www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا

عرفان جماڻي مونکي واشنگٽن مان کڻي اعجاز شيخ جي گهر هلي رهيو هو. رستي تي هو پنهنجي رياست ورجينيا مان ٿيندو هليو جتان هن اعجاز لاءِ ورتل حلال گوشت پنهنجي فلئٽ تان کنيو.

”منهنجي خيال ۾ ورجينيا رياست جي ڪرسٽل سٽي،  پينٽاگان ۽ تنهنجي رهائش واري شهر اليگزئنڊرا جو چڱو ديدار ٿي ويو. هاڻ اڳتي جي منزل ڏي پنڌ ڇڪجي.“ مون پوٽومئڪ نديءَ جي الهندي ڪناري تي اڏيل هن جهوني شهر جي اوچين عمارتن ۽ وچ وچ  ۾ ٺهيل پارڪن  ڌي نگاهه  ڊوڙائيندي عرفان جماڻيءَ کي چيو. هن شهر جو اليگزئنڊريا نالو هڪ جهوني جهازي ڪئپٽن فلپ اليگزئنڊرا (ڄم جو سال 1704، وفات 1753) تان پيو جيڪو هتي اچڻ تي اڄ واري ڊيوڪ اسٽريٽ  وٽ اچي رهيو هو. عرفان جماڻيءَ   ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو چون ٿا ته هي شهر 1828 کان 1836 تائين دنيا جي بدنام بزنيس ”غلامي“ Slavery   کان  مشهور رهيو. آفريڪا کان آندل غريب شيدن جو هتي غلامن طور وڪرو ٿيندو هو ۽ هتان آمريڪا جي ٻين رياستن ڏي  کين موڪليو ويو ٿي. غلامن کي زنجيرن ۾ ٻڌي سوگهو رکڻ واري عمارت کي بعد  ۾ هن رياست جو جيل خانو مقرر ڪيو ويو.

1870  ۾ اليگزئنڊريا  شهر کي خود مختيار ڪائونٽي بنايو ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي 1920  ۾ هن جي هڪ حصي کي آرلنگٽن ڪائونٽي قرار ڏنو ويو. جيڪا اتر  ۾ آهي. اليگزئنڊرا جي ڏکڻ ۾ هن رياست ورجينيا  جي هڪ ٻي مشهور ڪائونٽي فيئر فئڪس آهي. هتان نڪرڻ وقت ڪجهه  گهٽين ۽ عمارتن جا نالا آئون جلدي جلدي پنهنجي ڪاپيءَ  تي لکندو ويس. ڪنگ  اسٽريٽ، ڪامن ويلٿ  ايوينيو ، ڊيوڪ اسٽريٽ، مارڪيٽ اسڪائر، سينٽ اسٽيفن  اسڪول، ورجينيا ڪامن ويلٿ يونيورسٽي، لٽل ٿيٽر ، واشنگٽن ميموريل ، وغيره ايڊسل  Edsal  روڊ تان  لنگهڻ وقت اداره دعوت و ارشاد Idara  Dawat-o-Irshad    جو بورڊ نظر آيو ۽ Hume  ايوينيو  تان لنگهڻ وقت هڪ عمارت جي ٻاهران Islamic Circle of  North America  جو  بورڊ نظر آيو. عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته نائن اليون کان پوءِ  جتي آمريڪا طرفان مسلمانن تي سختي ٿي آهي اتي ڪيترائي آمريڪن گورا توڙي  شيدي اسلام بابت پڙهي مسلمان ٿيندا وڃن جن جو اندازو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مسجدن، اسلامڪ سينٽرن، اسلامي تعليمي درسگاهن ۽ اسلامي ائسوسئيشن مان لڳائي سگهجي ٿو.

 ”هتي رهي دين بابت معلومات ۽ نماز-روزي جو پابند تون  ڪيئن ٿئين؟ ”مون عرفان کان پڇيو.

”مون سان گڏ رهندڙ ٻه پنجابي دوست بيحد نيڪ ۽ پرهيز گار قسم جا آهن جيڪي ويندي تبليغ تي به وڃن ٿا. انهن جي صحبت ۾ رهي مونکان به جيڪو وقت  پُڄي ٿو. مسجد ۾ نماز  پڙهان ٿو نه ته گهر ۾ يا رستي يا آفيس ۾ ”عرفان ٻڌايو. ”جمعي نماز ڪٿي پڙهون؟“ مون پڇيو.

 ”آئون پنهنجن دوستن سان گڏ ڀرواري شهر ”فالس  چرچ“ ۾ جمعي نماز لاءِ  ويندو  آهيان،“ عرفان ٻڌايو، Falls Church  شهر جي  Row Street ۾ دارالهجره   مسجد ۾ جمعي نماز  سوا هڪ بجي ٿئي ٿي.  اتي اسلامي ڪتابن جو دڪان پڻ  آهي جتان مختلف عالمن جا ڪتاب  خريد ڪندا آهيون. مونکي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ڪڏهن  ڪڏهن Spring Field شهر ڏي هليا ويندا آهيون جتي جي ڪامرس اسٽريٽ تي دارالهدى  نالي مسجد آهي.جتي هڪ بجي خُطبو  شروع ٿئي ٿو ۽ ڏيڍ بجي نماز- دارالهُدى ۾ هر روز شام جو پنجين کان اٺين تائين درس (واعظ) پڻ ٿئي ٿو ۽ هر عُمر جا ماڻهو ٻُڌڻ لاءِ اچي سگهن ٿا.

ورجينيا رياست ۾ رهندڙ پيٽارو جي ڪجهه دوستن  ٻڌايو ته اسپرنگ فيلڊ شهر جي هن دارالهدى ۾ ٻارن جو اسڪول پڻ آهي جتي هنن جا ٻار آچر ڏينهن  اسلامي تعليم  حاصل ڪن ٿا. ان قسم جا Sunday School جتي ڪٿي نظر اچن ٿا جتي مسلمانن جا ٻار اسلام بابت معلومات حاصل ڪن ٿا. ظاهر آهي ته آمريڪا  جي اسڪولن ۾ اسان جي ملڪ جي اسڪولن وانگر دينيات جو سبجيڪٽ نٿو پڙهايو وڃي،  پوءِ اهي والدين جيڪي چاهين ٿا ته هنن جا ٻار مغرب جي سوسائٽيءَ ۾ رهي به  پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر جي ڄاڻ رکن،  اهي پنهنجي آرام واري ڏينهن تي ٿوري تڪليف وٺي پنهنجن ٻارن کي ههڙن Sunday  اسڪولن ۾ ٽن چئن  ڪلاڪن لاءِ ڇڏيو وڃن ٿا. ان بابت نيوجرسي جو  فلڪ  شير، بالٽيمور جو ڊاڪٽر منور عباسي، نيويارڪ جو ڊاڪٽر  ٻارن کي ويجهي واري اسلامڪ سينٽر ۾ وٺي وڃن ٿا.

 اهڙي طرح نيوجرسي ۾ رهندڙ  گهوٽڪي جي رميش ٿارواڻيءَ، ڪولوروڊو جي پروفيسر  رامچند ۽ ڪئليفورنيا  ۾ رهندڙ پيٽارو  جي ببيڪشن ٻڌايو ته آچر  ڏينهن هو پنهنجن ٻارن کي هندو مت جي ڄاڻ لاءِ واسواڻي سينٽر ۾ يا ڪنهن ويجهي مندر ۾ وٺيو وڃن ٿا. اهڙين ڳالهين لاءِ  نه هتي جي حڪومت  طرفان جهل پل آهي ۽ نه مڪاني گورا ماڻهو خراب سمجهن ٿا. ٻين لفظن ۾ هتي هر ڳالهه  جي آزادي آهي. ڪنهن کي به ڪنهن  ڳالهه لاءِ  جهل پل ناهي. جيستائين هو ڪو  دنگو فساد نٿو ڪري يا عوام ۽ پبلڪ  پراپرٽيءَ کي نقصان  نٿو رسائي، هن کي ڪو جهلي نٿو سگهي.

 اعجاز شيخ ٻڌايو ته مئريلئنڊ رياست جتان هو شفٽ ٿي ويو آهي ۽ جتي هن وقت اسان سندس باقي رهيل سامان کڻڻ لاءِ  وڃي رهيا  آهيون اتي پڻ نه فقط  هندن ۽ سکن جا مندر ۽ ٽڪاڻا آهن پر مسلمانن ويندي شيعن، سُنين، احمدين جون مسجدون آهن. احمدين جي  اهڙي  جامع  مسجد (بيت رحمان) جيڪا اعجاز جي هن پراڻي واري گهر واري علائقي Silver Spring  ۾ پڻ آهي  جنهن  جو احوال اڳتي هلي ڪنداسين جتي مونکي قاضي احمد  جو هڪ پيٽارين دوست سميع جادرن وٺي هليو هو جيڪو گذريل ڏهه ٻارهن سالن کان هتي آمريڪا ۾ رهي ٿو.

