪاره پاليسين تي ڳالهائڻ به وقت جو زيان آهي. پوين جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رڪارڊ جو حصو ٿي ويو، انهن غلط پاليسين کي بنياد بڻائي پاڻ کي ذميوارين کان آجو ڪري نه ٿو سگهجي. هــُـنن جون پاليسيون ۽ عمل غلط هـُـئا اهو رڳو ڳالهين سان نه  پر عملي طور تي به ثابت ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عملي طور تي اهو ثابت نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ گذريل حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي پاليسين ۾ ڪوبه فرق محسوس نه ڪيو ويندو.

30 جون تي حڪومت پاران گئس جي قيمتن ۾ 31 سيڪڙو واڌ ڪري سڄي ملڪ کي حيران ۽ پريشان ڪيو ويو. سي اين جي قيمتن ۾ هڪدم 13 روپيا ڪلو تي واڌ اچي ويئي. اعلان ٿيندي ئي سي اين جي جو وڪرو نئين اگهه مطابق ٿيڻ لڳو. ٻئي ڏينهن تي خبر پئي ته 13 روپين جي واڌاري جو اعلان غلطي هئي حقيقت ۾ سي اين جي قيمت ۾ 4 روپيا 30 پئسا واڌارو آندو ويو آهي. عوام جا ڪروڙين روپيا هڪ غلطي جي نظر ٿي ويا. اُن عجيب قسم جي غلطي جي وضاحت به چڱي طرح سامهون نه آئي هئي ته ٽئين ڏينهن تي خبر آئي ته سي اين جي قيمت ۾ 9 روپين جو واڌارو ڪيو ويو آهي. 4 روپيا 30 پئسن واري خبر به غلط هـُـئي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته عوام سان ڪهڙو مذاق ٿي رهيو آهي. اهي ماڻهو حڪومتي ادارا ڪيئن ٿا هلائن جن کي احساس ئي ناهي ته سندن غلطين ۽ نااهلين جي ڪري عوام ڪيترو ڀوڳي ٿو!؟ لاپرواهي ۽ نااهلي جي انتها آهي حڪومت ۾ ڀلي کانئن ڪوبه پڇڻ وارو نه هـُـجي پر اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته عوام پڇاڻي جو پورو پورو حق رکي ٿي. ادارا، نظام ۽ ملڪ ايئن ناهن هلندا! حڪومتي ڪرسين تي ويٺل سڀئي ماڻهو، عوام جي ووٽ واري طاقت سان اُتي پهتا آهن، هاڻي اهي عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بجائي غلطين جو ورجاءُ قائم ٿا رکن ته ان سان ڄڻ ته هو هٿ سان پنهنجو سياسي مستقبل داءُ تي لڳائن ٿا.

تيل جا اگهه سؤ روپيا ليٽر تائين پهچڻ وارا آهن. يوٽيلٽي اسٽورن تي ملندڙ اٽي، دال ۽ چانورن جي اگهن ۾ 13 کان 65 روپين تائين واڌارو اچي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق تيل ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌڻ سبب غربت اڃان وڌندي، حڪومت پاران رليف پيڪيج جي اعلان بجاءِ اهي بيان اچي رهيا آهن ته "جلد ئي بجلي جي اگهن ۾ واڌارو ڪيو ويندو. عوام ذهني طور تي تيار رهي." ٽي هزار روپيه ماهوار ڪمائيندڙ هڪ مزدور مهانگائي کان تنگ اچي چيو ته،"حڪومت غريب ماڻهن لاءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ زهر ڏئي اسان جو مسئلو سدائين لاءِ حل ڪري ڇڏي."

ڳالهيون ڏاڍيون خوبصورت، دلاسا اهڙا ڄڻ سڀاڻي جو سج اڀرڻ سان انقلاب اچي ويندو پر مسئلن ۽ مونجهارن ۾ مسلسل واڌارو ئي ايندو رهي ٿو. هاڻي ته حڪومت ۾ شامل ڌرين به ڳڻتي ظاهر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. تازو ئي مخدوم امين فهيم چيو آهي ته،"عوام مهانگائي، لوڊ شيڊنگ ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، حڪومت کي رڳو ڳالهيون نه پر عملي طور تي عوام جي رليف لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي." نواز شريف اعتراف ڪيو آهي ته،"چونڊن کانپوءِ حالتن ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي."

اسين عوامي حڪومت جا ڳـڻ ڳائي ڳائي ٿڪجي پيا آهيون پر اها هينئر تائين عوام جي حالت ۾ ڪابه تبديلي آڻي نه سگهي آهي. مهانگائي عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ۽ حڪومت اها خوشخبري ڏئي رهي آهي ته جلد ئي بجلي جي قيمتن ۾ واڌارو ڪيو ويندو. ڪالهه اها خبر آئي ته،"حڪومت کاڌ خوراڪ جون شيون خريد نه ڪري سگهندڙن کي رليف ڏيندي. اُن سلسلي ۾ جامع پروگرام جوڙيو پيو وڃي." ٿورڙي وقت ۾ جنهن تيزيءَ سان مهانگائي وڌي آهي اُن ۾ آباديءَ جو 95 سيڪڙو بنيادي ضرورت واريون شيون خريد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. هر شئي جا اگهه سؤ سيڪڙو کان به وڌي ويا آهن. نئين بجيٽ ۾ ڪافي شين تي سبسڊي به ختم ڪئي ويئي آهي. عوام جي سهوليت لاءِ اُنهن شين تي سبسڊي وڌائڻ جي ضرورت هــُـئي پر اُن جي ابتڙ فيصلو ڪري عام ماڻهوءَ جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪيو  ويو. اُن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته نئين حڪومت جي سامهون وڏا چئلينج آهن پر ساڳئي وقت اها به حقيقت آهي ته حڪومتي ڌرين اهو چئلينج نه رڳو قبول ڪيو هئو پر عوام کي بحرانن مان ڪڍڻ ۽ نئون نظام ڏيڻ جو واعدو به ڪيو هـُـئو. حڪومت ۾ شامل ڌريون ڪالهه تائين مخالف ڌر ۾ هيون ته مهانگائي سميت سڀني عوامي معاملن تي آواز اٿارينديون رهيون پر اڄ اهي ساڳيون ڌريون پاڻ حڪومت ۾ هوندي ساڳيو طريقيڪار ورجائي رهيون آهن. عوام جنهن جذبي سان تبديلي جو رستو هموار ڪيو اُن کي هن نئين حڪومت طرفان هينئر تائين ڪجهه به پلئه پئجي نه سگهيو آهي. ڇا اهو ڪنهن الميئي کان گهٽ آهي!؟

مهانگائي، لوڊ شيڊنگ ۽ ٻين مسئلن ۾ گهٽتائي اچڻ بجائي واڌارو آيو آهي ۽ بتدريج واڌارو ايندو رهي ٿو. حڪومت جون مجبوريون پنهنجي جاءِ تي پر عوام کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ حڪومتي ٽئڪسن ۾ گهٽتائي آڻي شين جي قيمتن کي بئلينس ڪرڻ ته حڪومت جي هٿ وس آهي. عوامي مسئلن ۾ گهٽتائي نه اچڻ جي صورت ۾ عوام ته عذاب ۾ مبتلا رهندو ئي پر خود حڪومت لاءِ به تمام گهڻا مونجهارا پئدا ٿيڻ جا امڪان آهن. رمضان شريف جي آمد ۾ اڃان 2 مهينا پيا آهن پر اڳ ۾ ئي اهو چيو پيو وڃي ته رمضان جي آمد سان مهانگائي ۾ اڃان واڌارو ايندو، کنڊ جي قيمت ۾ في ڪلو 12 روپيا واڌاري جا امڪان آهن.

گذريل حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ۽ ڪوڙن دلاسن ڏيڻ بجاءِ هن عوامي حڪومت کي فوري طور تي عوامي رليف پئڪيج آڻڻو پوندو ڇو ته عوامي مسئلن ۾ واڌارو حڪومت جي ناڪامي تصور ڪئي ويندي. اُن کان اڳ  جو جهوڪ شريف ويجهو ٿيل واقعي جو ورجاءُ ٿئي حڪومت کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ گهرجن.

Uploaded on 05 July 2008

www.mehranmag.com

 

 

Name

Murtaza Sayal

مرتضيٰ سيال

Profession

writer

Contact

murtazasiyal@yahoo.com

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Articles

مايوسي ۽ خودڪشي ۾ ڪوبه فرق ناهي هوندو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan