سنڌ منهنجو ساھ، سنڌ منهنجي جان

  www.mehranmag.com

Best view 800 X 600 pixels   مهراڻ ميگ کولڻ لاءِ مهرباني 

Author's Profile

گجر جا طبي فائدا

حڪيم نذير احمد شيخ

Email- info@nazirherbals.com

گجر کي عربي ۾ جزر فارسي ۾ گزر، اردو ۾ گاجر   ۽ انگريزي ۾  Carrotچئبو آهي، انسان ذات جي صحت ۽ تندرستي کي تازو توانو ۽ طاقتور رکڻ لاءِ مختلف موسم ۾ مختلف ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ شيون پيدا ڪيون آهن، خدا پاڪ جي خلقيل هر کاڌي جي شيءِ ۾ ڪا نه ڪا شفا ۽ حڪمت پوشيده آهي، انسان جو ڪم آهي ته جستجو ۽ تلاش ڪري انهن فائدن مان فيض حاصل ڪري پاڻ کي صتحمند رکي عام طور تي سياري جي موسم ۾ گجر زياده تعداد ۾ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ موجود هوندو آهي، گجر کي ڀاڄيءَ طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ فروٽ طور ۽ سلاد طور به کائي ۽ جوس ڪڍي استعمال ڪري سگهجي ٿو، قيمت جي لحاظ کان تمام سستو ۽ فائدي جي لحاظ کان تمام سٺو ميوو آهي، گـَجـَر رنگ جي لحاظ کان عام طور تي ڳاڙهو گلابي شربتي رنگ وارو ٿيندو آهي، ذائقي جي لحاظ کان مٺو خوشبودار ۽ معمولي سخت هوندو آهي، گجر جو جوس نهايت ذئقيدار هوندو آهي، جيڪو جوسر مان ڪڍڻ سان فورن پيئڻ گهرجي، ٿوري دير رکڻ سان ذائقو تبديل ٿي سگهي ٿو، مڪس ڀاڄي ۾ يا اڪيلي گجر جي ڀاڄي پڻ کائڻ ۾ سٺي ٿيندي آهي، گجر ۾ نشاستو، فولاد، پروٽين، گلوڪوز، وٽامن اي پي ايڇ ۽ ائي شامل آهن، ان جو مزاج معتدل آهي. گجر مفرحِ مقوي جسم ۽ قوت بخش آهي، مادي توليد کي گهاٽو ڪري ٿو ۽ پيشاب جالارو يعني کـُلي اچي ٿو، گجر ۽ موسمي نارنگي کي ملائي جوس ڪڍي پيئڻ سان مثاني ۽ گردي جي پٿري ڀـُري نڪري ٿي، سياري جي موسم ۾ گجرن جو حلوو اڪثر ڪري تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪو کائڻ ۾ نهايت لذيذ ٿئي ٿو، گجرن جي حلوي ۾ خالص گيهه وجهي مختلف قيمتي جڙي ٻوٽيون ملائي تيار ڪجي ته قوت مردانه لاءِ نهايت شفا بخش شيءِ تيار ٿي سگهي ٿي، گجر ۾ سڀني ڀاڄين کان وڌيڪ غذائيت موجود آهي، گجرن جو مربو کائڻ سان اکين جي نظر برقرار رهي ٿي، بينائي تيز ٿئي ٿي، دل دماغ کي طاقت حاصل ٿئي ٿي. اسان جي مطب ۾ تيار ٿيندڙ معجون شفا جيڪا جسماني دماغي اعصابي ڪمزوري دور ڪرڻ، مٿي جي سور ۽ ويسر کي ختم ڪري يادداشت بهتر بنائڻ لاءِ نهايت مفيد آهي، ان ۾ ٻين مربن سان گڏ مربو گجر ۽ مختلف جڙي ٻوٽين سان ملائي معجون تيار ڪئي وڃي ٿي. گجر جا ٻج مقوي اعصاب آهن ۽ عورتن ۾ رڪيل حيض جاري ڪرڻ لاءِ ٻين دوائن سان ملائي کارائڻ سان فائدو ٿئي ٿو، گجرن جو آچار پڻ اڪثر گهرن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ماني سان گڏ کائيندي نهايت ذائقيدار ۽ هاضمي وارو ٿئي ٿو، معدي کي قوت بخشي ٿو، جن ماڻهن کي بک گهٽ لڳندي هجي، کاڌو خوراڪ جسم کي نه لڳندو هجي، ڏٻرائي ۽ دماغ کي چڪرائيندا هجن، جسم ۾ رت نه ٺهندو هجي، سائي يرقان هجي انهن کي گهرجي ته صبح جو نيراني گجر ۽ صوف کي ملائي جوس ڪڍي هڪ ٻه گلاس حسب هضم پيئڻ گهرجي، ڪڏهن گجرن سان گڏ موسمي، نارنگي به ملائڻ گهرجي، هي جوس هر وقت تازو پيئڻ گهرجي، جوس کي اڃا وڌيڪ شفا بخش بنائڻ خاطر سياري ۾ ٿوري ماکي به حسب ذائقه ملائڻ گهرجي، يرقان سائي واري مريض کي مٺاڻ لاءِ مصري ملائڻ گهرجي، پيشاب جي جلن، سوزاڪ ۽ ساڙي لاءِ پڻ گجرن جو جوس مفيد آهي، گجرن کي رات جو پاڻي ۾ ٽهڪائي نرم ڪري صبح جو نيراني کائڻ سان معدي ۽ پيٽ جو اصلاح ٿئي ٿو، جسم ۾ طاقت توانائي محسوس ٿئي ٿي. جيڪي کير پياريندڙ عورتون جن کي ٿڃ يعني کير گهٽ لهي ٿو ان جو مقدار وڌي ٿو ۽ ٻار کي پڻ اهڙي کير مان طاقت ملي ٿي. گجر ۽ مـُوريءَ کي هميشه صاف پاڻي سان ڌوئي خشڪ ڪري پوءِ کائجي، سياري جي موسم ۾ هن بهترين ميوي مان ڀرپور فائدو وٺجي، ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي ته هڪ ئي وقت گهڻي مقدار ۾ گجر نه کائجن بلڪه پنهنجي طبيعت مطابق ۽ حسب هضم کائڻ گهرجي.

ميٿي جا طبي فائدا:

ميٿي به هڪ مشهور ساڳ آهي، ان جي تازن نرم پتن جي ڀاڄي پچائي کائي ويندي آهي، مٿي جا پتا ۽ ٻج بطور دوا استعمال ڪيو ويندو آهي، آچار ٺاهڻ  دوران خوشبو ۽ ذائقي لاءِ ميٿي وڌي ويندي آهي، ڪنهن به ٻوڙيا ڀاڄيءَ ۾ ميٿي ملائڻ سان ان ۾ هاضمو بهتر ٿئي ٿو، خوشبو ۽ ذائقو اچي ٿو، پاڪستان ۾ سڀ کان سٺي ميٿي قصور پنجاب ۾ ٿيندي آهي، ميٿيءَ جي جزن ۾ فولاد وٽامن اي بي ۽ سي شامل آهي ۽ مزاج جي حوالي سان گرم خشڪ آهي، ميٿي جي پتن کي گرم ڪري ڪنهن به جاءِ تي ورم ۽ سوڄ هجي ته ٽاڪوڙ ڪرڻ سان ورم تحليل ٿي وڃي ٿو، ميٿي بک پيدا ڪري ٿي ۽ هاضمي کي درست رکي ٿي، مثاني کي طاقت ڏئي ٿي، ميٿي جا ٻج گوکهرو برابر وزن ملائي جوشاندو تيار ڪري صبح شام پيئڻ سان عورتن ۾ حيض کلي اچي ٿو، قوت اعصاب لاءِ جسماني ڏڪڻي ۽ رعشي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ميٿي نهايت مفيد آهي، ميٿي جي جوشاندي ۾ ماکي ملائي پيارڻ سان دم ۽ سهڪي جي بيماري ۾ فائدو ملي ٿو، بلغم آساني سان ٻاهر نڪري ٿو، تخم ميٿي کي عرق گلاب خالص ۾ گـَهـِي ملائي رات جو چهري تي لڳائي صبح جو منهن ڌوئي ڇڏجي ان سان چهري جو رنگ صاف چٽو ڳورو ٿيندو، تخم ميٿيءَ کي پاڻي ۾ جوش ڏيئي ڇاڻي ان پاڻي سان مٿي جا وار ڌوئجن ته وار ملائم ۽ وڏا ٿيندا، اسان پنهنجي دواخاني ۾ جيڪا شگر جي بيماري ڪنٽرول لاءِ جوشاندي جو نسخو ڏيندا آهيون، ان جو اهم ۽ خاص جز تخم ميٿي آهي، مطلب ته قدرت واري انسانذات لاءِ بيشمار قدرتي جڙي ٻوٽيون خلقيون آهن، هر شيءِ جو پنهنجو پنهنجو فائدو ۽ فيض آهي. ڪو به طبي مشورو خط لکي ايڊريس عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد کان جوابي لفافو ايڊريس لکيل موڪلي جواب حاصل ڪري سگهن ٿا.

(Courtesy Daily Ibrat hyderabad)

 

 

 

 

 

 

 

Previous Articles

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Current Date:

 

2008-2009 Copyright © mehranmag.com info@mehranmag.com
This website is developed and Managed by
SindhSoftTech Larkana,Pakistan