www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

 

خودڪش ڪندڙ حملا ڪندڙ جو انٽرويو

 

سائين، سلامليڪم!

وآليڪم السلام!

توهان جو نالو؟

ڪو به نه.

ڪا سڃاڻپ؟

ڪا به نه.

توهان جي عمر؟

جواني ديواني.

توهان جو گهر؟

مان هر گهر ۾ موجود آهيان. مونکان هر ڪنهن کي ڊڄڻ کپي.

توهان جو نشانو؟

ڪو به ٿي سگهي ٿو. مان تباهي ۽ بربادي آهيان، مان ڪٿي به اچي سگهان ٿي.

ڇا توهان غريبن مسڪينن جا همدرد آهيو؟

اهي ڇا آهن؟

توهان کي غريبن جي خبر ناهي؟

نه يار. مان چند ماڻهن کي سڃاڻان ٿو. مان توکي به نٿو سڃاڻان.

مان صحافي آهيان.

هوندئو ...

توهان جي زندگيءَ جو مقصد؟

منهنجي ڪا به زندگي ناهي.

اسان ٻڌو آ ته توهان آمريڪا سرڪار کي لوهه جا چڻا چٻائي ڇڏيا آهن؟

توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي؟

ڪيترائي سياستدان روز ٽي وي تي اچي چون ٿا.

چوندا هوندا...

توهان کي خبر ناهي.

نه. اهو منهنجو ڪم ناهي.

آمريڪا کي سڃاڻو ڀلا؟

ٻڌو اٿم.

ڇا؟

يهودين جو يار آهي.

مسلمانن جو نه؟

مونکي خبر ناهي. مونکي ناهي ٻڌايو ويو.

توهان هيستائين ڇا ٿا ڄاڻو؟

ڊرائيونگ، شوٽنگ ۽ ڪجهه ٻيون شيون...

ٻيون ڪهڙيون؟

تنهنجي ڪم جون ناهن.

تنهنجا ماءُ پيءُ؟

مان جنگ جي پيدائش آهيان. منهنجا ماءُ پيءُ هجن ها ته منهنجي پٺيان هو ضرور رڙيون ڪن ها ۽ مونکي هرڪو سڃاڻي وٺي ها.

تنهنجي ان ڪم مان فائدو ڪنهن کي پيو ٿئي؟

مان حساب ڪتاب ناهيان ڪندو ، نه ئي مونکي اچن ٿا. منهنجي مرڻ کانپوءِ جيڪي ان کي چڱو سمجهن ٿا، يقينن اهي ان جو حساب ڪتاب ڪندا هوندا. مان هر وقت ٻن دنيائن جي آخري سنڌي تي هوندو آهيان.

اسان ٻڌو آ، توهان الله جي واٽ ۾ جهاد پيا ڪيو ۽ آمريڪي سامراج کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو اٿئو، ڇا اهو صحيح آهي؟

توهان سان ڪنهن ڳالهه ڪئي؟

توهان جي پاران جيڪي بيان ڏيندا آهن.

اسان جي پاران ڪوبه بيان ناهي ڏيندو.

هيءُ جو ڪجهه تنظيمون ڌماڪن جي ذميواري قبول ڪنديون آهن.

اها انهن جي سياست آهي.

توهان جي؟

مان عام ماڻهو ناهيان. ماڻهو وقت به وقت مختلف ڪيفيتن ۾ هوندا آهن، مان گذريل ڏهن سالن کان هڪڙي ئي ڪيفيت مان گذري رهيو آهيان.

ڪهڙي ڪيفيت مان؟

جان ڏيڻ ۽ جان وٺڻ جي ڪيفيت مان.

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان کي حڪم هڪ جاءِ جو ملي ۽ توهان وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ پنهجي دشمن مٿان بم ڦاڙيو؟

نه. منهجو ڪو خاص دشمن ناهي.

توهان جو جي ڪو خاص دشمن ناهي ته پوءِ توهان جو عام دشمن به نه هوندو؟ ايئن ٻين بيگناهن جون جانيون وٺڻ ۾ الله سائين توهان تي ناراض نه ٿيندو؟

اهي سڀ ٻاراڻيون ڳالهيون آهن. هن کي سڀ خبر آ ته اسان ڇا پيا ڪيون. جيڪي بيگناهه مرندا اهي به ته جنت ۾ ويندا! ۽ اسان جو دشمن دوزخ ۾!

توهان....

توکي اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان.

توهان کي اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته توهان جي انهي جنگ جي ڪري هن ملڪ جي غريب عوام جي زندگي اجيرن آهي؟

نه ڪڏهن به نه. هن زندگيءَ کي هو ڇو عزيز رکيو ويٺا آهن؟ بهتر زندگيءَ ته اڳتي جي آهي. اسان ته هنن جو به ڇوٽڪارو چاهيون ٿا.

جيڪڏهن مان خودڪش بمبار ٿيان ته مونکي ڇا ڪرڻو پوندو؟

مان استاد کان پڇي پوءِ توکي ٻڌائيندس.

استاد لازمي آهي ڇا؟

ها لازمي آهي. انکانسواءِ تون ڀٽڪي ويندين. ...پر تون ڇو ٿو بمبار ٿيڻ چاهين؟

بس مان به هن دنيا مان تنگ آهيان....

پر تهنجا ماءُ پيءُ ته آهن نه؟

ها. اهي ته آهن.

ته پوءِ تون نه ٿي. اهي ڏکيا ٿيندا. ماءَ پيءُ جي نافرماني ۽ ڏک ڪري  بهشت به ڪونه ملندءِ!

جي اهي ناراض نه ٿين ته؟

ڪيئن ڪونه ٿيندا؟ ماءُ ۽ پيءُ ناهن ڇا؟

آهن...

پوءِ؟ (بمبار مون ڏانهن خونخوار اکين سان ڏٺو. مان سمجهي ويس ته هو وڌيڪ سوالن جا جواب نه ٿو ڏيڻ چاهي. ان تي مون ساڻس سوالن ۽ جوابن وارو سلسلو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. چانهن جي صلاح ڪئي مانس. پر هن ٻڌايو ته بمبار چانهن ناهن پيئندا. ڇو ته هو عام ۽ خاص کان بنهه مختلف آهن.

Uploaded on 13 October 2008 on www.mehranmag.com    

 

 

Name

امر لغاري

 

hobbies/interests:

 

 

Contact

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Stories

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
Mazhar Ali Abro, SindhSoftTech Larkana,Pakistan