www.mehranmag.com

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

امن ڪٿي آهي!

 

ملڪ جي افسوسناڪ حالت کي محسوس ڪندي هر باشعور انسان اندرئي اندر ۾ ٻڙڪي رهيو آهي هڪ طرف ملڪ مان سياسي استحڪام ختم ٿيندو نظر اچي، ٻئي طرف الهڙبازي، بهتان بازي، نفرت ۽ حقارت لا اينڊ آرڊر سيچوئيشن جو هاڃو تعليم جي تباهي مهانگائي جو موت نسلي جهڳڙا، لاقانونيت ۽ گهڻو ڪجهه جيڪو هڪ اسلامي مملڪت ۾ نه هئڻ گهرجي، سنڌ مان انڊسٽريل ايريا ۽ وزيٽرس انڊسٽري سان گڏ انويسٽمينٽ ڪمپنين جو خاتمو ۽ ڌاڙيل فيڪٽر، هڪ قوم وارو احترام ختم ٿيندو نظر ٿو اچي. قديمي وسنديون ڊاهي غنڊه گردي کي فروغ ڏنو ٿو وڃي، هڪ تاريخ کي ختم ڪيو ٿو وڃي قبضا گروپ ثقافت کي هاڃو رسائي رهيا آهن، جڏهن جنهن به رياست ۾ ان جو باقي ڪجهه به نه بچي نه ٻولي هنر نه ثقافت، ڪلچر نه تاريخ جاگرافيائي حيثيت نه باشندا نه درياءَ ۽ رانديون ته پوءِ ان جي زنده رهڻ ۾ ڪهڙي هجت سامهون ايندي، ڇا سنڌ ۾ اڄ کان 5سئو سال پراڻي ريت پريت جو وجود آهي؟ اهي ڳاڏيون ۽ رانديون لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ ادبي ميلا ۽ درياءَ هنر ۽ ثقافت نصاب ۽ تعليم فيصلا ۽ ڪلچر نه ته پوءِ ٻئي سان ڇا جي قرباني ڏيڻي پوندي، اجتماعي جدوجهد قرباني سوا ناممڪن آهي ڇا اسان ماضي کي سنهري بابن ۾ سانڍي رکڻ جا عادي بڻجي چڪا آهيون؟ ڇا اسان پراڻيون ڪهاوتون دهرائي دل بهلائيندڙ قوم رهيا آهيون؟ اسان جي وڏڙن وڏا نعرا هنيا جيل اکاڙيا، ڌارين کي منهن ۾ لغام ڏنو، ڌرتيءَ جي چپي چپي جي حفاظت ڪئي پوءِ پنهنجي ايندڙ نسل مان ڪهڙيون اميدون رکون ته هو اسان کي جديد قومپرستيءَ جي تباهي جو امام ڃاڻيندا.

پوري دنيا تسليم ٿي ڪري ته آمريڪا ننڍو ٻيٽ هئو ڪجهه صدين جو جيڪو پنا ۽ دٻا ميڙي وقت جي وير ۾ وڌي وڌي مملڪت ٿو بڻجي وڃي، ۽ قديم هزار ها سال واري سنڌ ان جي ڀيٽ ۾ پتڪڙي ٿي نظر اچي، بهادر اهي يا سنڌي؟ ڪارائتا ۽ لاڀتا!! انهن جا قدم يا سنڌين جا؟ هڪ طرف ننڍڙي قدامت وارو جاپان جتي تباهيون هر سال نئون روپ وٺي نازل ٿيون هجن انهن تباهه ڪارين تي امداد جو اوسيئڙو ڪين ڪيو، بلڪ نئين حڪمت علميءَ سان جاپان کي دنيا جي سيني تي چمڪايو اهڙيون قومون دنيا جي نقشي تان هميشه لاءِ مٽجي وينديون آهن، جن جي گفتار ۽ ڪردار ۾ تضاد هجي جيڪي چون ته سڀ ڪم ڪو ٻيو ڪري مان صرف لٻاڙ ۽ ٻٽاڪ ۾ پورو هجان، عورتون ڪمائين اسان نراڙ تي ٽوپي رکي چانهن جون چسڪيون ۽ هوٽل تي فلمون ڏسون ميلا ۽ جهميلا ڏسون، جنهن جاءِ تي هڪ ٻئي خلاف نفرتون ۽ ڪيس هجن هڪ جيل ۾ ڏهه ڏهه وڪيلن پوليس ۽ عدليه ۽ وڏيرن جي اڳيان پويان ڦرندا وتن وقت جي بيجا ذيان مان ڇا ملڪ ترقي ڪندو، انهن کي ڏسو جيڪي اوهان جي اکين اڳيان ڪجهه به ڪين هئا، اهي سڀ ڪجهه بڻجي ويا، اوهان جي هر هڪ شي تي قبضو ڄمائي مهذب سڏجڻ لڳا، اوهان منجهان جعفر صادق پيدا ڪيائون مٺا لفاظي پيڙا کارائي ملڪي مکيه مشينريءَ جا پرزا بنجي ويا اوهان پنهنجي حيثيت ڪيتري ٿا ڀانئيو؟ اوهان مٿان وڏيون ثقافتي يلغارون ٿيون پر اوهان ٻين تي ڀاڙيو اسان به لکي فرض ٿا پورو ڪريون، اسان کان به ڪجهه ڪين ورندو، اسان به ڏوهي جديد قوم پرستيءَ کي ٿا بڻايون، هر هڪ جي آڱر ٻئي طرف کنيل آهي ” دانهون ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ٻروچ جو“ اسان جي ليڊرن جي حالت اها آهي ته ٻڪرن وانگر ڪسندا ٿا وڃن، اسان حقيقي دشمن بجاءِ پنهنجن کي ڏوهي بيهاريون ٿا، اسان  سان جيڪي هاڃا ٿين ٿا، جيڪي اسان جا دشمن آهن، تن کي ڀر جهلو ٿاڄاڻون اسان جا دٻدٻا صرف پنهنجن کي ڦريون به پنهنجن کي ماريون به پنهنجن کي ته ڪيس به  پنهنجن تي ته تباهه به پنهنجا اثاثا ڪريون، اڳتي سوچ ڌاريون ئي ڪين، اسان وٽ جڏهن علم نه رهيو  ته ملازمتون ڪنهن کي ملنديون سياسي استحڪام رهيو ئي نه ته حق ڪهڙي صورت ۾ وٺنداسين، اسان پيٽ جي دوزخ کي اجهائي ڪين سگنداسين ته ڌرتيءَ جا مامرا ۽ مسئلا ڪيئن اٿارينداسين نٻل قومون ريڊ انڊين وانگر ڪيڙا کائي انگ اگهاڙا اوباش اڳيان باندر وانگر نچنداسين اها حب الوطني ڪهڙي جيڪا لٻاڙ جي آسري جيئري رهي اچو ته جوش بدران هوش کان ڪم وٺون وستي وستي پنهنجائپ جا ناتا پوکيون عالم ۽ اڪابر پيدا ڪريون، هنر مند، هوشيار ۽ گهڻگهرا تيار ڪريون ويڇا ۽ نفرتون دوکا ۽ فريب ختم ڪري پيار ۽ پاٻوهه سان ويهون، اچو ته امن واري ماٿر تي امن پوکيون دنيا جون نظرون کڄن ته هڪ عظيم ڌرتيءَ جي عظيم قوم ڏسن، ڀلا ساڳي ڏر تان ڪيسين ڏنگجون! جڏهن وفاق کي ضرورت پئي ته ٻڏل ٻيڙي کي ڀٽو ئي بچائي سگهي ٿو چئي کيس گهرائي ملڪ جون واڳون سندس حوالي ڪيون ويون، ماريو ويو ڪيئي الزام مڙهيا ويا ۽ بيجها الزامن تحت هڪ عظيم انسان جي شهادت ٿي هر طرف مايوسيءَ ڪرُ ڪنيو پر وري ٻڏل ٻيڙيءَ جو سهارو بينظير جي روپ ۾ نمودار ٿيو ان نياڻيءَ کي به سڪون سان ملڪ جي خدمت ڪرڻ ڪانه ڏني وئي، سندس خلاف ڪيترائي تونک ستارا نکري نروار ٿيا، سوين ڪيس ڪورٽن جي زينت بڻيا، ڪنهن به ڪيس ڪا حقيقت ڪانه ماڻي، سڀ جا سڀ التويٰ ۾ ئي رهجي ويا، اهڙي دونهاٽيل ماحول ۾ ملڪ جي باشندن جون نظرون وري به محترمه  طرف کڄيل هيون کين اها به ڄاڻ هئي ته اسٽبليشمينٽ وارا کيس اختيار کي سسائي سوڙهو بڻائي پنهنجي اصولن تي هلائيندا پر هن بيباڪ بهادر سنڌي ناري پيءُ واري بهادري ۽ هوشوءَ واري هوڏ هڻي هن ڪاري طوفان ۾ ڪڏي  ڪاهي پيئي، محترمه کي نار وارو ڏيوالپڻو ۽ معاشي صورتحال تحت اڳتي وڌڻو پيو نه صرف ايترو بلڪ ملڪ جا نام نهاد ڌڻي گهر وڃي کيس يقين ڏياريندا رهيا ته ڪوبه آپگهاتي حملو ۽ ڪوئي به گوليءَ جو اڌڙوٽ اوهان طرف ڪين وڌندو، حڪومت کي هر حال ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، عوام جو مينڊيٽ ته وٽس هيو، پر هن غريب يزيدي بعيت جي ڄاڻ نه رکي اڃ سنڌ ۾ هزارين مسئلا ڪرُ کنيو اٻهرا بيٺا آهن، ڪير آهي جو ان حالتن کي قابوءَ ۾ رکي؟ هڪ وڏي بلا وات ڦاڙيون سنڌوءَ کي ڳڙڪائڻ ٿي گهري، هاڻي ته نه سر رهيو نه سار رهي نه علم رهيو نه عقل رهيو، هيءَ ڌرتي جنهن هزارين ڳجهون حملا آور آهن ڪير بچائيندو، اسان وٽ ذهنن جي اصل کوٽ ڪانهي پر اسان پاڻ ۾ اٽڪيل ۽ الجهيل آهيون.

هاڻي اسان کي  وڃائڻ جي لاءِ باقي ڪجهه نه بچيو آهي، اسان جي نرڙ ۾  اداسي جا گهنج ۽ مايوسيءَ جون ريکائون اوهان کي محسوس ڪرڻيون پونديون هڪ هڪ ڪري ڇيلن جيان ڇوٿا ڪسجون اچو ته ڏيهه جي ڏائڻ کي ڪا نڪيل وجهون يا سڀئي سيد جا پوءِ لڳ ممتاز ڀٽو، قادر مگسي، بشير قريشي، رسول بخش پليجو، خالق جوڻيجو، آريسر، ڪالاڻي ۽ سڀ گڏائي هڪ هنڌ رکون ته بکايل ڍلو پيٽ پري نه بچي بانس نه وڄي بانسري هاڻي اهي ئي اسان جي ملڪيت اٿوَ جي اڃا کڻي ڪرُ ڪنِ ته پوءِ اميم فهيم سوڌو اسان جا ٻچا به حاضر آهن، من ڪو بکئي جو پيٽ ڀرجي من ڪا ڏيهه ۾ جڳ جوتي ٿئي من ڪو ڏاهر جي ڏيهه ڏي موٽ ٿئي، من ڪي امن جا پکي اڏرن شال دولابن جي ديو کي ڏانگهه ٿي رکيو وڃي هن ڪا ڀونءِ ڀلاري ٿئي محترمه جي موت اسان کي واقعي نڌڻڪو ۽ ڇڙواڳ ڪري ڇڏيو آهي ڌرتي تي امن ويڳاڻو ٿو لڳي.

امن ٻڌون پيا هلي پيو ٿو، امن ڏسون ٿا هلي پيو ٿو،

ننگن جي سيني هليون ته گوليون ڪتو امن کي ڳهي پيو ٿو.

اچو ته کين اتر ۾ ڌرتي جا ڏاها ۽ ڪتب خانه به ڏئي ڇڏيون. هوءَ به اسان جي ڌرتيءَ کي انهن جي ضروت ڪانهي رهي جڏهن اسان سنڌ جا ڪتب خانا پاڻ ٿا ساڙيون جڏهن سان سنڌ جي سنيڌ پاڻ ٿا اجاڙيون ته پوءِ ٻين تي آڱر کڻڻ ڪين ٿي سونهين اچو ته پاڻ کي ظالم حڪمرانن ۽ منافق حڪرانن ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن جي رحم وڪرم تي ڇڏي ڏيون، هڪ ٻئي  جي ڄنڊا پٽ ڪريون ڌرتيءَ جا سڀ مسئلا ڇڏي ڏيون هاڻي ڏسون ته اسان ڪهڙي نظرئي ۽ پروگرام تي هلڻ جي هدايت ٿي ٿئي، ملڪ ڪهڙي سنوت ۾ ٿو هلي، بندوق ڪنهن جي ڪلهي تي ۽ لاش ڪير ٿو ڍوئي اجتماعي جدوجهد عظيم قربانين جي پاڇولي ۾ لڪل هوندي آهي، ڇا ته ڪري چڪا آهيون جي اڄ به تاريخ جي تلخ تجربن مان ڪين پرايو سين ته پوءِ خيرات وٺڻ لاءِ هٿ ئي سلامت ڪين رهندا.

امن اسان جو گولين آ گهايو

امن اڌارو اٿو ته ڏيو ڪو امن اسان ۾ اچي ورهائيو.

 

 

Name

Ahmed Ali Sabir Chandio

احمد علي ”صابر“ چانڊيو 

Profession

Poet

Writer

Job

Area manager

State life insurance company

City

Larkana

Book written

 

 

Interests

 

Contact

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Previous Articles

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan