|

www.mehranmag.com |
سائينم
سدائين ڪرين مٿي سنڌ
سڪار
دوست
مٺا دلدار عالم سڀ آباد
ڪرين |
 |
|
|
|
|
 |
|
 |
 |
|
 |
Author's Profile |
 |
 |
|
 |
|
ڀاڄوڪڙ جو داغ |
|
سڪينه ۽ اقبال هڪٻئي سان بيحد محبت ڪندا هئا ننڍپڻ کان وٺي گڏ
رهيا هئا پڙهيا به گڏ هئا اقبال تعليم پوري ڪري وڃي سٺي روزگار
سان لڳو ۽ سڪينه کي حاصل ڪرڻ لاءِ مائٽن کي راضي ڪري سڪينه جي
مائٽن ڏانهن رشتي جي لاءِ موڪليائين پر انهن صاف انڪار ڪري
ڇڏيو اقبال جامائٽ واپس موٽي آيا . اچي اقبال کي سڄي ڳالهه
ٻڌايائون .اقبال سڪينه سان ڳالهايو ان اقبال کي پڪ ڏني ته آئون
تنهنجي آهيان تنهنجي رهنديس ٻئي کي ڪونه قبول ڪنديس پوءِ چاهي
مون کي موت ڇو نه اچي .سڪينه به پنهنجي پيار خاطر پنهنجن مائٽن
سان ڳالها يو جنهن جي ڪري هن جا مائٽ ناراض ٿيا سڪينه تي هاڻ
ڏاڍ جا پهاڙ ڪرڻ لڳا پر هيءَ سڀ سهندي رهي ڪنهن نه ڪنهن نموني
سان اقبال سان ملندي رهي .اقبال وارن هڪ دفعو ٻيهر به منٿ ميڙ
ڪئي پر جواب ناڪار ۾ مليو نتيجو اهو نڪتو ته اقبال جا مائٽ
سڪينه سان کٽا ٿي ويا ان سان نفرت ڪرڻ لڳا ٻيو ته سڪينه جي
ماءُ سڪينه جو رشتو هڪ اڌڙوٽ ماڻهو سان طئي ڪري ڇڏيو اهو سڪينه
برداشت ڪري نه سگھي هڪ رات سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائي پنهنجي گھران
رات جي ڪاري چادر اوڙي نڪتي اقبال جي گھر پهتي .هن اقبال جي
مائٽن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڪوشش ناڪام ويئي اقبال به
ڪافي ڪوشش ڪئي اهو به ناڪام ويو ۽ اقبال جا مائٽ سڪينه تي
مختلف الزام هڻي رهيا هئا . پٽ توکي سڪينه چوريو آهي هن ڏائڻ
توتي جادو ڪيو آهي وغيره وغيره سڪينه کي ڏسي اقبال جي مائٽن
جا چهرا ڳاڙها ٿي ويا سڪينه به اقبال کي سموري حقيقت ڪري ٻڌائي
.اقبال هن کي سمجھايو ته تون واپس وڃ جنهن تي سڪينه چيو ته هاڻ
آئون واپس نه وينديس هاڻ تون ڇا ٿو چوين .اقبال سڪينه کي چيو
ته تو منهنجي ڪري بدنامي جو داغ کنيو آهي مٽن مائٽن کي ڇڏيو
آهي آئون توسان گڏ آهيان پوءِ ڀلي مون کان منهنجا مائٽ رشتو
ٽوڙي ڇڏين سڪينه اقبال کي چيو ته مائٽ ڇانورو آهن تون منهنجي
ڪري مائٽ نه ڇڏ جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندم اهوئي ٿيندو .اقبال جا
مائٽ سڪينه کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا اقبال اهو برداشت ڪري نه
سگھيو سڪينه کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي نڪاح ڪيائين ۽ واپس پنهنجي
مائٽن وٽ آيو پر انهن هن جي لاءِ در نه کوليو تون هن ڀاڄوڪڙ کي
اسان جي ننهن ٿو چوين اسان توتان هٿ کنيو وري اتان سڪينه جي
مائٽن وٽ آيا ته انهن به ڀاڄوڪڙ چئي در بند ڪري ڇڏيو سڪينه
گھڻي ئي چيو ته مون حق شرعي ڪيو آهي توهان منهنجي ڳالهه ڪانه
مڃي منهنجي هڪ پوڙهي سان ٿي شادي ڪرائي آئون عاقل بالغ آهيان
ڀاڄوڪڙ نه آهيان سڪينه ڏاڍو رني پر ڪجھه به نه وريو نيٺ ٻئي
ڄڻا پنهنجو گھر اڏي اچي رهيا جتي ٻئي خوش گذارڻ لڳا ڪجھه وقت
کان پوءِ هنن کي هڪ نياڻي به ڄائي جنهن جو نالو مومل رکيائون
.هي ڏاڍا خوش هئا پر سڪينه کي ڀاڄوڪڙ جو لفظ اندران ئي اندران
وڍي رهيو هو هڪ ڏينهن سڪينه اهو داغ کڻي هميشھ واري ننڊ سمهي
پئي . اقبال هاڻ اڪيلو ۽ اداس رهڻ لڳو هن کي اهو ويچار هو ته
هنن جي پيار جي نشاني کي ڪنهن جي حوالي ڪري هڪ ڏينهن هي مومل
کي وٺي پنهنجي مائٽن وٽ آيو انهن کي سڪينه جي موت جي به خبر
ٻڌائي اهو ٻڌي هو ڏاڍا خوش ٿيا پر سڪينه جي ڌيءَ مومل کي اهو
چئي ڪڍي ڇڏيائون ته هيءَ ڀاڄوڪڙ جو اولاد آهي هيءَ هن گھر ۾ نه
رهندي باقي تون ڀلي رھ جنهن تي اقبال چيو ته جنهن گھر ۾ منهنجي
جگر لاءِ جڳهه نه آهي اهو گھر منهنجي لاءِ دوزخ آهي آئون هن
گھر ۾ نه رهندس ۽ اهو سمجھي ڇڏيو ته اڄ کان پوءِ اوهان جو پٽ
اقبال مري ويو ائين چئي اقبال مومل کي وٺي اتان نڪري ويو اقبال
زخمي دل سان وري سڪينه جي مائٽن وٽ آيو انهن به اهوئي چيو ته
ڀاڄوڪڙ جو اولاد آهي اسان هن کي نه رهائينداسون هن کي گھر ۾
رهائي پنهنجي پاڻ کي بدنام نه ڪنداسين .پهرين اهو داغ لاهي اچ
پوءِ اسين حاضر آهيون اقبال ڪافي پريشان ٿي ويو هاڻ هو ڪري ته
ڇا ڪري ؟ هنن منهنجي اولاد کي ڀاڄوڪڙ جو لفظ ڏنو آهي پر نه نه
مون کي همت ڪرڻ گھرجي مون کي پنهنجي پيار جي نشاني کي منزل تي
رسائڻو آهي جيڪڏهن آئون هاري ويٺس ته هن جو ڇا ٿيندو هن جو ڪير
به ته نه آهي . اڄ کان مومل جو پيءُ به آئون آهيان ماءُ به
آئون آهيان . اقبال سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهندو هڪ ڏينهن هن اهو
شھر ئي ڇڏي ڏنو وڃي ٻئي شھر ۾ رهيو اتي هن خوب محنت ڪئي ۽ مومل
کي علم جي زيور سان مالا مال ڪيو . وقت جو ڪانٽو پنهنجي رفتار
سان هلندو رهيو .سيڪنڊ منٽن ۾ ،منٽ ڪلاڪن ۾ ،ڪلاڪ ڏينهن ۾ ،
ڏينهن مهينن ۾ ، مهينا سالن ۾ گذرندا ويا . مومل اچي جوان ٿي
جڏهن هن جو رشتو آيو ته اقبال وٽ جيڪي ڪجھه هو هن کي دعائن
سميت ڏيئي شادي ڪرائي ڇڏي .هاڻ هي اڪيلو رهجي ويو .اڪيلائي
ڪارو ناگ هوندي آهي . اڪيلائي هن کي هر وقت پريشان ڪندي رهي
ڀاڄوڪڙ جو لفظ جڏهن هن جي خوابن خيالن ۾ ايندو هو هي ڇرڪ ڀري
روئي پوندو هو ۽ چوندو ته اسان سچو پيار ڪيو پر پيار جي بدلي
بدنامي جو داغ ڀاڄوڪڙ مليو ائين هيءُ سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿيندو
رهيو پريشانيءَ هن کي بيماري جي بستري تي ڪيرائي وڌو ڪير به نه
هو جيڪو هن جو ساٿ ڏي آخر هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جڏهن هي به داغ
پنهنجي نرڙ تي کڻي وڃي پنهنجي سڪينه سان مليو.
April 27, 2008 |
|
|
 |
|
 |
 |
|
|
Name
شھنيلا
خادم گھراڻو
Occupation
Writer
City
Interests
Contact
|
|
 |
|
 |
|
 |
|
 |
|
 |
 |
|
 |
|
Previous
Stories |
 |
|
شريفان
مينهوڳيءَ کان پوءِ
ڀاڄوڪڙ جو داغ
پرايو پاپ
پٿر دل انسان
بدلو
|
 |
|
 |
 |
|
|
|
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
 |
|