 مئريلئنڊ رياست جي ڪجهه اهم مسجدن جا نالا جن بابت اعجاز کي ڄاڻ هئي ۽ مونکي لکرايئين هن ريت آهن.

-روٽ 108 تي   Ellicott  نالي شهر ۾ دارالتقوى نالي  مسجد.

 -گئٿرس برگ شهر ۾ اسلامڪ سينٽر آف ميريلئنڊ، جيڪو  وڊفيلڊ روڊ تي آهي.

 -لائريل نالي شهر جي  Contee  روڊ تي اسلامڪ ڪميونٽي آف Laured.

-پوٽو مئڪ شهر جي Montrose  روڊ تي اسلامڪ ايڊوڪيشن سينٽر IEC .

-بالٽيمور شهر ۾ جوني  ڪيڪ روڊ تي مسجد راحما ۽ Islamic Centre of  Baltimore   جتي  ٻارن لاءِ اسلامي  تعليم جو اسڪول به  آهي.

 مئريلئنڊ رياست جي هن شهر بالٽيمور ۾ (جيڪو رياست  جو  وڏي ۾ وڏو شهر ۽ بندرگاهه آهي جتي اسان کي جهاز کي ڪيترائي دفعا وٺي اچڻ ٿيو. ان ۾)  انهن ڏينهن  ۾ ڪنهن خاص  مسجد جو نه ٻڌڻ ۾ آيو ۽ نه گس پنڌ تي نظر آئي ٿي ۽ جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته تن ڏينهن ۾ هتي اسان جي ملڪ جا مسلمان به تمام گهٽ  نظر آيا ٿي. عراق، مصر،  لبنان ۽  ٻين عرب ملڪن جا  مسلمان ته ڪي ورلي نظر آيا ٿي پر هينئر  35 کن سالن بعد جڏهن هيڏانهن آيو آهيان ۽ بالٽيمور به ٻه چار دفعا ٽرين ۾ يا رميش ٿارواڻيءَ سان گڏ هُن جي ڪار ۾ اچڻ ٿيو آهي ته هن شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان لنگهندي مسجدون نظر آيون آهن- جهڙوڪ  نارٿ ايوينيو  تي مسجد الصفات ، مارٽن لٿرڪنگ ايوينيو  تي مسجد تقوى  النور ۽  بالٽيمور ۾ هڪ رستي جو نالو Islamic way  روڊ به آهي جنهن تي مسجد الحق  آهي، وغيره وغيره.

 بالٽيمور جي سلور اسپرنگ شهر ۾ جتي گڊ هوپ روڊ تي احمدين جي مسجد بيت رحمٰن   آهي، ان شهر جي نيو هئمپ شائر روڊ تي مسلم ڪميونٽي سينٽر پڻ آهي جتي سنڊي اسڪول ۽ قرآن پڙهائڻ جو بندوبست پڻ آهي.  اهڙي طرح لنهام شهر جي Lanham Severn Rd  روڊ تي مسلم ائسوسيئيشن   ڪيونٽي سينٽر پڻ آهي.

 آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي آمريڪا جهڙي مغربي دنيا رهڻ ضرور پسند ڪن ٿا پر ساڳي وقت هو پاڻ ۽ پنهنجي  اولاد کي  پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر کان به بيگانو  ڪرڻ نٿا چاهين انهن مان حيدرآباد  جو هي اعجاز شيخ ۽ خيرپور جو  عرفان جماڻي  آهي جن  سان هن وقت ورجينيا رياست لتاڙي مئريلئنڊ رياست جي سلور اسپرنگ ڪائونٽيءَ ڏي وڃي رهيا  هئاسين.  عرفان ٻڌايو ته اسڪولي تعليم سان گڏ هن جا ٻار گهر ۾ قرآن پڻ پڙهن ٿا. ان معاملي ۾ ٻارن جي ماءُ پڻ سخت آهي ته ٻارن کي ننڍي هوندي کان مذهبي تعليم ڏني وڃي. مذهب اسان کي سٺيون ڳالهيون ٿو سيکاري، نيڪ ٿي  هلڻ جي تلقين  ٿو ڪري.

”آئون  پڻ انهي خيال جو آهيان،“  اعجاز چيو،” ٻار ڪجهه وڏا ٿيڻ تي ائون کين ڪجهه  سال پاڪستان رکندس جيئن هو ديني تعليم حاصل ڪري سگهن. اهو مون زال کي چيو آهي ته پوءِ اهو هوائي جهاز جي ڀاڙن جو خرچ ڪري سال  ۾ ٻه دفعا آئون  پيو پاڪستان گهمڻ ايندس ۽ ٻه دفعا موڪلن ۾ تون  پئي هيڏاهن آمريڪا اچجانءِ جيسين هو وڏا ٿين ۽ پنهنجي مذهبي ۽ اخلاقي قدرن کي پسند ڪن ۽ انهن تي پختا رهن.“

I Think There is a sense in it مون  وراڻيو.

”هتي  ٽي چار سال رهڻ جي تجربي مان مون اهو  حاصل ڪيو آهي،“ اعجاز  شيخ ٻڌايو ، ”ته آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اهي ڪامياب ٿا رهن جن جي ٻارن کي مذهبي تعليم ۽ مشرقي اخلاق جي ڄاڻ آهي. ٻيا ٻار هتي جي رنگينين  ۾  توائي ٿيو وڃن ۽  پوءِ والدين  به  پريشاني ۾ گذارين ٿا.“

اعجاز سندس پاڙي ۾ رهندڙ هڪ بنگلاديش جي مسلمان پروفيسر جو احوال ٻڌايو (جنهن جهڙا ڪيترائي مثال ملندا) ته هن جو هڪ غريب فئملي سان تعلق آهي پر محنت ڪري پڙهائي ۾ هوشيار  ٿيڻ ڪري هن کي هر وقت اعلى  تعليم لاءِ اسڪالرون ملنديون رهيون. آمريڪا مان Ph.D  ڪرڻ بعد هن کي هتي ئي وڏي نوڪري ملي ويئي  ۽ هن پنهنجن ٻارن کي به ان ئي وقت هتي  آمريڪا ۾ گهرائي ورتو. جيتوڻيڪ پاڻ نيڪ طبيعت  جو انسان آهي پر ڪجهه نوڪريءَ ۾  مشغول هجڻ ڪري ۽ ڪجهه سستيءَ  ۽ بي ڌيانيءَ ڪري هن پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو. ٻار پنهنجي مذهبي ۽ ڪلچر کان بي خبر رهي هتي جي ٻارن سان گڏ آزاد گهمڻ ڦرڻ لڳا ۽ خاص ڪري هنن جي سنگت اهڙن سان ٿي پيئي جن کي پڙهڻ جو به شوق نه هو. اڄ هن جا ٻار ارڙهن سالن کان  وڏا آهن يعني مائٽن جي چئي مڃڻ کان آزاد آهن  هنن کي  نه مذهب جو فڪر آهي، نه ماءُ پيءُ جو خيال. هنن لاءِ شراب، ڊانس، گرل فرينڊ- بئاءِ   فرينڊ  جو چڪر سڀ ڪجهه آهي. ”آئون سندس پاڙي ۾ اچي رهيس،“ اعجاز ٻڌايو ته  پروفيسر صاحب اکين ۾ ڳوڙها آڻي پنهنجن ٻارن جو  ٻڌايو ته   نه هنن کي اسان پوڙهن جي عزت آهي ۽  نه پڙهائيءَ جو  فڪر. اسان جا ته ڄڻ ٻئي جهان هليا ويا. ڇوڪرا ته ٺهيو پر  ڇوڪري به چوي ٿي ته ڊيڊي دس از ماءِ لائيف - توهان پنهنجي زندگي گذاري چڪائو. هاڻ کين ڪيرسمجهائي ته غيرت ۽ اخلاق به ڪا شيءِ  آهي. آئون نواکلي جهڙي ڳوٺ جو غريب  ٿي ڪري  به اعلى تعليم  حاصل ڪري سٺي نوڪري ڪريان پيو. توهان آمريڪا  جهڙي شهر ۾  هر سُک مهيا هوندي به پڙهي نه سگهيا آهيو ۽ توهان جو  مستقبل ڪنهن هوٽل يا دڪان  ۾ مزور ٿي ڪم ڪرڻ آهي يا ٽرڪ ڊرائيور يا ڪلينر ٿي لوفرن وانگر  رُلڻو آهي...“

اعجاز شيخ  ٻڌايو ته پروفيسر صاحب کي ڏاڍو ڏک آهي ته هن جا ٻار هن جي هٿن مان  نڪري ويا جنهن  ۾ سندس ئي غلطي تسليم ڪري ٿو ته هن ڪچيءَ ۾ ڌيان نه ڏنو.

 ٻيو نه ته هنن جو ننڍي هوندي مذهب ڏي لاڙو ڪريان ها ته گهٽ ۾گهٽ هنن کي اڄ پنهنجن وڏي لاءِ پيار ۽  عزت هجي ها. پنهنجو مستقبل تباهه نه ڪن ها. شراب نوشي ۽ آواره گردي جهڙين عادتن ۾ نه ڦاسن ها....

 وغيره  وغيره....  بهرحال اسان جي ملڪ جي به ڪيترن ماڻهن جا هن ملڪ ۾ ان قسم جا يا ان سان مِلندڙ جُلندڙ مسئلا آهن. هڪ ڳالهه هتي  لکڻ ضروري سمجهان ٿو بلڪه اها غلط  فهمي دور ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪا اسان جي ماڻهن کي اڪثر  آهي ته آمريڪا  يا يورپ ۾ رهندڙ هر گوري جي فئملي  ۾ هن جا ٻار شراب  پيئن ٿا، نشو ڪن ٿا، مائٽن ۽ وڏن  جي عزت نٿا ڪن. نه.  اها ڳالهه  هرگز  ناهي. سٺا ۽ خراب ماڻهو جتي ڪٿي آهن. هتي آمريڪا  ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون فئمليون  آهن جيڪي مٿين شين کي خراب ٿيون سمجهن، هنن جا ٻار اخلاق جي دائري ۾ رهن ٿا. والدين ۽ پاڙيسري جي عزت ڪن ٿا. ڇو جو هڪ سٺو عيسائي يا سٺو يهودي به شراب ۽ نشي جهڙين شين کي اوترو ئي خراب سمجهي ٿو جيترو هڪ سچو مسلمان- اهو مائٽن تي مدار ٿو رکي ته هو پنهنجي اولاد جي سنگت تي نظر رکن. ڇو جو ڪيترائي ٻار بُرن جي سنگت   ۾ رهي بُرا ٿيو وڃن ۽ ان خيال کان آمريڪا يا يورپ ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ به ماڻهو خراب ٿيو وڃن ۽ نه فقط وڏن شهرن ۾ پر ننڍن ڳوٺن ۾  به. اسان جي  شهر هالا جي هڪ ٻهراڙي واري ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو جتي اڄ کان پنجاهه  سال اڳ ٻِيڙي پيئڻ به عيب ۽ علت سمجهيو ويو ٿي. ماڻهو گهر ۾ يا دڪانن ۾ لڪي حقو پيئندا هئا. گذريل سال ان ڳوٺ ۾ ويس ته اهو معلوم ڪري افسوس ٿيو ته ڳوٺ   جا نوجوان جيڪي هارپو يا مزوري ٿا ڪن انهن جو سڄو پئسو نشي ۾ وڃي ٿو،  هو ان تي فخر ٿا ڪن،  اسان وٽ ڪم ڪندڙ همراهه  کي چيم ته شراب ته هڪ مهانگي شيءِ آهي اهو ڪيئن ٿا افورڊ ڪريو؟

 هن ٻڌايو ته اهو اتي ڳوٺ ۾ ئي ٻٻر جي ڇوڏن مان ٺاهيو وڃي ٿو جيڪو صحت لاءِ  تمام نقصانڪار آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي پيئڻ ڪري موت به ٿئي ٿو.

uploaded on June 21,2008

 

Name

Altaf Shaikh

Date of Birth

14th November 1944

Contact

+92-21-5894090

altafshaikh2004@yahoo.co.uk

Literary Services

  • Author of more than 65 books published in Sindhi, Urdu and English, mostly travelogues of different countries.

  • Some of the books are prescribed for B.A. and M.A. syllabus of Sindh university, jamshoro and Karachi university, Karachi Pakistan

  • Regular Columnist of Pakistan post, Ummat, Ibrat and Kawish

More Detail

 

 

Previous Stories

قزاقن جي عجيب دنيا

ايراني جهاز جان بچائي

جل پري

 

ڪوماگاتا جهاز جو بدنصيب سفر

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan