www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

 

اسين به رهون ٿا ڏور ديس ۾ سنڌي ٻوليءَ  وانگر

 

اڄ مونکي هي ڪالم لکندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته ٽورانٽو جي خوبصورت شهر ۾ سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا، سانا ٽورانٽو چيپٽر جو ساليانو فنڪشن گريٽر ٽورانٽو جي ئي هڪ ٻئي خوبصورت شهر مارکم جي هڪ ڪميونٽي سينٽر ۾ 14 جون 2008ع تي ڪئناڊا جي انتهائي مختصر اونهاري جي پرفضا ڏينهن دؤران ٿي گذريو.

سنڌي رڳو ٻوليءَ جو نالو ناهي، پر اها سنڌو ماٿريءَ جي هزارين سال پراڻي تهذيب جو به نالو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به تهذيب جا فرزند چاهين ته پوءِ اها تهذيب ختم نه پر پروان چڙهي ٿي. انسان کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ هر صورت ۾ زبان ياٻوليءَ جو سهارو وٺڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي. مطلب ته اسان جي ٻولي ئي اسان جي خيالن جو وسيلو آهي. ٻولي ڪنهن به قوم جي ثقافت جو مڪمل آئينو هوندي آهي. قومون ۽ ٻوليون فطرت جي تاريخي ۽ ڊگهن سلسلن مان جنم وٺنديون آهن. اسين جڏهن به ڪنهن قوم جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ معلومات گڏ ڪنداسين ته پوءِ ان لاءِ اسان جو ان جي ٻولي سان واسطو پوندو. تنهنڪري چئي سگهون ٿا ته قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪنهن به قوم جو مڪمل تعارف ان قوم جي ٻولي ئي ٿئي ٿي. ساڳي ريت مان جيڪڏهن ائين چوان ته سانا SANA نارٿ آمريڪا (آمريڪا ۽ ڪئناڊا) ۾ رهندڙ سنڌين طرفان سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي تشخص جي نشاني ۽ علامت آهي ته شايد غلط نه ٿيندو.

ميلڪن ڪميونٽي سينٽر جتي ساليانو فنڪشن ٿيو ان جي اسٽيج کي اجرڪ ۽ بئينر، جنهن تي سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا لکيل هو سان سجايو ويو هو. ان موقعي تي سانا جي ٽي اي چيپٽر جي صدر خير محمد ڪولاچي پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل معزز مهمانن ۽ خاص طور تي فنڪشن جي چيف گيسٽ آنريبل جيڪ ليٽن Jack Laton جيڪو نه رڳو ميمبر آف پارليامينٽ آهي،  پر ان سان گڏوگڏ ڪئناڊا جي ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏي پارٽي نيو ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو سربراهه ۽ پاپولر عوامي اڳواڻ پڻ آهي. اصل ۾ نيو ڊيموڪرٽڪ پارٽي کاٻي پاسي لاڙو رکندڙ پارٽي آهي. موجوده ڪنزرويٽو گورنمينٽ جي ڀيٽ ۾ نيو ڊيموڪريٽڪ پارٽي NDP جون پاليسيون ڪافي حد تائين پورهيت دوست ۽ انسان دوست آهن.

ڪئناڊا ۾ عام طور تي سياستدان، اسان جي سياستدانن وانگر امير، مالدار ۽ عجيب ۽ غريب مخلوق ڪو نه آهن. اسان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وزيرن باتدبيرن، سيڪريٽرين، انجنيئرن ۽ ٻين وڏن آفيسرن کي ته ڇڏيو، اهي ته آهن ئي اسان جا اَن داتا ۽ ديوتا. پر هتي ته تپيدار، آبادگار ۽ ڪلارڪن تائين اهڙا آهن جو اهي عام ماڻهو کي وائڙو ڪري ائين رُلائين ٿا ڄڻڪ اهي نه رڳو اسان جا آقا هجن بلڪ اهڙي  ڪا آسماني مخلوق هجن جن سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ جنم نه ورتو هجي بلڪ آسمان مان ڊائريڪٽ سنڌ جي زمين تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ لينڊ ڪيو هجين. اتي ڪئناڊا ۾ انجنيئر جو مطلب اهو آهي ته ڪم م مصروفيت سبب سندس هٿ ۽ ڪپڙا ميرا ٿيل هجن. پر اسان وٽ وري انجنيئر جو مطلب هي آهي ته هڪ اهڙو ته آسماني اوتار جيڪو ٿڌي ڪمري ۾ ويهي بندوق ۽ پستول ڏيکارڻ کان سواءِ ئي سڄي ملڪ کي لٽي ڦري ڀينگ ڪرڻ جو ماهر هجي ۽ پوءِ به سندس پيٽ نه ڀرجي.

سائين گهنشام راجاڻي جيڪو تمام مهربان انسان آهي، تنهن فنڪشن دؤران ڪچهري ۾ ٻڌايو ته پاڻ جڏهن سنڌ کي خيرباد چئي ڪئناڊا اچي رهيو هو ته کيس سندس ئي ڪنهن رشتيدار چيو ته ادا ڏاڍي شرم جهڙي ڳالهه آهي جو توهان ڄاوا سنڌ ۾، وڏا ٿيا سنڌ ۾،  کاڌو سنڌ جو ۽ هاڻي جڏهن پڙهي لکي قابل ٿيا آهيو ته سنڌ کي ڇڏي پيا وڃو. سائين گهنشام وڌيڪ ٻڌايو ته مون پنهنجي ان مائٽ کي چيو ته کڻي آئون اهو مڃان به ته مان وطن کي ڇڏي غلط پيو ڪيان، جنهن جو مونکي پنهنجو پاڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي ڏک هوندو. پر رڳو تون اهو ٻڌاءَ ته هائي وي ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر جي حيثيت سان تنهنجي پگهار ڪيتري آهي؟ توکي هن کاتي ۾ نوڪري ڪندي ڪل ٽي سال ٿيا آهن پوءِ به  ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چار چار سئو والن جا هي  ٻه بنگلا ۽ هي نئين ماڊل جي ٽويوٽا ڪرولا ڪار ورتي اٿئي، اهي تنهنجي ٽن سالن جا گڏيل پگهار ته ڇڏيو بلڪ تنهنجي 25 سالن جي پگهار کان به وڌيڪ قيمت جا آهن. هاڻي رڳو تون اهو ٻڌاءِ ته اها ڪهڙي سنڌ جي خدمت ٿي جيڪا تون ڪري رهيو آهين. آئون سنڌ کي الواع چئي ته غلط پيو ڪريان، پر پوءِ به سنڌ کي لٽي، ڦري ناس ڪرڻ جهڙو وڏو ڏوهه ته ڪو نه ڪيو اٿم. اتي ڪئناڊا ۾ غريب هوندس، مزدور هوندس پر پوءِ به هتان جي ڦورو ۽ ظالم نوڪرشاهي جي عذاب کان ته گهٽ ۾ گهٽ بچيل هوندس.

اتي ڪئناڊا ۾ سياستدان مالدار نه هئڻ سبب هڪ ته اليڪشن جو خرچ ماڻهن کان ملندڙ چندي مان پورو ڪن ٿا، ٻيو ته چندي وصول ڪرڻ جي به قانوني حد مقرر ڪيل آهي، جنهن جي پارٽي باقاعدي پڪي رسيد ڏئي ٿي. جنهن جي ڏيکارڻ تي اتان جي ماڻهن کي انڪم ٽيڪس ۾ بچت ٿئي ٿي. تنهنڪري اتي سياست ۽ سياسي چندو  صاف  شفاف ۽ نيڪ ڪم آهن. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي اتي رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ان  سلسلي ۾ ڏاڍي ڪنجوس آهي. نه رڳو اهو بلڪ اسين ته سانا جي سالياني في ڏيڻ کان به لهرائي وڃون ٿا. سنڌي ڪئناڊا ۾ رهندڙ ٻين ڪميونٽين جي ڀيٽ ۾ ڀلي غريب آهن پر هاڻي اهڙا به غريب نه ناهن جو سال ۾ هڪ دفعو به  في طور معمولي رقم ادا نه ڪري سگهن. جڏهن ته کين اها به چڱي طرح خبر آهي ته هاڻي ڪئناڊا ئي سندن ٻيو وطن، ملڪ ۽ پناهگاهه آهي. تنهنڪري اتان جي موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪميونٽيءَ طور گڏجي ڪم ڪجي. پر کانئن مسئلو هي آهي ته سندن دل هر وقت هتي سنڌ ۾ ئي اٽڪيل رهي ٿي، سندن دل ته بس سنڌ کان اڳيان ڪجهه به سوچڻ لاءِ ٿيار ناهي. ائين به ڪونهي ته کين ڪئناڊا عزيز ڪونهي پر پوءِ به سندن دل ۽ دماغ ۾سنڌ ئي سمايل آهي.

اهو ئي سبب آهي جو اهي هر روز انٽرنيٽ تي آن لائن عبرت ۽ ٻيون سنڌي اخبارون باقاعدگيءَ سان پڙهن ٿا. عبرت ۾ منهنجا ڇپجندڙ ڪالم ڏاڍي غور ۽ ويچار سان پڙهن ٿا ۽ پوءِ انهن تي پنهنجي پنهنجي راءِ کان به آگاهه ڪندا آهن. مونکي جڏهن به وقت ملندو آهي ۽ مان جڏهن به ڪميونٽيءَ جي ڪنهن فنڪشن ۾ ويندو آهيان ته سڀ دوست عبرت جو ڪالم نويس هجڻ سبب ايترو پيار ۽ اهميت ڏيندا آهن جو صفا ٿڪ لهي ويندا آهن ۽ دل باغ بهار ٿي ويندي آهي. اتي فنڪشن ۾ ميريلن شرليءَ سان ويٺي ڪچهري ڪيم ته اتي ڪئناڊا ۾ ديسي ڪميونٽي جي ٽي وي چئنل ATN جي نمائندي اچي چيو ته  توهان جو انٽرويو وٺڻو آهي. مون کيس چيم ته ادا توهان کي انٽرويو وٺڻو ئي آهي ته خير محمد ڪولاچي صاحب جو انٽرويو وٺو. اهو سانا ٽورانٽو جو صدر آهي، ته  ان مونکي چيو ته سائين ڪولاچي صاحب جو ته انٽرويو وٺنداسين، پر توهان کي به انٽرويو ڏيڻو پوندو، ڇو جو اسان ٻڌو آهي ته توهان سنڌ جا وڏا ليکڪ قسم جا انسان آهيو. دل ۾ ته ان ڳالهه تي ڏاڍي کل آئي ته ڌوڙ ليکڪ آهيان. پر ان نمائندي کي چيم ته ادا ليکڪ وغيره ته ڪو نه آهيان پر مڙئي ڌُڪا سُڪا هڻي انڌو منڊو ڪالم لکندو آهيان. اها دوستن جي همٿ افزائي ۽ پڙهندڙن جي مهرباني آهي جو ڪالم پڙهڻ کانپوءِ به برداشت ڪن ٿا. نه ته منهنجي هي کوپڙي نه پر دٻي جي ٺڪري آهي! بهرحال پوءِ ATN اڳيان مون چيڪو چيو بلڪ فرمايو سو ته هوبهو ياد ناهي ته ڇا چيم ۽ ڪهڙو گند ڪيم، پر  ٿلهي ليکي کين چيم ته جيئن درياءُ پاڻي کانسواءِ سڪي واري ٿي وڃي ٿو. مان به بلڪل تيئن ئي آهيان. سڀني دوستن ۽ سڄڻن کي هڪ ئي هنڌ ۽ هڪ ئي وقت ڏسي دل نه رڳو باغ بهار بلڪ دريا دريا ٿي پئي آهي. ڪئناڊا لاءِ چون ٿا اتي رهندڙ هر ماڻهو جا ٻه ملڪ آهن تيئن منهنجا به هاڻي ٻه وطن آهن. هڪ ڪئناڊا آهي ۽ ٻي سنڌ آهي. ٻنهي لاءِ مونکي ساڳيو پيار آهي ۽ ٻنهي لاءِ منهنجي جان به حاضر آهي. مطلب ته تڪڙ ۾صحيح يا غلط، جيڪو سجهيو ۽ جيڪو سمجهه ۾ آيو اهي چئي ٽي وي چئنل وارن مان جان ڇڏايم.

چوڻ جو مقصد اهو ته نه رڳو ڪئناڊا منهنجي پناهگاهه آهي بلڪ اهو هڪ اهڙو ته ملڪ آهي، جتي قاعدي ۽ قانون جو به مانُ مٿانهون آهي. اتي وزير اعليٰ کي عام پوليس وارو شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ تي اندر ڪري سگهي ٿو. وزير ٽرانسپورٽ کي تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائڻ تي چالان ڪري ٿو. وزير اعليٰ پنهنجي ٻارن کي آئس ڪريم وٺي ڏيڻ لاءِ آئس ڪريم وڪڻڻ واري آڏو قطار ۾ بيهي پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪري ٿو.

جيڪ لئٽن جيڪو هونئن ته ڪئناڊا جي وفاقي پارليامينٽ ۾ بيهي جڏهن دليلن سان ڳالهائيندو آهي بلڪ ائين چوان ته حڪومت جي پاليسين کي لتاڙيندو آهي ته ڪئناڊا جي وزير اعظم سميت سڄي حڪومت کي کڙڪائي ڇڏيندو آهي. سو ويچارو اتي ڪار پاڻ ڊرائيوِ ڪري سانا جي فنڪشن ۾ آيو. نه پوليس ايسڪارٽ ۽ نه ئي چاپلوسن جو هجوم ساڻس گڏ هو. پاڻ نه رڳو هر هڪ ٽيبل تي سڀني کي وڃي کيڪاريائين بلڪ کين پيش ايندڙ مسئلن جي باري ۾ به  معلوم ڪندو رهيو ته جيئن انهن مسئلن کي پنهنجي پارٽيءَ ذريعي  پارليامينٽ ۾ کڻي وڃي ۽ حل ڪرائي سگهي. جڏهن اسان سان ڳالهائي رهيو هو ته مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائندي انشاءَالله به چيائين.

ساڳيءَ ريت اڳوڻي ايم پي پي ۽ هاڻي اين ڊي پي جي بيچز ايسٽ يارڪ تان NDP پارٽيءَ جي لاءِ پارليامينٽ جي اميدوار ميريلن شرلي Marilyn Churley آخر تائين فنڪشن ۾ ويٺي رهي ۽ ڪافي ڳالهين تي ڪچهري به ڪندي رهي. ان موقعي تي مون ۽ سائين پيتامبر کانئس انڊس ايشيا آن لائن انٽرويو به ورتو، جيڪو نه رڳو خوشي سان ڏنائين بلڪ هر هڪ سوال جو چڱي ۽ پيرائتي پر سلڇڻي انداز سان جواب به ڏنائين. سچي ۽ سادي وري اهڙي جو سائين پيتامبر روپاڻي جڏهن کانئس ”آوٽ سورسنگ“ جي باري ۾ پڇيو ته هروڀرو ڌڪو سـُڪو هڻڻ کان سواءِ ئي چيائين ته ان باري ۾ مونکي ڄاڻ ناهي ۽ مان افسوس سان توهان سان معذرت ٿي ڪريان ته مان في الحال توهان کي ان باري ۾ جواب نٿي ڏئي سگهان.

مطلب اهو ته اتي ڪئناڊا ۾ انسانن جي وچم طبقاتي فرق گهٽ ۽ انسانيت جو احترام وڌيڪ آهي. ٿوڙي کنگهه ايندن ته Excuse me چئي ڀرسان  بيٺل کان معافي گهري وٺندا آهن. هتي اسان وٽ هر هنڌ لائوڊ اسپيڪر ۽ ٻيا ڀومپو ڀوڪندا رهن ٿا پر ڪنهن کي ان جو احساس ئي ناهي ته ان عمل سان ڪنهن ٻئي کي تڪليف پهچي سگهي ٿي.

ڪنهن جي سچي ڪم جو اعتراف ڪرڻ، ڪنهن ٻار تي پيار ڀري نظر وجهڻ يا رستي تان ننڍڙو پٿر هٽائڻ به جي نيڪي آهي ته پوءِ اتي ڪئناڊا ۾ سانا جي انتهائي سينئر ميمبر سائين انور ميمڻ ۽ سندس قائم ڪيل انور نجما ٽرسٽ جو ذڪر نه ڪرڻ، سائين سرفراز ڳاهوٽي اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ۽ پاٽولي صاحب ۽ ٻين سينئر ساٿين جو ذڪر نه ڪرڻ ذيادتي ٿيندي. مونکي ياد آهي ته  ڪئين سال پهرين آئون جڏهن سانا ٽورانٽو جي پهرين گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هوس، تڏهن سانا ٽورانٽو چيپٽر جا ڪل 18 ميمبر هئا.

پر پوءِ پاٽولي صاحب، مقصود سومرو، حسين عقيلي، مشهود قاضي، خير محمد ڪولاچي، سرفراز ڳاهوٽي صاحب، انور ميمڻ، شميم جوڻيجو، گهنشام راجاڻي ۽ عبدالجبار لاشاري ۽ ٻين دوستن جي محنتن جو ثمر آهي جو اڄ سانا ٽورانٽو سنڌين جي نمائينده تنظيم بڻجي چڪي آهي.

 ڪجهه سينئر دوستن شايد اختلافن سبب فنڪشن ۾ شرڪت نه ڪئي. ان ڪري انهن جي کوٽ بهرحال محسوس ٿي رهي هئي، بلڪ انهن دوستن کان سواءِ فنڪشن ٿورو ڦڪو ڦڪو لڳي رهيو هو. سانا هڪ فرد جو نه پر اتي رهندڙ سڄي ڪميونٽي جو نالو آهي. تنهنڪري اهو سانا ٽورانٽو جي قيادت ۽ ايگزيڪيٽو ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها سڀني کي هڪ جهڙي احترام سان گڏ کڻي هلي. مونکي ذاتي طور تي سائين انور ميمڻ جي کوٽ ائين محسوس ٿي ته پاڻ جڏهن به فنڪشن ۾ ايندو هو ته هميشه انور نجما ٽرسٽ پارآن ڪميونٽيءَ جي ضرورتمند شاگردن لاءِ تعليمي اسڪالرشپون ڏيڻ جو اعلان ڪندو.

سانا جي سالياني فنڪشن دؤران فياض سومرو، فرزانه خواجه، پرتاب روپاڻي، گهنشام راجاڻي، رحيم کتري ۽ ٻين کي سانا طرفان  ليٽر آف ايپريسي ايشن جا سرٽيفيڪٽ ڏنا ويا. سڄي فنڪشن دؤران سائين دليپ رتناڻي ۽ سائين رحيم کتري سڄو وقت بي لوث جذبي سان ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندا رهيا. فنڪشن دؤران نه رڳو جئڪ ليٽن ۽ ميريلن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي بلڪ ڪافي پراڻن دوستن ۽ سڄڻ سان ملي خوشي ٿي رهي هئي.

ڏور ديس ۾ چار سنڌي گڏ ويهن ۽ سنڌ جو ذڪر نه ٿئي اهو ته ناممڪن آهي. مٿان وري منهنجي خوشنصيبي جي مون واري ٽيبل تي سائين گهنشام راجاڻي، سائين پرتاب، سائين عبدلجبار لاشاري، حاجي خان بلوچ، پيتامبر روپاڻي ۽ سائين دليپ رتناڻي جهڙا بصيرت مند صاحب ويٺا هئا.

ان ڪچهري جو تت هي آهي ته: سنڌ ۾ تعليم، امن امان ۽ انصاف ڏيندڙ ادارن جا حال پورا لڳا پيا آهن. ان دؤران سنڌ ۽ ڪئناڊا جو تقابلي جائزو به ورتو ويو.  دوستن اهو به ٻڌايو ته ڪئناڊا ڪئين پنهنجي ترقي جا بنياد رکيا هئا. تاريخي طور تي ڏسون ته پوءِ ڪئناڊا جي صورتحال ته سنڌ کان به خراب هئي. ان دؤر ۾ ماڻهو ڪئناڊا مان پراميد ڪو نه هئا. ڪئناڊا جي انگريز ۽ فرانسيسي آباديون نه رڳو هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون بلڪ اهي ملڪ جي دولت ۽ وسيلن جي ورهاست تان هر وقت پاڻ ۾ وڙهنديون رهنديون هيون. پر خوشنصيبي سان ڪئناڊا کي سچي قيادت ملي. ان قيادت جو اهو خواب هو ته ڪئناڊا ۾ هڪ اهڙو معاشرو قائم ٿئي جيڪو هميشه ۽ هر وقت ڪئناڊا جي شهرين ۽ ڪئناڊا جي وفاق ۾ شامل قومن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندو رهي.

ڪئناڊا جي شروعاتي بصيرت مند قيادت ڪئناڊا جي پائيدار ترقي ۽ فلاح لاءِ جيڪي ادار قائم ڪيا انهن ۾ يونيورسٽي آف ٽورانٽو جو قيام، مفت پر معياري سرڪاري تعليم جو بنياد، غريبن جي بهتري لاءِ طريقا ڳولهڻ ۽ انهن جي امداد جو ادارو، مزدور يونين ۽ مزدورن جي تحفظ جا قانون. عدالتن ۾ عوامي جيوري جي ذريعي فيصلن جو نظام، پيشيور سول سروسز جو قيام يا هڪ اهڙي سروس جيڪا عام طور تي سياسي مصلحتن ۽ تعصبن کان آزاد هجي ۽ ان کانسواءِ هڪ اهڙي ته عظيم وزارت قائم ڪئي، جنهن ڪئناڊا جي شروعاتي سالن ۾ ئي هڪ سئو پنجاهه اهڙا قانون نافذ ڪيا، جنهن جديد، مهذب ۽ برابريءَ جي حقن واري ڪئناڊا جا بنياد رکڻ ۾ مدد ڪئي. يونيورسٽي آف ٽورانٽو جهڙي آزاد ۽ سيڪيولز اداري مان تعليم ورتل مخلص سياستدانن ۽ شهرين ڪئناڊا جي هڪ اهڙي ته معاشري ۽ جمهوريت جا بنياد وڌا، جنهن جا شايد رهندي دنيا تائين اتان جا شهري فائدو ماڻيندا رهندا.

مختصر اهو ته ٽورانٽو ۾ ٿيل سالياني فنڪشن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ خير محمد ڪولاچي، صدر سانا ٽورانٽو گريٽر ايريا ۽ ٽورانٽو چيپٽر جي عهديدارن جون وڏيون ڪوششون شامل آهن. ٽورانٽو چيپٽر جي عهديدارن جي اڻٿڪ محنتن سبب ئي فنڪشن ڪامياب ٿي پڄاڻيءَ تي پهتو. سانا جي فنڪشن جو ٻيون به ڪافي ڳالهيون آهن پر ڪالم جي طوالت سبب انهن جو ذڪر وري ڪڏهن ٻئي ڪالم ڪبو.

Uploaded on  June 30, 2008

 

Name

Fayaz Soomro

فياض سومرو

Occupation

Writer

City

 

Interests

 

 

Contact

 

 

 

 

 

Previous Articles

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan